وڏي وزير مراد شاهه پاران آبپاشي، زرعي رٿائن جو جائزو، پاڻي جي انتظام ۽ فصل جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ بئراج، ڪينال لائننگ جي اپ گريڊ کي تيز ڪرڻ جا حڪم

وڏي وزير مراد شاهه پاران آبپاشي، زرعي رٿائن جو جائزو، پاڻي جي انتظام ۽ فصل جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ بئراج، ڪينال لائننگ جي اپ گريڊ کي تيز ڪرڻ جا حڪم

Posted on: 15 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (10 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اهم جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ صوبي اندر جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران آبپاشي نظام ۽ زرعي ترقي کي صوبي جي معيشت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ويو. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سمورا اهم منصوبا مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن، معيار تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو وڃي ۽ سخت نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ڇوته اهي منصوبا خوراڪ جي تحفظ ۽ معاشي استحڪام لاءِ انتهائي ضروري آهن. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري داخلا اقبال ميمڻ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو، ڊائريڪٽر جنرل پي اينڊ ڊي الطاف ساريو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير پاڻي ۽ زراعت سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي تي زور ڏيندي چيو ته مضبوط آبپاشي نظام سنڌ جي زرعي ڪاميابيءَ جي بنياد آهي. هن چيو ته خوراڪ ۾ خودڪفالت حاصل ڪرڻ ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ آبپاشي جي ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۽ موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل ڪرڻ ضروري آهي.
سکر بئراج جي اپ گريڊيشن
صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو وڏي وزير کي سکر بئراج تي جاري ۽ ايندڙ منصوبن بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ نهري بندش دوران بئراج جا 27 دروازا تبديل ڪرڻ جو اهم منصوبو شامل آهي. هن اپ گريڊيشن جو مقصد فصلن جي اهم موسم دوران پاڻي جي فراهمي ۾ خلل کان بچاءُ ۽ لکين آبادگارن لاءِ پاڻي جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ آهي. حڪومت اڳ ۾ ئي 25 دروازن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڏي وزير هدايت ڪئي ته سمورا 27 دروازا مقرر مدي اندر تبديل ڪيا وڃن. هن خبردار ڪيو ته ڪنهن به دير سبب خوراڪ جي تحفظ ۽ پاڻي جي دستيابي سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.
ڪي-فور منصوبو: ڪي بي فيڊر جي لائيننگ
وڏي وزير ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو واڌ لاءِ ڪي-فور منصوبي هيٺ ڪي بي فيڊر جي لائيننگ جي ڪم جو به جائزو ورتو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي جو 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جنوري جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. بهرحال وڏي وزير جزوي تڪميل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هدايت ڪئي ته موجوده نهري بندش دوران گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو وڃي جيئن پاڻي جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي اچي ۽ شهري توڙي صنعتي ضرورتون پوريون ٿي سگهن.
نهرن جي صفائي ۽ سار سنڀال
وڏي وزير مراد علي شاهه نهرن جي باقاعده صفائي (ڊي سلٽنگ) ۽ سار سنڀال جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڻي جي پهچ بهتر ٿئي ۽ منصفاڻي ورڇ ممڪن بڻجي. عالمي بينڪ جي سهڪار سان اڪرم واهه جي ڊي سلٽنگ جو ڪم جاري آهي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آهي، جڏهن ته ٻيا نهري منصوبا به تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. وڏي وزير ايندڙ فصل جي موسم ۾ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.
فنڊنگ، نگراني ۽ جائزو
وڏي وزير سنڌ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ خزاني کاتي کي هدايت ڪئي ته فنڊز جي بروقت فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ منصوبن جي اڳڀرائي، خرچن ۽ معيار جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن چيو ته دير يا ناقص ڪم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ڇو ته پاڻي جو تحفظ، زرعي پيداوار ۽ شهري پاڻي جي فراهمي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ صوبي جي مجموعي استحڪام لاءِ انتهائي اهم آهن. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سنڌ سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبن بابت تفصيلي اڳڀرائي رپورٽون پيش ڪيون وڃن ۽ واضح ڪيو ته ڪنهن به دير يا معيار ۾ گهٽتائي تي سخت احتساب ڪيو ويندو، جيئن ترقياتي هدف بروقت حاصل ڪري سنڌ جي معاشي ترقي کي هٿي ڏني وڃي.
Back