وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران سنڌ ۾ 2 فيبروري کان 8 فيبروري تائين سڄي سنڌ ۾ هفتي وار پوليو مهم جو افتتاح

وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران سنڌ ۾ 2 فيبروري کان 8 فيبروري تائين سڄي سنڌ ۾ هفتي وار پوليو مهم جو افتتاح

Posted on: 20 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (2 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سومر ڏينهن چنيسر ڳوٺ ۾ قائم گورنمينٽ گرلز اينڊ بوائز پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي صوبي ۾ پوليو خلاف مهم جو باقاعده افتتاح ڪيو. هڪ هفتي تي ٻڌل هي مهم 2 فيبروري کان 8 فيبروري تائين سڄي صوبي ۾ جاري رهندي. اسڪول پهچڻ تي وڏي وزير جو ڀليڪار وزير محنت سعيد غني، وزير تعليم سردار علي شاه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي ۽ ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اي او سي) جي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمن ڪيو. ان موقعي تي عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او)، يونيسيف، روٽري انٽرنيشنل سميت عزيز ميمن ۽ ٻين ڀائيوار ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ مان پوليو جو خاتمو اجتماعي ذميواري ۽ صوبائي حڪومت جي مضبوط عزم جو اظهار آهي. هن چيو پوليو فري سنڌ اسان جو مشن آهي ۽ هر سطح تي غفلت خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاه ٻڌايو ته موجوده مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن هڪ ڪروڙ پنجاهه لک کان وڌيڪ ٻارن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. ان مقصد لاءِ سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 1490 يونين ڪائونسلن جي حدن اندر 89 لک گهرن جو دورو ڪيو ويندو. مهم لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر مقرر ڪيا ويا آهن. وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته يونين ڪائونسل سطح تي مهم جي سخت نگراني يقيني بڻائي وڃي ۽ ويڪسينيشن ٽيمن سان تعاون نه ڪندڙ ماڻهن يا گهرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن زور ڏنو ته پوليو خلاف جدوجهد ۾ والدين جو تعاون فيصلائتو آهي ۽ ڪو به ٻار ويڪسينيشن کان محروم نه رهڻ گهرجي. فرنٽ لائين ورڪرن جي سيڪيورٽي بابت وڏي وزير چيو ته پوليو ٽيمن جي تحفظ لاءِ 21 هزار کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو پوليو ورڪر اسان جا هيرو آهن، انهن جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي. دوري دوران وڏي وزير ڪلاسن ۾ پڻ ويو جتي هن پاڻ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ انهن کي “پوليو ايمبيسڊر” قرار ڏيندي ساش پهرايا. شاگردن کي خطاب ڪندي هن کين پنهنجي علائقن ۾ پوليو بابت آگاهي ڦهلائڻ جي تلقين ڪئي. سيد مراد علي شاه چيو ته هن وقت دنيا ۾ صرف ٻه ملڪ، پاڪستان ۽ افغانستان، اهڙا آهن جتي پوليو موجود آهي جيڪو قوم لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا اسان جي ٻارن کي عمر ڀر جي معذوري کان بچائي سگهن ٿا. واحد حل وائرس جو پاڙ کان خاتمو آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه: بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير والدين تي زور ڏنو ته گهرن ۾ ايندڙ ويڪسينيشن ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ پوليو ٽيم نه پهچي ته والدين ويجهي بنيادي صحت مرڪز سان رابطو ڪن يا مقامي انتظاميا کي اطلاع ڏين ته جيئن ٻارن جي ويڪسينيشن يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته پوليو جي خاتمي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهڻ گهرجن جيستائين ماحولياتي نمونا وائرس کان پاڪ ثابت نه ٿين. هن ڊبليو ايڇ او جي تصديق جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته پوليو جا ڦڙا ڪنهن به بيماري جو سبب ناهن بڻجندا، ۽ مذهبي عالمن، استادن، چونڊيل نمائندن، سياسي اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن کي اپيل ڪئي ته والدين کي ٻارن جي ويڪسينيشن لاءِ قائل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ٻڌايو ته هن ميڊيا هائوسز جي مالڪن کي خط لکي درخواست ڪئي آهي ته هر ڪلاڪ ۾ پنج کان ڏهه سيڪنڊ پوليو آگاهي لاءِ مختص ڪيا وڃن. هن چيو هي قومي فرض آهي ۽ ان ۾ ميڊيا جو تعاون انتهائي اهم آهي. وڏي وزير ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، روٽري انٽرنيشنل ۽ سڀني ڀائيوار ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جلد هن موذي بيماري کان پاڪ ٿي ويندو. پوليو جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته والدين جو تعاون انتهائي ضروري آهي ۽ ويڪسينيشن جي ڪوششن ۾ ڪمي تازين ڪاميابين کي ضايع ڪري سگهي ٿي. هن ياد ڏياريو ته 2018ع ۾ سنڌ مان پوليو لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو هو پر نگران حڪومتن جي دور ۾ وقفي سبب 2019ع کان 2021ع دوران ڪيس ٻيهر وڌيا. مسلسل مهمن جي نتيجي ۾ 2025ع ۾ ڪيس گهٽجي 31 رهجي ويا آهن. هن پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ سنڌ جي عزم جو اعادو ڪندي چيو ته هي قومي ذميواري آهي جنهن ۾ سماج جي سڀني طبقن جي شرڪت ضروري آهي. 14 فيبروري تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان جي متوقع احتجاج بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته سياسي ڌريون احتجاج بدران چونڊن ۾ حصو وٺن. هن چيو ته چونڊيل نمائندا عوامي مينڊيٽ مان طاقت وٺن ٿا ۽ شهيد ملت روڊ (شاهراهه فيصل) جهڙيون اهم شاهراهون بند ڪرڻ برداشت نه ڪيو ويندو، خلاف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. گل پلازا سانحي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت عدالتي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي چيف جسٽس جي ڪارروائي جو انتظار آهي. هن تصديق ڪئي ته متاثر خاندانن کي في ڪس هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو ويندو جنهن مان 26 چيڪ جاري ڪيا وڃي چڪا آهن. هن فائر بريگيڊ کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل فريم ورڪ هيٺ مربوط ڊيزاسٽر ريسپانس نظام يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو. وڏي وزير انهن الزامن کي رد ڪيو ته اهڙن واقعن کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ نيشنل اڪائونٽيبليٽي بيورو (نيب) سان گڏجي غلط رڪارڊ ٿيل ٻيلن واري زمين جي واپسي ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته سنڌ ٻين صوبن لاءِ گورننس ۽ شفافيت جا معيار قائم ڪندي رهندي. گورننس بابت ڳالهائيندي هن احتساب جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عملدارن کي هٽايو ويندو. هن چيو ته حقيقي طاقت الله وٽ آهي، نه ته سوشل ميڊيا جي تاثر ۾. آخر ۾ وڏي وزير عوامي صحت ۽ گورننس کي ڳنڍيندي چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مسلسل مهمون ۽ گڏيل ذميواري ضروري آهي. هن چيو هر مهم قومي فرض آهي. اسان سڀني کي ٻارن جي حفاظت ۽ سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
Back