وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اي ڊي بي پورٽ فوليو جو جائزو اجلاس
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اي ڊي بي پورٽ فوليو جو جائزو اجلاس
Posted on: 30 Dec 2025 Tags:ڪراچي (24 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊسمبر 2025 تائين سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي پورٽ فوليو جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. هن جاري ترقياتي سهڪار جي مجموعي حجم تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته منصوبن تي تيز رفتاري سان عملدرآمد ۽ فنڊز جي بهتر ۽ وقت سر جاري ڪرڻ تي زور ڏنو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد سردار شاهه، ڄام خان شورو، ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو صحت بابت خاص مددگار سليم بلوچ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف ريونيُو خالد حيدر شاهه شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن وقت سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جا پنج فعال منصوبا جاري آهن جن جي مجموعي سيڙپڪاري هڪ ارب ٽي سؤ اوڻيهه ملين آمريڪي ڊالر آهي. اهي منصوبا ٽرانسپورٽ، تعليم، صحت، سماجي ترقي، مالي شعبي ۾ سڌارا، پاڻي ۽ شهري ترقي جهڙن اهم شعبن تي مشتمل آهن. مجموعي پورٽ فوليو ۾ هاڻي تائين 67 سيڪڙو ٺيڪا ڏنا ويا آهن جڏهن ته 38 سيڪڙو مجموعي رقم جاري ٿي چڪي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ سنڌ جي اهم ترين ترقياتي ڀائيوارن مان هڪ آهي. هن چيو ته اهي منصوبا آمدورفت ۾ بهتري، تعليم ۽ صحت جي خدمتن جي مضبوطي، رهائشي بحالي ۽ صوبي ۾ موسمي لچڪ وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن، تنهن هوندي به بروقت تڪميل ۽ فنڊز جي تيز جاريگي کي اولين ترجيح بڻائڻ ضروري آهي. وڏي وزير ٽرانسپورٽ شعبي جي وڏن منصوبن جن ۾ ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) ريڊ لائين منصوبو ۽ سنڌ لاءِ هنگامي ٻوڏ امدادي منصوبو شامل آهن، تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ٻڌايو ته ٻوڏ امدادي منصوبي تحت ٺيڪن جي منظوري 90 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي، پر امدادي ۽ بحالي سرگرمين کي بنا دير جاري رکڻ لاءِ فنڊز جي جاريگي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. بي آر ٽي ريڊ لائين بابت وڏي وزير عملدرآمد دوران پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ريڊ لائين جهڙا ماس ٽرانزٽ منصوبا ڪراچي جي مستقبل لاءِ ناگزير آهن ۽ ڪنهن به دير جو سڌو اثر لکين مسافرن تي پوي ٿو تنهن ڪري سڀني عملدرآمد ڪندڙ ادارن کي گڏيل سهڪار سان نظرثاني ڪيل ٽائيم لائينز تي عمل ڪرڻو پوندو. صوبائي وزيرِ تعليم سردار شاهه تعليم ۽ سماجي ترقي جي شعبي ۾ اڳڀرائي بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، خاص طور تي سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ ۽ ان جي اضافي مالي مدد بابت، جيڪي سرڪاري تعليمي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم سيڙپڪاري آهن. وڏي وزير چيو ته انساني ترقي جي منصوبن تي لڳاتار ڌيان ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تعليم ۽ مهارتن جي ترقي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري آهي جيڪا ايندڙ ڏهاڪن تائين سنڌ جي سماجي ۽ معاشي سفر جو رخ طئي ڪندي. اجلاس ۾ پاڻي ۽ شهري ترقي جي شعبي تحت جاري سنڌ هنگامي هائوسنگ بحالي منصوبي جو به جائزو ورتو ويو، جنهن لاءِ 400 ملين آمريڪي ڊالر رکيا ويا آهن. وڏي وزير زور ڏنو ته ٻوڏ کان متاثر آبادي لاءِ رهائشي بحالي عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرن جي تعمير رڳو انفراسٽرڪچر جو معاملو ناهي، پر هزارين خاندانن جي وقار، تحفظ ۽ اميد جي بحالي سان جڙيل آهي. وڏي وزير صوبائي وزيرِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڄام خان شورو کي هدايت ڪئي ته هو 2025 کان 2028 تائين مستقبل جي منصوبن جو خاڪو ايشيائي ترقياتي بينڪ کي پيش ڪن جنهن ۾ ساحلي تحفظ، پائيدار ٽرانسپورٽ، گرين موبيلٽي، پاڻي ۽ صفائي، هائوسنگ، زراعت ۽ عوامي-نجي ڀائيواري تحت ترقياتي منصوبا شامل هجن. مجوزه منصوبا بندي پائپ لائين جي ماليت ڪيترن ئي ارب ڊالرن تي ٻڌل آهي جيڪا سنڌ جي ترقياتي ترجيحن ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ملڪي حڪمت عملي وچ ۾ مضبوط هم آهنگي کي ظاهر ڪري ٿي.
ايندڙ منصوبن جو آڌرڀاءُ ڪندي وزيراعليٰ چيو ته هي مجوزه پائپ لائين سنڌ جي اصلاحي ايجنڊا تي عالمي اعتماد جو ثبوت آهي ۽ صوبائي حڪومت شفافيت، ڪارڪردگي ۽ عملي نتيجن کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل طور پر پُرعزم آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبن تي عملدرآمد جي سخت نگراني ڪئي وڃي، طريقيڪار سان لاڳاپيل دير ختم ڪئي وڃي ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ سان رابطي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري ڪيل هر ڊالر سنڌ جي عوام لاءِ ٺوس فائدن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي، ۽ اهوئي ڪاميابي جو اصل معيار آهي.
Back