سنڌ ۽ ايٿوپيا ۾ گڏيل گرين انيشي ايٽو جو آغاز ـ ماحولياتي تبديليءَ خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق
سنڌ ۽ ايٿوپيا ۾ گڏيل گرين انيشي ايٽو جو آغاز ـ ماحولياتي تبديليءَ خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق
Posted on: 21 Aug 2025 Tags:ڪراچي (16 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ايٿوپيا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ماحولياتي تبديليءَ سان منهن ڏيڻ، وڏي پيماني تي وڻڪاري ۽ ساوڪاڻ ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون۔ وفد جي اڳواڻي ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله ڪئي۔ وفد ۾ اعزازي قونصل جنرل ابراهيم خالد طواب، گرين ڊائلاگ ۽ ماس پلانٽيشن سيڪٽر جا نمائندا، پاڪستان-ايٿوپيا بزنس ڪائونسل جا ميمبر، ماحولياتي تبديليءَ جي ماهر رماله علي اووئل، ڊاڪٽر اڊفريس ورڪو، فاديلا بيا اباميچا (نائب صدر يوٿ ايسوسيئيشن) ۽ صومالي ريجن يوٿ اينڊ گرين ليگيسي جو صدر شامل هئا۔ سنڌ حڪومت پاران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، سيڪريٽري ماحوليات ۽ ڪلائميٽ چينج زبير چنه، سيڪريٽري فاريسٽس، چيف ڪنزرويٽر رياض وگن ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا۔ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي وڏي وزير چيو اسان هن معزز وفد جي ميزباني ڪندي خوش آهيون ۽ هن موقع کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ته جيئن بامعنيٰ ڳالهيون ڪريون، ڄاڻ جو ڏي وٺ ڪريون ۽ باهمي دلچسپيءَ وارن شعبن ۾ تعاون وڌايون۔ اوهان جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن ۽ تعاون جي مضبوطيءَ جي علامت آهي ۽ اسان انهن رشتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون۔ ايٿوپيا جي وفد وڏي وزير کي گرين ليگيسي انيشي ايٽو بابت بريفنگ ڏني جنهن تحت 2019 کان اڄ تائين 40 ارب کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا آهن، جڏهن ته 2026 تائين 50 ارب وڻ پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ هن منصوبي تحت 2025 جي پڄاڻي تائين وڌيڪ 7.5 ارب وڻ پوکيا ويندا۔ سنڌ جي چئلينجن کي اجاگر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ماحولياتي تبديلي هڪ ناقابلِ ترديد عالمي حقيقت آهي۔ هن 2022 جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کي ياد ڪندي چيو ته ان آفت سنڌ ۾ 21 لک گهر تباهه ڪري ڇڏيا، زرعي زمين ۽ آبپاشي جو نظام برباد ڪيو، لکين ايڪڙ زمين پاڻي ۾ ٻڏي وئي ۽ معيشت کي بي مثال نقصان پهتو۔ هن چيو گرمي پد ۾ اضافي سبب شهري ٻوڏ، ٻيلن ۾ باھ، گليشيئرن جو ڳرڻ ۽ سمنڊ جي سطح مٿانهون ٿيڻ جا مسئلا هاڻي پري جا خطرا نه رهيا آهن پر اسان جي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن۔ وڏي وزير سنڌ حڪومت جي قدمن تي روشني وجهندي چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيز پروگرام تحت لڳ ڀڳ 6 لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 8 لک 57 هزار بنياد اڃا زيرِ تعمير آهن جيڪو هن علائقي جو سڀ کان وڏو آفت کانپوءِ رهائشي منصوبي آهي۔ ڪاربان فنانس/ڪريڊٽس تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون ۽ واحد صوبو آهي جيڪو پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل (DBC-1، DBC-2، DBC-3) تحت انٽرنيشنل ڪاربان ڪريڊٽ ٽريڊنگ رجيم لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي۔ هن چيو ته ڪاربان ڪريڊٽس ذريعي هاڻي تائين لکين ڊالر حاصل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايڪو سسٽم جو به تحفظ ڪيو ويو آهي۔ وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته 2010 کان 2025 جي وچ ۾ سنڌ 6 لک 75 هزار هيڪٽر زمين تي ٻيلن جي پوک ڪئي آهي، جنهن سان صوبي جي سائو رقبن ۾ نمايان واڌارو ٿيو آهي۔ ٻنهي ڌرين وڻڪاري، نون وڻن جي قسمن جي متعارف ڪرائڻ، پائيدار زراعت، ٻيلن جي ترقي، قابلِ تجديد توانائي، ڪاربان ٽريڊنگ ۽ صلاحيت وڌائڻ وارن پروگرامن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو۔ اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير سنڌ ۽ ايٿوپين وفد وڏي وزير هائوس ۾ وڻ پوکي سنڌ ۾ گڏيل گرين انيشي ايٽو جو باضابطه آغاز ڪيو۔
Back