وڏي وزير مراد علي شاهه جو 3 کدڙن فقيرن جي قتل جو نوٽيس

وڏي وزير مراد علي شاهه جو 3 کدڙن فقيرن جي قتل جو نوٽيس

Posted on: 24 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (21 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽن کدڙي فقيرن جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪئي، ٽن صًفائي عملي جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ عالمي ڏينهن امن جي موقعي تي هڪ اهم پيغام جاري ڪيو۔

وڏي وزيرٰ ميمڻ گوٺ ۾ ٽن کدڙي فقيرن جي قتل جو سخت نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر جنرل پوليس کي فوري طور قاتلن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو۔ هن چيو ته کدڙا فقير معاشري جي سڀ کان وڌيڪ پسمانده طبقي ۾ شامل آهن جن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ لازمي آهي۔ هن زور ڏئي چيو ته رياست ڪنهن به بيگناهه يا ڪمزور شهري جي قتل کي برداشت نه ڪندي۔

گارڊن علائقي ۾ گٽر۾ نيڪالِ جي صفائي دوران ٽن ورڪرن جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اهڙا فرد معاشري جو قيمتي سرمايو آهن، جيڪي انتهائي مشڪل ۽ خطري وارا ڪم سرانجام ڏين ٿا۔ هن اسپتال ۾ تشويشناڪ حالت ۾ منتقل ٿيل هڪ ڄڻي جي علاج لاءِ مڪمل سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي۔

Back