وڏي وزير پاران عيدالاضحيٰ تي قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي معافي جو اعلان
وڏي وزير پاران عيدالاضحيٰ تي قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي معافي جو اعلان
Posted on: 11 Jun 2025 Tags:ڪراچي (6 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالاضحيٰ 1446 هجري (2025) جي موقعي تي سنڌ جي جيلن ۽ اصلاح مرڪزن ۾ قيد سزايافته قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي خاص رعايت ڏيڻ جي منظور ڏني آھي. وڏي وزير چيو ته اها خاص رعايت سڀني سزايافته قيدين تي لاڳو ٿيندي، سواءِ انهن جي جيڪي موت جي سزايافته آھن يا اھي ڏوھاري جن تي قتل، جاسوسي، تخريبڪاري، رياستي مخالف ۽ دهشتگردي سرگرمين، زنا، اغوا، ڦر، ڌاڙي، مالي بدعنواني يا قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارا ڏوهه ثابت ھوندا، اهڙن قيدين کي اها رعايت حاصل نه ملندي. هيءَ خاص معافي هر اهل قيدي جي تاريخي رڪارڊ ۽ رعايت شيٽ ۾ درج ڪئي ويندي.
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat