وڏي وزير پاران پاڪ فوج کي تاريخي فتح تي مبارڪباد، ڀارت جو غرور ٽن ڪلاڪن ۾ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، سيد مراد علي شاه

وڏي وزير پاران پاڪ فوج کي تاريخي فتح تي مبارڪباد، ڀارت جو غرور ٽن ڪلاڪن ۾ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، سيد مراد علي شاه

Posted on: 17 May 2025   Tags:

ڪراچي (16 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي ته پهلگام واقعي تي ڀارت جو  ردعمل اشتعال انگيز بيانن تي ٻڌل هو ۽ سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اعلان سندن اختيار کان ٻاهر هو ان ڪري پاڪستان هِن تي واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته پاڻي جي وهڪري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي جنگ جو اعلان سمجهيو ويندو. هن چيو ته ڀارت جي اهڙن قدمن سندن اصل ارادن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ خاص طور تي ڀارتي وزيراعظم مودي کي ‘گجرات جو قاتل’ قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسيمبلي ۾ پيش ٿيل قرارداد ‘يومِ تشڪر’ تي خطاب ڪندي ڪيو جنهن کي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو پيش ڪيو. ان موقعي تي هن پاڪستان فوج کي سرحدي جنگ ۾ جرئت مندانہ ۽ مؤثر ردعمل تي خراج تحسين پيش ڪيو. سنڌ اسيمبلي گڏيل طور تي هڪ جامع قرارداد منظور ڪئي ۽ پاڪ فوج کي سندس بهادري ۽ فيصلائتو ڪردار تي خراجِ تحسين پيش ڪيو جنهن کي قوم جي "تاريخي فتح" قرار ڏنو ويو آهي. ان موقعي تي اسيمبلي پڻ پاڪ فوجن سان مڪمل ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير سنڌ اسيمبلي سان پنهنجي جذباتي خطاب ۾ جهيڙي جي شروعات ۽ ان دوران پيش آيل واقعن جي تفصيل سان وضاحت ڪئي ۽ ڀارت جي جارحيت خلاف پاڪستان جي غير متزلزل موقف تي زور ڏنو۔ هن پهلگام واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان هڪ غير جانبدار تحقيقات جي آڇ ڪئي هئي، هن چيو جيڪڏهن ڀارت مخلص هجي ها ته اسان جي آڇ کي قبول ڪري ها پر لڳي ٿو ته ڀارت جي مقدر ۾ ذلت لکيل آهي۔ هن ٻڌايو ته 7 مئي تي ڀارت اسان جي سرحدي علائقي ۾ ميزائل حملا ڪيا جن ۾ شهري علائقن ۽ عبادت گاهن کي نشانو بڻايو. ساڳئي ڏينهن شام جو پاڪستان ايئر فورس جي جوانن ڀارت جي جنگي جهازن کي ڪيرايو ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. 8 مئي تي موڪليل 85 ڊرونن کي به ڪرايو ويو. سنڌ جي عوام پنهنجي پهرين شهيد، گھوٽڪي جي مختار لغاري جو سوڳ ملهايو جن جو والد ايدن لغاري پڻ انهن حملن ۾ زخمي ٿيو. ڪراچي جي اوڀر ۾ به ڊرون حملو ٿيو جن ۾ هڪ سيڪيورٽي آفيسر زخمي ٿيو. وڏي وزير ڀارتي ميڊيا جي منفي ۽ ڪوڙي رپورٽنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن جون تصويرون هڪ ڪارٽون جهڙيون نظر اچن ٿيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجي مڪمل جنگي تياري جا پروٽوڪول فعال ڪري ڇڏيا هئا. هن چيو ته 10 مئي صبح 4 وڳي اطلاع مليو ته مڪمل جنگ شروع ٿي چڪي آهي ۽ حملا نور خان ايئر بيس ۽ سکر جي علائقي ۾ ٿيندا رهيا. ان وقت پاڪستان ‘بنيان مرصوص’ آپريشن شروع ڪيو جيڪو فقط ٽن ڪلاڪن ۾ عالمي توجه جو مرڪز بڻجي ويو. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پاڪستان سان فوراً 8:15 وڳي رابطو ڪيو ۽ جنگ بندي جي درخواست ڪئي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته پاڪستان جي بهادر جوانن 26 اهم ڀارتي فوجي ۽ اسٽرٽيجڪ هنڌن کي نشانو بڻايو جن ۾ اڌمپور ايئر بيس، نارٿ ڪمانڊ، پٺاڻ ڪوٽ، سرسا، بهاولپور، امبالہ، جالنڌر، فيروزپور ۽ ڪيترائي ميزائل داڳيا هئا.هن چيو ته ڀارت انهن ڪارروائين مان حيران ٿي ويو ڇو ته پاڪستان جي تیز ۽ درست ردعمل انهن جي اميدن کي ختم ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان اسرائيلي ڊرونز ۽ فرانس جي جهازن کي به ڪيرايو. وڏي وزير چيو ته ڀارت وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ باوجود پنهنجي فوجي طاقت کي پاڪستان آڏو هارائي ڇڏيو جنهن ۾ فرانس، آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين جا هٿيار شامل آهن. هن ٻڌايو ته هن تیز ۽ فيصلاتي ردعمل کانپوءِ دنيا جنگ بندي جي مطالبن تي ڌيان ڏنو پر افسوس جو جنگ بندي کانپوءِ به هڪ ڀارتي ميزائل ٻولاڙي ۾ ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ پنج پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ هن ٽي ڪلاڪن جي فوجي ڪارروائي کي پاڪستان جي عظيم فتح قرار ڏنو. هن قوم کي اپيل ڪئي ته هو متحد رهن ڇوته اهڙو اتحاد پاڪستان جي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ رستو آهي. مراد علي شاهه ميڊيا جي ذميوار رپورٽنگ، پاڪستان جي نوجوانن جي سائبر حملي، ۽ چين، ترڪ، سعودي عرب ۽ يو اي اي جي سپورٽ تي پڻ شڪر جو اظهار ڪيو. هن ڀارتي وزيراعظم جي رويو ۾ تبديلي جو ذڪر ڪندي چيو ته آمريڪا به هاڻي پاڪستان جي مزاحمت کي تسليم ڪرڻ لڳو آهي. خطاب ۾ هن چيو ته آمريڪا جو صدر ڪشمير جي حساس مسئلي تي ڳالهائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ چيو ته هاڻي ڪشميري معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ۾ وڏي وزير قوم سان اپيل ڪئي ته هو انهن سڀني شهيدن کي هميشه ياد رکن جن هن ملڪ لاءِ جانون نثار ڪيون جن ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جا باني ۽ اڳوڻو وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محسنِ پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان شامل آهن. مراد علي شاهه انهن کي قومي هيرو قرار ڏنو. قرارداد ۾ صدر آصف علي زرداري کي افواجِ پاڪستان جي پوري حمایت تي خصوصي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري کي بحران دوران عالمي ميڊيا ۾ اثرائتو بيان ڏيڻ تي ساراهيو ويو. مراد علي شاھ چيو ته اسان جون ٽي فوجون، انهن جا سربراهه، آفيسر ۽ هر سپاهي اسان جي بي انتها عزت ۽ شڪرئي جا مستحق آهن. هن سڀني اسمبلي ميمبرن کان قرارداد جي گڏيل منظوري جي اپيل ڪئي.سنڌ اسيمبلي بعد ۾ هي قرارداد مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ڪئي جيڪا پاڪستاني قوم ۽ ان جي عظيم فوجن جي اتحاد، حوصلو ۽ بهادري جو مظاهرو ثابت ٿي.

Back