وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بجيٽ تجويزن تي گڏيل اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بجيٽ تجويزن تي گڏيل اجلاس

Posted on: 31 May 2025   Tags:

ڪراچي (28 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماليات، رٿابندي ۽ ترقيات وارن کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي ته جيئن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ تجويزن کي آخري شڪل ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ رٿابندي ۽ ترقيات وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا. وڏي وزير چيو ته اڄ سرڪاري موڪل هجڻ جي باوجود اسان ماليات ۽ رٿابندي وارن کاتن جو اجلاس سڏايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن اجلاس جو مقصد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. مراد علي شاهه چيو ته چاهيان ته عيد کان اڳ اڪثر تجويزون فائنل ٿي وڃن ۽ اعلان ڪيو ته تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جلد ئي وڌيڪ اجلاس سڏايا ويندا. وڏي وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ عوامي مفاد ۾ تيار ٿيڻ گهرجي. رٿابندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته 4644 جاري ترقياتي اسڪيمن مان 1812 اسڪيمون هن سال مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن انهن لاءِ فنڊز فوري طور تي جاري ڪيا وڃن. ناصر شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته مختلف کاتن جون ايندڙ مالي سال لاءِ نيون اسڪيمون تجويز ڪيون آهن جن مان ڪيترائي مقامي سطح تي تجويزون آهن. ان تي مراد شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي نيون تجويزون شارٽ لسٽ ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن. مراد شاهه چيو ته اسان فنڊنگ جو جائزو الڳ اجلاس ۾ وٺنداسين ۽ نين اسڪيمون ان مطابق حتمي ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته مالي سال 2023-24 دوران سنڌ حڪومت 1937 نيون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون هيون جن جي قيمت 88.3 ارب رپيا هئي. هن چيو ته انهن مان اڪثر اسڪيمون هاڻي مڪمل ٿينديون. وڏي وزير چيو ته صوبي جي آمدني جا انگ اکر جون جي پهرين هفتي ۾ واضح ٿي ويندا ۽ بجيٽ جون تجويزون ان مطابق حتمي بڻايون وينديون.

Back