وڏي وزير مراد علي شاهه جو شاهراهه ڀٽو جو بنا پروٽوڪول اوچتو دورو

Posted on: 07 Apr 2025 Tags:ڪراچي (30 مارچ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شاهراههِ ڀٽو جو اوچتو دورو ڪيو ۽ بنا ڪنهن سرڪاري پروٽوڪول جي جاري ترقياتي منصوبن جو معائنو ڪيو۔
دوري دوران، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جام صادق انٽرچينج جي تعميراتي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ اختيارين کي هدايت ڪئي ته ان کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي۔ وڏي وزير چيو ته انٽرچينج جي مڪمل ٿيڻ سان شاهراهه ڀٽو تي ڊي ايڇ اي ۽ ڪورنگي جي ٽريفڪ لاءِ ڌار رستو موجود هوندو۔
مراد علي شاهه اختيارين کي ڪورنگي ڪاز وي پل جي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان جي جلد مڪمل ٿيڻ تي زور ڏنو ته جيئن علائقي ۾ ٽريفڪ جام جا مسئلا گهٽايا وڃن۔ ان کانسواءِ ، وڏي وزير ٰ شاهراههِ ڀٽو جي قائدآباد انٽرچينج کي جلدي کولڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي حتمي ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ وزيراعليٰ سنڌ
وڏي وزير مراد علي شاهه جو شاهراهه ڀٽو جو بنا پروٽوڪول اوچتو دورو
وڏي وزير پاران جاري ترقياتي منصوبن جو معائنو، جام صادق پل 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم
وڏي وزير پاران قائدآباد انٽرچينج کي جلد کولڻ جي به هدايت
ڪراچي (30 مارچ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شاهراههِ ڀٽو جو اوچتو دورو ڪيو ۽ بنا ڪنهن سرڪاري پروٽوڪول جي جاري ترقياتي منصوبن جو معائنو ڪيو۔

Back