وڏي وزير مراد علي شاهه سان ميٽا جي وفد جي ملاقات، لاما لارج لينگويج ماڊل تي سهڪار تي اتفاق

وڏي وزير مراد علي شاهه سان ميٽا جي وفد جي ملاقات، لاما لارج لينگويج ماڊل تي سهڪار تي اتفاق

Posted on: 02 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (30 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ميٽا (Meta) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي ميٽا جي پبلڪ پاليسي ساؤتھ ايشيا بابت ڊائريڪٽر سريم عزيز ڪئي۔ ملاقات دوران سنڌ حڪومت ۽ ميٽا وچ ۾ لاما لارج لينگويج ماڊل (LLaMA LLM) منصوبي تي سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن جو مقصد قومي سطح تي مصنوعي ذهانت (AI) جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مقامي جدت کي فروغ ڏيڻ آهي۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، وزير تعليم سيد سردار شاهه، آئي ٽي بابت وڏي وزير جو خاص مددگار علي راشد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ آئي ٽي سيڪريٽري نور سمون به موجود هئا۔ ميٽا جي وفد ۾ پبلڪ پاليسي پاڪستان محترمه دانيا مختار، اسوسيئيٽ مينيجر محترمه تہارا پنچي هيوا، هيڊ آف پاليسي پروگرامز روئي سي ٽيو ۽ ٻيا نمائندا شامل هئا۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ ميٽا جي وچ ۾ لاما منصوبي تي ڀائيواري ڊيجيٽل پاڪستان جي نظرئي سان هم آهنگ آهي جيڪا مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ ۽ ڊيٽا تي ٻڌل جدت جي ميدان ۾ قومي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد آهي ته صوبو سنڌ ۽ پاڪستان صرف ٽيڪنالاجي جا صارف نه پر عالمي سطح تي AI تي ٻڌل ترقي ۽ شموليت جو مرڪز بڻجن۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن سهڪار ذريعي سنڌ حڪومت لاما جي اوپن سورس ماڊل کي استعمال ڪندي مصنوعي ذهانت جي تحقيق، قدرتي ٻولي جي پروسيسنگ ۽ مقامي ضرورتن مطابق تعليمي، لساني ۽ انتظامي ايپليڪيشنز جي ترقي کي تيز ڪندي۔ هي قدم محققن، اسٽارٽ اپس ۽ يونيورسٽين لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو ته جيئن اهي گڏجي سماجي مسئلن جا عملي ۽ وسيع حل تيار ڪري سگهن۔ ميٽا جي وفد وڏي وزير کي لاما جي مختلف سرڪاري شعبن ۾ استعمال بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ايشيا پيسفڪ خطي ۾ خودڪار آفيس انتظاميه، ورچوئل ورثي جي سياحت ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان طبي تشخيص جا ڪامياب منصوبا شامل آهن۔ انهن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوپن سورس AI ڪيئن ڪارڪردگي ۾ بهتري، ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتر نتيجا ڏئي سگهي ٿي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه ميٽا جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي گورننس، ڊيجيٽل صلاحيت ۽ شهري خدمتن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مصنوعي ذهانت جي ايڪو سسٽم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندي۔

Back