ڪريم آباد انڊر پاس مڪمل ٿيڻ جي ويجهو؛ وڏي وزير پاران مارچ 2026 تائين اسڪيم کولڻ لاءِ يوٽيلٽي مسئلن جي حل جو حڪم

ڪريم آباد انڊر پاس مڪمل ٿيڻ جي ويجهو؛ وڏي وزير پاران مارچ 2026 تائين اسڪيم کولڻ لاءِ يوٽيلٽي مسئلن جي حل جو حڪم

Posted on: 18 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (29 جنوري): پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) کاتي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن سيل 3 ارب 810 ڪروڙ 74 لک 70 هزار رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪريم آباد انڊرپاس جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي رپورٽ پيش ڪئي آهي جنهن موجب منصوبي جي مجموعي فزيڪل اڳڀرائي 85 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ڪم تسلي بخش قرار ڏنو ويو آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي ايم اي سي جي ٽيم، جنهن جي اڳواڻي ريجنل مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن آفيسر (آر ايم اي او) اورنگزيب وسترو ڪري رهيو هو، ضلعي سينٽرل ۾ جاري اي ڊي پي اسڪيم “ڪريم آباد ۾ 2+2 لين انڊرپاس جي تعمير” جو دورو ڪيو۔ دوري دوران ايم اي سي ٽيم عملدرآمد ڪندڙ اداري (اي اي) جي ٽيڪنيڪل عملي سان گڏجي تعميراتي ڪم جي رفتار ۽ معيار جو تفصيلي جائزو ورتو۔ موقعي تي معيار جا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ منظور ٿيل معيار سان مطابقت جانچڻ لاءِ ماپون ورتيون ويون۔ تفصيلي معائني کان پوءِ منصوبي جي مجموعي جسمي اڳڀرائي 85 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته مالي خرچ 81.27 سيڪڙو رهيو جيڪو فنڊز جي تسلي بخش استعمال جي عڪاسي ڪري ٿو۔ انتظامي منظوري موجب هي منصوبو مالي سال 2025-26 دوران مڪمل ٿيڻو هو پر عملدرآمد ڪندڙ اداري ايم اي سي ٽيم کي آگاهه ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي يوٽيلٽيز جي منتقلي سبب منصوبي جي تڪميل هاڻي اپريل 2026 تائين متوقع آهي۔ وڏي وزير ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي آهي ته منصوبو مارچ 2026 جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي۔ هن وقت حسين آباد کان ڪريم آباد ڏانهن ويندڙ ريمپ-اي 91 سيڪڙو جسمي تڪميل تي پهچي چڪو آهي جڏهن ته انڊرپاس جو بيرل سيڪشن 92 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي۔ بيرل جي آخري پوائنٽ کان ضياءُالدين اسپتال ڏانهن ويندڙ ريمپ-بي 75 سيڪڙو جسمي اڳڀرائي حاصل ڪري چڪو آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جي اڳڀرائي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي ۾ ٽريفڪ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو۔ هن چيو ڪريم آباد انڊرپاس ضلعي سينٽرل ۾ ٽريفڪ جي گنجائش گهٽائڻ لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي۔ سنڌ حڪومت يقيني بڻائي رهي آهي ته ترقياتي اسڪيمون معيار، شفافيت ۽ مقرر وقت اندر مڪمل ٿين. هن لاڳاپيل کاتن کي سمورن رهيل مسئلن کي بنا دير حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي۔ وڏي وزير زور ڏيندي چيو يوٽيلٽين جي منتقلي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي۔ مون عملدرآمد ڪندڙ اداري کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، جيئن باقي رهيل ڪم ترجيحي بنيادن تي مڪمل ٿي سگهي. وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي سي ٽيم عملدرآمد ڪندڙ اداري کي صلاح ڏني ته يوٽيلٽيز جي منتقلي لاءِ فيبروري 2026 جي پهرين هفتي تائين ڪي اي سان باقاعده رابطي ۾ رهي ۽ اڳڀرائي بابت رپورٽون ايم اي سي کي فراهم ڪيون وڃن۔ ٽيم ريمپ-بي تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ ان کي فيبروري 2026 جي ٽئين هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي۔ وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته منصوبي جي تڪميل کان پوءِ ڪريم آباد انڊرپاس ٽريفڪ جي رواني ۾ نمايان سڌارو آڻيندو ۽ شهرين کي وڏي رليف فراهم ڪندو۔ هن چيو اسان جو ڌيان پائيدار انفراسٽرڪچر مهيا ڪرڻ تي آهي جيڪو ڪراچي جي ماڻهن جي روزاني زندگي کي بهتر بڻائي.
Back