وڏي وزير مراد علي شاهه ايشيا ڪپ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ميزباني لاءِ 100 ملين رپين جي منظوري ڏني

وڏي وزير مراد علي شاهه ايشيا ڪپ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ميزباني لاءِ 100 ملين رپين جي منظوري ڏني

Posted on: 17 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (16 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايشيا ڪپ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ 10 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ، پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ ڪائونسل (PWCC) لاءِ سالياني 1.5 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ ۽ قومي ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هڪ خاص ڪسٽمائيزڊ ڪوسٽر (مني بس) ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ اهو اعلان هن اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻه ڀيرا ايشيائي چيمپيئن رهندڙ پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات دوران ڪيو. هن ملاقات ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، راندين واري وزير محمد بخش مهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا وسيم، ۽ ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبيلٽيز (DEPD) جو سيڪريٽري طلحہ فاروقي شرڪت ڪئي. وفد ۾ پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر رخسانه راجپوت ۽ ٽيم جو ڪپتان محمد ذيشان شامل هئا جن وڏي وزير کي ايندڙ عالمي ويل چيئر ڪرڪيٽ مقابلن بابت بريفنگ ڏني۔ ملاقات دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ويل چيئر ڪرڪيٽ سيريز سيپٽمبر 2025 ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي جڏهن ته ايشيا ڪپ 2025 جي ميزباني پاڪستان ڪندو جيڪو آڪٽوبر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کيڏو ويندو. ايشيا ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ملڪن ۾ پاڪستان، نيپال، سري لنڪا، بنگلاديش، گڏيل عرب امارات، ۽ امڪاني طور ڀارت شامل هوندا. وڏي وزير مراد علي شاهه ٽورنامينٽ جي ڪامياب انعقاد ۽ ٽيم جي سگهه وڌائڻ لاءِ 10 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ، PWCC لاءِ سالياني 1.5 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ ۽ قومي ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هڪ خاص ڪوسٽر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وڏي وزير راندين واري وزير محمد بخش مهر کي هدايت ڪئي ته فوراً حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم جي مرمت ۽ ايشيا ڪپ ميچز جي تيارين جو ڪم شروع ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته

"اسان پُرعزم آهيون ته ايشيا ڪپ شاندار ۽ وقاري نموني سان منعقد ڪجي. اسان جي ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم قوم جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ اسان کي کين اهي سڀ سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن جن جا اهي حقدار آهن۔" وڏي وزير ٽيم جي ڪپتان محمد ذيشان کي سندس شاندار قيادت ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي جي اعتراف طور روايتي سنڌي سوکڙيون اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪيون. ملاقات سنڌ حڪومت جي معذور رانديگرن لاءِ راندين جي ترقيءَ بابت وڌندڙ وابستگي کي ظاهر ڪري ٿي. پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جيڪا لڳاتار ٻه ڀيرا ايشيا ڪپ جي فاتح رهي آهي، هاڻي بهادري، عزم، ۽ راندين جي شاندار ڪارڪردگيءَ جي علامت بڻجي وئي آهي۔

Back