وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري

وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري

Posted on: 15 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (14 اپريل 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي سڄي صوبي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف سخت ڪارروائي جاري آهي. ان حوالي سان ٽريفڪ پوليس 4 کان 14 اپريل 2025ع تائين جي اڳڀرائي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي. رپورٽ موجب هلميٽ نه پائڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي 7860 موٽر سائيڪلون ضبط ڪيون ويون. فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارا شيشا لڳل 596 گاڏين خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي. ان کانسواءِ 193 هيوي ٽرانسپورٽ گاڏيون (ڊمپر ۽ ٽينڪر) فٽنيس ۽ مقرر ڪيل رفتار کان تيز هلائڻ تي چالان ڪيون ويون. ٽريفڪ پوليس طرفان رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 25  گاڏين جي فٽنيس نه هجڻ سبب رجسٽريشن مستقل طور رد ڪئي وڃي، جڏهن ته 144 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور معطل ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ هدايتون ڏيندي چيو تھ شھر جي روڊن تي هيوي گاڏين جي رفتار 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. ھن چيو تھ هلميٽ کان سواءِ موٽر سائيڪل هلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ فينسي پليٽن ۽ ڪارن شيشن واري گاڏين کي فوري چالان ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو تھ غير فٽ ۽ غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف زيُرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. ھن چيو تھ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سخت اپاءَ ورتا وڃن ۽ ٽريفڪ قانونن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

Back