وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جون هدايتون
وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جون هدايتون
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (13 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي جي ترقياتي پورٽ فوليو جو تفصيلي جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (SELD) ۽ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ (CED) جا سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) 2025–26 تحت هلندڙ منصوبا شامل هئا۔ گڏجاڻي ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه، وزير آبپاشي جام خان شورو، چيِف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شاه زمان کهڙو ۽ لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ عملدار موجود هئا۔ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (SELD): بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اي ڊي پي 2025–26 تحت 130 اسڪيمون شامل آهن جيڪي 1280 يونٽن تي مشتمل آهن جن جي ڪاٿي لاڳت 15.57 ارب رپيا آهي۔ ضروري فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ۽ 1.88 ارب رپيا اڳ ۾ ئي رليز ٿي چڪا آهن۔ PSDP (پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام): ٻوڏ کان متاثر ٿيل اسڪولن جي ٻيهر تعمير جو پروگرام 30 ضلعن ۾ 12.33 ارب رپين جي لاڳت سان جاري آهي جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل طور تي فنڊ ڏئي رهيون آهن۔ 481 اسڪولن مان 463 اسڪولن جا ٺيڪا ڏنا ويا آهن جڏهن ته 317 اسڪول ڇت جي ليول يا ان کان مٿي مرحلي تي پهتل آهن۔ فزيڪل پيشرفت 44 سيڪڙو ۽ مالي پيشرفت 28 سيڪڙو رپورٽ ڪئي وئي آهي۔ غير ملڪي معاونت وارن منصوبن ۾ به اڳڀرائي جاري آهي جنهن ۾ JICA ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ (ADB) جا منصوبا شامل آهن۔ JICA جي اسڪول اپ گريڊيشـن پروگرام تحت پنج ضلعن ۾ 20 ڇوڪرين جا اسڪول پرائمري کان ايليمينٽري ليول تائين اپ گريڊ ٿي رهيا آهن جن مان 4 اسڪول مڪمل ٿي چڪا آهن۔ ساڳي اداري جي مدد سان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري فلڊ ريسپانس ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو فزيڪل پيشرفت ٿي چڪي آهي۔ سندھ سيڪنڊري ايجوڪيشن کي بهتري وارو منصوبو (SSEIP): هي منصوبو ايشين ڊولپمينٽ بينڪ سان گڏ هلي رهيو آهي جنهن تحت 117 نوان سيڪنڊري اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ 2630 استادن کي اهم مضمونن ۾ تربيت ڏني پئي وڃي۔ SSEIP جو اضافي فنڊنگ وارو فلڊ ڪمپوننٽ 302.5 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت سان خيرپور، نوشهرو فيروز، قمبر-شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن ۾ 722 اسڪولن جي ٻيهر تعمير لاءِ وقف آهي، جن مان 528 اسڪول جديد، ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ٽيڪنالاجي سان اپ گريڊ ڪيا پيا وڃن۔ سندھ ارلي لرننگ اينهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (SELECT): وڏي وزير مراد علي شاهه SELECT پروگرام جي پيشرفت جو به جائزو ورتو۔ پروگرام تحت 12 ضلعن جي 13000 اسڪولن ۾ 21500 استادن کي تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته پهرين کان پنجين درجي تائين لاءِ 4.5 لک اضافي پڙهائي مواد ورهايو ويو آهي۔ 600 اسڪولن ۾ شاگرد حاضري مانيٽرنگ ۽ شڪايت نبيرڻ نظام (SAMRS) لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن سان شاگردن جي حاضري ڊجيٽل طريقي سان مانيٽر ڪئي وڃي ٿي۔ SELECT جي انفراسٽرڪچر جزو تحت 295 پرائمري اسڪول اپ گريڊ ٿي رهيا آهن، 293 اسڪولن ۾ تعميراتي ڪم جاري آهي۔ 15 اسڪول ڊسمبر 2025 تائين، 200 اسڪول اپريل 2026 تائين ۽ سڀ اسڪول نومبر 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي۔ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ (CED): وڏي وزير ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ترقياتي منصورن جو پڻ جائزو ورتو جيڪي ADP 2025–26 تحت نون ڪاليجن جي قيام، موجوده ادارن جي اپ گريڊيشن، مرمت ۽ گم ٿيل سهولتن جي فراهمي تي مرڪوز آهن۔ هي منصوبا سنڌ جي ڇهن علائقن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ سکر ۾ جاري آهن۔ ڊائريڪٽوريٽ آف پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (CED) موجب جاري اسڪيمون هائر سيڪنڊري تعليم تائين پهچ وڌائڻ تي ڌيان ڏين ٿيون خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي تعليمي سهولتون گهٽ آهن يا جتي نوان شهري علائقا تيزي سان اڀري رهيا آهن۔ منصوبن ۾ ڪاليجن جي عمارتن، ليبارٽريز ۽ لائبريرين کي جديد بڻائڻ تي به ڪم جاري آهي۔ وڏي وزير کي آڪٽوبر 2025 تائين جي پيشرفت بابت ٻڌايو ويو ته ڪيترائي نوان ڪاليج منصوبا ٽينڊرنگ ۽ عملدرآمد جي شروعاتي مرحلي ۾ آهن۔ سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سول ورڪ جي رفتار وڌائي وڃي، خريداري شفاف طريقي سان ڪئي وڃي ۽ معيار تي ڪا به سمجهوتي نه ڪئي وڃي۔ هن زور ڏنو ته اسڪول ۽ ڪاليج تعليم وارا کاتا گڏيل ۽ مربوط طريقي سان ڪم ڪن ته جيئن سنڌ جي نوجوانن لاءِ ابتدائي تعليم کان اعليٰ تعليم تائين هڪ مڪمل سلسلو قائم ٿي سگهي۔ وڏي وزير چيو تعليم سنڌ جي مستقبل جي بنياد آهي۔ اسان جي حڪومت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ته جيئن هر ٻار، نينگر هجي يا نينگري، محفوظ، جديد ۽ باهمي سهڪار واري تعليمي ماحول ۾ پڙهي سگهي۔ وڏي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀ منصوبا مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ مالي ۽ پلاننگ کاتا گڏجي ملڪ ۽ غيرملڪي فنڊن سان هلندڙ سڀ تعليمي منصورن جي سخت نگراني ڪن ته جيئن عوامي پئسي مان وڌ کان وڌ تعليمي نتيجا حاصل ٿي سگهن۔
Back