وڏي وزير مراد علي شاهه سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي وفد ملاقات
وڏي وزير مراد علي شاهه سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي وفد ملاقات
Posted on: 18 Feb 2026 Tags:ڪراچي (29 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (BMGF) جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي فائونڊيشن جي عالمي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس ڪري رهيو هو. ملاقات جو مقصد سنڌ، پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن کي هٿي ڏيڻ هو۔ اجلاس وزيراعلیٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري صحت جمشيد ميمڻ ۽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر شارق ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سنڌ ۾ پوليو جي موجوده وبائي صورتحال ۽ سال 2026 لاءِ تيار ڪيل اسٽرٽيجڪ منصوبي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي وفد ۾ ڊاڪٽر انيتا زيدي (صدر، جينڊر ايڪوئلٽي ڊويزن)، ڊاڪٽر ڪيٿي نيوسيل (ڊائريڪٽر پوليو) ۽ ڊاڪٽر مائيڪل گيلي وي (ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليو) شامل هئا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فائونڊيشن جي مسلسل سهڪار تي ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ حڪومت پوليو خلاف جدوجهد ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون تي شڪرگذار آهي. هن چيو ته مهمن جي ڪوريج ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ حڪومت وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ پختو عزم رکي ٿي۔ ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت انتهائي منظم نموني سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي تائين اسان جو سهڪار ۽ گڏيل ڪم جاري رهندو۔ اجلاس دوران ماحولياتي خدشن بابت به بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 2024 ۾ 23 مان گهٽجي 2025 ۾ 9 رهجي ويو آهي پر ڪراچي ۾ ماحولياتي نمونن ۾ اڃا تائين وائرس جي موجودگي سامهون اچي رهي آهي. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان تازا مثبت ماحولياتي نمونا تشويش جوڳا آهن، جنهن لاءِ وڌيڪ فعال ردِعمل جي ضرورت آهي۔ اجلاس ۾ جنوري کان جون 2026 تائين لاءِ ڪراچي ايڪشن پلان (KAP) تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن تحت خاص حڪمتِ عمليون متعارف ڪرايون ويون آهن جن ۾ ڪميونٽي کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ سنگل ناڪ اسٽرٽيجِي ۽ پهرين ئي ڀيري مؤثر رسائي شامل آهي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت شهر ۾ ماحولياتي نمونن جا نتيجا منفي بڻائڻ لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته بهتر نتيجن جي حاصلات لاءِ 2 فيبروري کان 8 فيبروري 2026 تائين ملڪ گير پوليو مهم هلائي ويندي۔
Back