وڏي وزير پاران 16 اهم صحت جي سھولت وارين رٿائن بابت جائزو اجلاس

وڏي وزير پاران 16 اهم صحت جي سھولت وارين رٿائن بابت جائزو اجلاس

Posted on: 19 Dec 2025   Tags:
ڪراچي (29 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺندي صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته 16 فليگ شپ منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي جيئن اهي موجوده مالي سال دوران عوامي خدمت لاءِ کوليا وڃي سگهن. وڏي وزير جي صدارت هيٺ 2025-26ع جي جائزي واري اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيجوهو، وزير رٿابندي ۽ ترقيات جام خان شورو، وزير ورڪس اينڊ سروسز حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز نواز سوهو، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا۔ صحت کاتي سالاني ترقياتي پروگرام 2025-26ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جيڪو 178 اسڪيمَن تي مشتمل آهي جن مان 140 جاري ۽ 38 نيون اسڪيمون آهن جن لاءِ 45.37 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٻڌايو ته فنڊز رکڻ، جاري ڪرڻ ۽ خرچن جي سخت نگراني ڪئي وئي آهي ۽ 17 نومبر 2025 تائين استعمال جي شرح 21 سيڪڙو رهي۔ تدريسي اسپتالن، ضلعي اسپتالن، ميڊيڪل ايجوڪيشـن، حفاظتي پروگرامَن ۽ پرڏيهي امداد سان هلايل منصوبن جي پيش رفت کان پڻ آگاهه ڪيو ويو۔ 16 فليگ شپ صحت منصوبن جي رفتار وڌائڻ بابت هدايتون: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي فليگ شپ منصوبن جو جائزو وٺندي سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار وڌائي وڃي ۽ ايندڙ مالي سال اندر انهن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن چيو ته انهن مان ڪيترائي منصوبا انتهائي اهم ۽ حياتيون بچائڻ وارا آهن جيڪي ڪنهن به قسم جي دير جا متحمل ناهن ٿي سگهن۔ NICVD جو پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ يونٽ: اجلاس جي شروعات نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز (NICVD) ڪراچي جي پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ يونٽ جي جائزي سان ٿي۔ نظرثاني ٿيل پي سي-ون 9.924 ارب رپين جي لاڳت سان جمع ٿي چڪو آهي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته PDWP جو اجلاس ٿي چڪو آهي ۽ لاڳت ۾ واڌ بابت سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته عمل فوري مڪمل ڪيو وڃي۔ هن چيو ته هي جان بچائڻ وارو منصوبو آهي، لاڳت ۾ اضافو رڪاوٽ نه ٿيڻ گهرجي ۽ معاملو فوراً حل ڪيو وڃي۔ ايف بي ايريا ۾ 50 بستري اسپتال: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گلبهار ٽائون انچولي، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 13 ۾ 50 بستري اسپتال جي عمارت مڪمل ٿي چڪي آهي۔ وڏي وزير چيو ته هو 148.196 ملين رپيا جاري ڪري چڪا آهن ان ڪري خريداري وارو عمل فوري مڪمل ڪيو وڃي جيئن منصوبو موجوده مالي سال اندر مڪمل ٿي سگهي۔ رزاق آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس: نیشنل هاءِ وي، رزاق آباد، بن قاسم ٽائون جي ميڊيڪل ڪمپليڪس بابت ٻڌايو ويو ته جون 2025 ۾ نظرثاني ٿي هئي ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ 3.082 ارب رپيا اضافي گهربل آهن۔ وڏي وزير ماليات کاتي کي هدايت ڪئي ته 2025-26 ۾ مختص فنڊز فوري طور جاري ڪيا وڃن، جيئن تعمير جي رفتار متاثر نه ٿئي۔ گلشن حدید اسپتال: 50 بستري اسپتال گلشن حدید، ملير ۾ تعمير هيٺ آهي۔ منصوبو مڪمل فنڊڊ آهي ۽ خريداري جو عمل جاري آهي۔ وڏي وزير کي يقين ڏياريو ويو ته منصوبو مالي سال 2025-26 ۾ مڪمل ٿي ويندو۔ ڪمال ڳوٺ مائونٽي هوم: وڏي وزير چيو ته ڪمال خان ڳوٺ جي مائونٽي هوم کي 50 بستري اسپتال ۾ اپ گريڊ ڪرڻ وارو منصوبو مڪمل فنڊڊ آهي تنهنڪري خريداري جي رفتار وڌائي ايندڙ مالي سال اندر مڪمل ڪيو وڃي۔ ويسڪولر ۽ اينڊو ويسڪولر سرجري ڊپارٽمينٽ: وڏي وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ۾ امپيوٽيشن فري سنڌ تحت قائم ڪيل ويسڪولر ۽ اينڊو ويسڪولر سرجري ڊپارٽمينٽس تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔ ٻڌايو ويو ته مختص فنڊز جو 100 سيڪڙو استعمال ٿي چڪو آهي۔ وڏي وزير ان کي ٽراما ۽ عضوا بچائڻ واري نگهداشت ۾ انقلابي قدم قرار ڏنو۔ سول اسپتال ڪراچي: سول اسپتال جي نئين ريڊيالوجي ڊپارٽمينٽ بابت بريفنگ ڏني وئي ته پي سي-ون تياري هيٺ آهي، Pre-PDWP اجلاس ٿي چڪو آهي ۽ ترميم ٿيل پي سي-ون به تيار ڪيو پيو وڃي۔ وڏي وزير منظوري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ هن ايمرجنسي يونٽ جي فوري بحالي تي پڻ زور ڏنو جنهن جو پي سي-ون نظرثاني هيٺ آهي ۽ چيو ته مريضن جو ٻوجھ تمام گهڻو آهي تنهنڪري ڪم فوري طور اڳتي وڌايو وڃي۔ سعود آباد اسپتال منصوبا: سندھ گورنمينٽ اسپتال سعود آباد جي نفسيات ۽ ايمرجنسي يونٽ بابت ٻڌايو ويو ته NOC جاري ٿي چڪي آهي ۽ 55.686 ملين رپيا وڌيڪ گهربل آهن جيڪي ري-اپروپريئيشن ذريعي ڏنا ويندا۔ خريداري جو عمل جاري آهي ۽ ورڪ آرڊر به جاري ٿي چڪا آهن۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته منصوبو موجوده مالي سال اندر مڪمل ڪيو وڃي۔ دولت پور حادثاتي ۽ ايمرجنسي سينٽر: ضلعي شهيد بينظير آباد جي دولت پور ۾ حادثاتي ۽ ايمرجنسي سينٽر لاءِ 100 سيڪڙو فنڊ جاري ٿي چڪا آهن ۽ خريداري جاري آهي۔ منصوبو مالي سال 2025-26 ۾ مڪمل ٿيڻ جي راهه تي آهي۔ گهوڙاباري جي نئين تحصيل هيڊڪوارٽر اسپتال تي به ڪم جاري آهي۔ وڏي وزير چيو ته فنڊ جاري ڪيا ويا آهن تنهنڪري خريداري فوري شروع ڪئي وڃي ۽ منصوبو ايندڙ مالي سال تائين مڪمل ڪيو وڃي۔ ماڊيولر آپريٽنگ ٿيٽرز: اجلاس ۾ صوبن جي پنج وڏن اسپتالن ۾ ماڊيولر آپريٽنگ ٿيٽرز قائم ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو: سول اسپتال ڪراچي، لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد، سي ايم سي اسپتال لاڙڪاڻو، انسٽيٽيوٽ آف مدر اينڊ چائلڊ هيلٿ نوابشاهه ۽ جي ايم ايم سي اسپتال سکر. سمورن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ مالي سال 2025-26 مقرر آهي ۽ اهي منصوبا شيڊول مطابق اڳتي وڌي رهيا آهن۔ آر ايڇ سي ڳڙهي خدا بخش: ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي رورل هيلٿ سينٽر کي 50 بستري اسپتال ۾ اپ گريڊ ڪرڻ وارو منصوبو مڪمل فنڊڊ آهي، خريداري جاري آهي ۽ مڪمل ٿيڻ مالي سال 2025-26 ۾ اميد آهي۔ ڊي ايڇ ڪيو اسپتالون: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته خيرپور، بدين ۽ شڪارپور جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن جي توسيع ۽ بهتري جو ڪم جاري آهي ۽ ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو۔ ماتلي، قمبر ۽ عمرڪوٽ جي تحصيل هيڊڪوارٽر اسپتالن کي ضلعي هيڊڪوارٽر سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ وارين منصوبن تي پڻ شيڊول مطابق ڪم هلي رهيو آهي، ۽ اهي مالي سال 2025-26 ۾ مڪمل ٿيندا۔ لاڙڪاڻو: اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ۾ 600 بستري اسپتال جي تعمير تي به غور ڪيو ويو۔ PDWP پي سي-ون منظور ڪري چڪي آهي جڏهن ته وڏي وزير منظوري ڏئي فائيل خزانه ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي۔ صحت کاتو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ تياري ڪري رهيو آهي۔ وڏي وزير چيو ته 600 بستري اسپتال مٿئين سنڌ جو وڏو صحت منصوبو آهي تنهنڪري ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي۔ وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته صوبي جي سمورن 16 فليگ شپ ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار وڌائي وڃي ۽ انهن کي موجوده مالي سال دوران عوام لاءِ کولڻ کي يقيني بڻايو وڃي۔ اجلاس ۾ LTBC اسڪيمون، نيون ADP اسڪيمون ۽ SDGs بلاڪ اسڪيمون پڻ زير بحث آيون۔ ٻڌايو ويو ته 56 LTBC اسڪيمَن مان 53 جي خريداري شروع ٿي چڪي آهي جڏهن ته پي سي-ون ۽ پي سي-فور جي تياري تي به پيش رفت ٿي رهي آهي۔
Back