وڏي وزير ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير جي وچ ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي
وڏي وزير ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير جي وچ ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي
Posted on: 25 Jul 2025 Tags:ڪراچي (24 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير براءِ آبي وسيلن ميان محمد معين وٽو ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ K-IV فیز-1 سميت ڪراچي جي پاڻيءَ سان لاڳاپيل اهم منصوبن، حب ڪينال مان پاڻيءَ جي حصي ۾ بهتري، رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (RBOD) ۽ پاڻيءَ جي معاهدي تحت حصن جي ورهاست بابت ويچاريو ويو. اجلاس وڏي وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رٿابندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، آبپاشي وارو وزير جام خان شورو، وڏي وزير جو سيڪريٽري عبد الرحيم شيخ، چيئرمين واپڊا نويد اصغر چوڌري، ڊي جي ميان رياض ۽ K-IV منصوبي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عامر مغل شرڪت ڪئي.
ڪراچي جو پاڻي بحران:
وڏي وزير وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هن وقت ڪراچي کي روزانو 1300 ملين گيلن پاڻي جي گهرج آهي جڏهن ته فقط 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جنهن سان 650 ايم جي ڊي جو سخت شارٽ فال پيدا ٿيو آهي. هن مسئلي جي حل لاءِ سنڌ حڪومت K-IV منصوبو تيار ڪيو جنهن جو مقصد ڪينجهر ڍنڍ مان ڪراچي کي 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪرڻ آهي. ان منصوبي جي پهرين مرحلي تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪندو. وفاقي وزير معين وٽو وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن اربع ڏينهن تي منصوبابندي واري وزير ناصر شاهه سان گڏجي K-IV منصوبي جو دورو ڪيو جتي فیز-1 جي تعميراتي اڳڀرائي 63 سيڪڙو ٿي چڪي آهي ۽ اهو منصوبو 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو.
ايڪنڪ جون هدايتون:
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت 31 جنوري 2022 تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جي تحت نظرثاني ٿيل پي سي-1 موجب K-IV فیز-1 جي انتظامي منظوري ڏني، جنهن جي مجموعي لاڳت 126.404 ارب رُپيا آهي.
ايڪنڪ پاران مقرر ڪيل اهم شرطون:
سنڌ حڪومت پاران ڪينجهر ڍنڍ مان 260 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي
صوبي جي حڪومت جي 50 سيڪڙو مالي ڀائيواري (12.77 ارب رُپيا)
واجبات جي وقت تي ادائيگي ۽ زمين حاصل ڪرڻ جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ
بجلي جي فراهمي، تقسيم جو نظام، آپريشن ۽ سار سنڀال جو بندوبست
۽ منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اسٽيرنگ ڪميٽي جا باقاعده اجلاس ڪرائڻ
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت پاران مقرر ڪيل سڀني شرطُن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي.
وفاقي سطح جا مسئلا:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزير براءِ آبي وسيلن ميان محمد معين وٽو کي آگاهه ڪيو ته انتظامي منظوري جي باوجود K-IV منصوبو سنجيده چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جي ترت مداخلت ضروري آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته مالي سال 2025-26 لاءِ منصوبي جي اصل گهرج 39.964 ارب رُپيا آهي، پر صرف 3.209 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. هن فنڊنگ جي کوٽ سبب منصوبو دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو، لاڳت ۾ واڌ اچي سگهي ٿي، ۽ ٺيڪيدارن جا امڪاني دعوائون به سامهون اچي سگهن ٿا. ان تي وفاقي وزير معين وٽو وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي منصوبي جي پيش رفت کان آگاهه ڪندو ته جيئن اضافي فنڊز جي منظوري حاصل ڪري سگهجي.
زمين ۽ رڪاوٽون:
وفاقي وزير ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت اڪثر "رائيٽ آف وي" (ROW) سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪري چڪي آهي پر ٻه اهم رڪاوٽون اڃا به موجود آهن، جن ۾ ٺٽو ۾ پمپنگ ڪمپليڪس لاءِ ضروري 22 ايڪڙ زمين ۽ پائپ لائين جي سيدھ بابت ھڪ زير التوا عدالتي ڪيس شامل آهن. وڏي وزير وفاقي وزير کي خاطري ڪرائي ته پمپنگ اسٽيشن لاءِ گهربل زمين جلد ئي منصوبي حوالي ڪئي ويندي.
صوبي جي ڀائيواري:
وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته صوبي جي 8.5 ارب رپين جي حصي مان 1.27 ارب رپيا (چوٿين چوٿين قسط) جي منظوري ڏني وئي آهي.
حب ڊيم:
وڏي وزير وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته سنڌ حڪومت پراڻي حب چينل جي مرمت ڪئي آهي ۽ 100 ايم جي ڊي گنجائش واري نئين نهر تعمير ڪئي وئي آهي، ته جيئن ڪراچي لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي کي بھتر بڻائي سگهجي. هن درخواست ڪئي ته حب ڊيم مان ڪراچي لاءِ پاڻي جي فراهمي 100 کان وڌائي 200 ايم جي ڊي ڪئي وڃي. ان تجويز تي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير ٻنهي اتفاق ڪيو ته حب ڊيم ۾ پاڻي جي موجودگي کي جانچڻ لاءِ هڪ ٽيڪنيڪل سروي ڪرايو ويندو، ته جيئن گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) کي سفارشون اماڻيون وڃن.
بين الصوباڻي پاڻيءَ جي ورڇ:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزير براءِ آبي وسيلن کان درخواست ڪئي ته سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي وارن کاتن جي وچ ۾ سڌي ملاقات کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن پاڻي جي ورڇ سان لاڳاپيل مسئلا خوش اسلوبيءَ سان حل ڪري سگهجن. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) اٽارني جنرل کي ٽاسڪ ڏنو هو ته هو 1991ع جي پاڻي معاهدي جو جائزو وٺي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ بابت سفارشون ڏئي. اٽارني جنرل اها رپورٽ جمع ڪرائي، جيڪا بعد ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڏانهن اماڻي وئي. وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته پاڻيءَ جي ورڇ فقط 1991ع جي پاڻيءَ جي معاهدي جي روشنيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي. ان تي وفاقي وزير اتفاق ڪيو ته مسئلي جي حل لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون وڃن.
آر بي او ڊي منصوبو
اجلاس ۾ رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (RBOD) منصوبي جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، جنهن لاءِ هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اها ڪميٽي بچيل مسئلن بابت ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي.
Back