وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 50 هون اجلاس
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 50 هون اجلاس
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچی (18 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي پنجاهين اجلاس جي صدارت ڪندي تعليم، ٽرانسپورٽ، ماحولياتي سياحت ۽ صنعتي ترقي جي ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ سينيئر وزير سردار شاهه، ڄام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار، وڏي وزير جو صلاحڪار بابل ڀيو، وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، سکر ۽ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن نوشهرو؛ خصوصي ڊرائيور ٽريننگ ۽ پائيدار جنگلاتي سياحت بابت معاملن تي غور ڪيو ويو۔ ڊرائيور ٽريننگ: روڊ سيفٽي، پيشيوراڻي ڊرائيونگ معيار ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار جا موقعا بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور بورڊ پي پي پي فريم ورڪ تحت سڄي سنڌ ۾ هيَوي ٽرانسپورٽ وهيڪل (HTV) ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ وهيڪل (LTV) ڊرائيور ٽريننگ اسڪول قائم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني۔ موٽر وهيڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2025 تحت ايڇ ٽي وي ۽ ايل ٽي وي درخواستگذارن لاءِ پري لائسنس ٽريننگ لازمي قرار ڏني وئي آهي جڏهن ته لائسنسنگ اٿارٽيز صرف مستند ادارن کان تصديق ٿيل پري لائسنس ٽريننگ مڪمل ٿيڻ بعد ئي درخواستن تي ڪارروائي ڪري سگهنديون۔ هي منصوبو عالمي سطح تي خاص ڪري يورپ، آسٽريليا، چين، ترڪي ۽ خليجي تعاون ڪائونسل (JCC) ملڪن ۾ ڊرائيورن جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي۔ پاڪستان جو ٽرانسپورٽ سيڪٽر مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ 10 کان 13 سيڪڙو حصو وجهي ٿو ۽ 41 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ٿو۔ سال 2025 ۾ پاڪستان باضابطه طور هڪ لک 63 هزار ڊرائيور ٻاهرين ملڪن موڪليا جڏهن ته لڳ ڀڳ 30 هزار غير رسمي طور ٻاهر ويا پر سنڌ جو حصو رڳو ٻه سيڪڙو رهيو۔ ٽريننگ مرڪز شروعاتي طور سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (STEVTA) جي چئن ادارن ۾ قائم ڪيا ويندا جن ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي سائيٽ ڪراچي، گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ ڪاليج دادو، گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سکر ۽ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن نوشهرو فيروز شامل آهن۔ وڌيڪ طلب کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ وڏا مرڪز قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي۔ هر مرڪز ۾ ملٽي ميڊيا ڪلاس رومز، ڪمپيوٽرائزڊ ٿيوري ليبز، مخصوص ايڇ ٽي وي ۽ ايل ٽي وي سيميوليٽرز، پريڪٽس يارڊ، آن روڊ ٽريننگ، آن سائيٽ لائسنسنگ ڊيسڪ، معاون ورڪشاپس ۽ حفاظتي سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔ پروگرام تحت پنجن سالن ۾ هڪ لک ڊرائيورن کي تربيت ۽ لائسنس جاري ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جن ۾ 62 هزار 500 ايل ٽي وي ۽ 37 هزار 500 ايڇ ٽي وي ڊرائيور شامل هوندا جڏهن ته لڳ ڀڳ اڌ ڪراچي مان هوندا۔ قانوني ۽ ريگيوليٽري گهرجن جي تڪميل لاءِ گھرو کاتو، ٽريفڪ پوليس ۽ لائسنسنگ اٿارٽيز جي سهڪار سان ٽرانزيڪشن ايڊوائزري ڪنسورشيم جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون۔ بورڊ منصوبي جي تصور جي منظوري ڏيندي تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز جي مقرري جي به توثيق ڪئي۔ تعليمي شعبي ۾ سڌارا: بورڊ ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) جي سهڪار سان 38 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ (SSEIP) لاءِ ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائيزيشن ماڊل اختيار ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ منصوبي تحت نوان تعمير ٿيل 40 ثانوي اسڪول نجي شعبي جي شراڪتدارن ذريعي هلائڻا ويندا ته جيئن معيار ۽ گورننس بهتر بڻائي سگهجي۔ بورڊ انهن اسڪولن لاءِ نجي شراڪتدارن جي چونڊ جي عمل جي شروعات جي به اجازت ڏني، جڏهن ته ماضي جي اي ايم او منصوبن مان شاگردياڻين جي داخلا ۾ 38 سيڪڙو اضافو ٿيو۔ بورڊ آف گرڊ گرلز اسڪولن کي شمسي توانائي ۽ بهتر واٽر، سينيٽيشن اينڊ هائيجين (واش) سهولتون فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري پڻ ڏني۔ تعليم کاتو اڳ ئي هن منصوبي لاءِ يونيسف کي ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر مقرر ڪري چڪو آهي جنهن لاءِ بورڊ فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرڻ جي توثيق ڪئي۔ ان کان علاوه سڄي سنڌ جي 300 ماڊل اسڪولن ۾ ابتدائي ٻالڪپڻ جي تعليم (ECE) مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري ڏني وئي، جتي سالياني لڳ ڀڳ 24 هزار شاگردن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي۔ جنگلات ۾ ماحولياتي سياحت : ماحولياتي طور پائيدار، قدرتي سياحت جي فروغ لاءِ بورڊ سنڌ جي چونڊيل جنگلاتي علائقن ۾ پي پي پي ماڊل تحت ماحولياتي سياحت منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ سنڌ جي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کاتي طرفان پيش ڪيل منصوبي تحت مختلف ضلعن جي لڳ ڀڳ 6 هزار 10 ايڪڙ آبپاشي ٿيل ٻيلن ۽ ڪراچي ڀرسان مينگروو ٻيلن کي شامل ڪيو ويندو۔ اهي ٻيل حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ ماحولياتي موافقت لاءِ انتهائي اهم آهن۔ منصوبي تحت قبضي کان پاڪ ٻيلن وارن علائقن ۾ بين الاقوامي معيار مطابق ماحولياتي سياحت متعارف ڪرائي ويندي، جهڙيون مثالون ڏکڻ آفريقا ۽ انڊونيشيا ۾ موجود آهن۔ تجويز ڪيل هنڌن ۾ مياڻي فاريسٽ حيدرآباد، ريلو فاريسٽ حيدرآباد، خاناني فاريسٽ ٺٽو، ٻوهرڪي فاريسٽ بدين، پائي فاريسٽ شهيد بينظير آباد ۽ بهمن فاريسٽ لاڙڪاڻو شامل آهن۔ انهن علائقن ۾ واڪنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪس، ٻيڙي سواري، وائلڊ لائيف سفاري، برڊ واچنگ ٽاورز، پڪنڪ ۽ باربي ڪيو ايرياز، پارڪنگ، ويسٽ مينيجمينٽ، عبادتگاهون، ٻارن جا راند جا هنڌ ۽ ننڍا فوڊ ۽ دستڪاري اسٽال قائم ڪيا ويندا۔ ٻيلي کاتي موجب هن منصوبي سان ٻيلن جي تحفظ ۽ حياتياتي تنوع جي انتظام لاءِ مخصوص فنڊنگ، غير قانوني استحصال ۾ گهٽتائي، نجي سيڙپڪاري ۽ يوزر فيس ذريعي بجيٽ تي انحصار ۾ گهٽتائي، مقامي آبادي خاص طور نوجوانن ۽ عورتن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ ملڪي سياحت جي فروغ جهڙا فائدا حاصل ٿيندا۔ بورڊ منصوبي جي تصور جي منظوري ڏيندي پي پي پي ماڊل تحت ان جي افاديت جانچڻ لاءِ تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ ماربل سٽي ڪراچي: بورڊ ماربل ۽ گرينائيٽ شعبي لاءِ رکيل 300 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي اسٽيٽ ماربل سٽي ڪراچي منصوبي کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪجهه معاملن جي به منظوري ڏني۔ ويليو ايڊيشن، غير ملڪي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ برآمدات ۾ واڌ لاءِ شروع ڪيل هي منصوبو اپريل 2025 کان پي پي پي ماڊل تحت تعميراتي مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ ڪل 300 ايڪڙ مان لڳ ڀڳ 201 ايڪڙ صنعتي استعمال لاءِ رکيل آهن جتي پلاٽن جو سائيز 0.2 کان هڪ ايڪڙ تائين هوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو حصو ماربل ۽ گرينائيٽ صنعت لاءِ مخصوص هوندو۔ باقي 99 ايڪڙ ڪمرشل اسپيس، سهولتن، گرين ايرياز، رستن ۽ ٻين انفراسٽرڪچر لاءِ مختص ڪيا ويا آهن۔ بورڊ ماربل سٽي ڪراچي منصوبي لاءِ پاڻي جي فراهمي جي گهرجن جو تفصيلي جائزو وٺندي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي پاڻي جي ڪنيڪشن چارجز ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير خانگي شعبي جي ڪارڪردگي مان فائدو وٺندي سنڌ جي عوام کي معياري عوامي خدمتون ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو اعادو ڪيو۔