وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ھدايت تي ملير نديءَ تي تعمير ٿيندڙ پل جو معائنو
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ھدايت تي ملير نديءَ تي تعمير ٿيندڙ پل جو معائنو
Posted on: 15 Feb 2026 Tags:ڪراچي (16 جنوري 2026): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي رٿابندي ۽ ترقي کاتي جي هڪ ٽيم نيشنل هاءِ وي فائيو (مرغي خانو)، قائدآباد، ضلع ملير ۾ ملير ندي تي زيرِ تعمير پل جو دورو ڪيو ته جيئن هن اهم بنيادي ڍانچي واري منصوبي جي اڳڀرائي ۽ تعمير جي معيار جو جائزو ورتو وڃي۔ انجنيئر اورنگزيب وسٽرو (ريجنل مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن آفيسر) ۽ انجنيئر عمران ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن سيل جي ٽيم نيشنل هاءِ وي فائيو (مرغي خانو) ڪراچي ۾ ملير ندي تي زيرِ تعمير پل جو معائنو ڪيو جنهن جي لاڳت 3 ارب 6 ڪروڙ 66 لک 90 هزار رپيا آهي۔ دوري دوران مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن سيل جي ٽيم فني عملي سان گڏ جن ۾ انجنيئر ڪامران (اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر)، انجنيئر منہاج الدين نصري (ريزيڊنٽ انجنيئر) ۽ ڪنسلٽنٽس شامل هئا، تعميراتي ڪم جي رفتار ۽ معيار جو تفصيلي جائزو ورتو۔ موقعي تي معيار جانچڻ لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ ڪنڪريٽ جي دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت جانچڻ لاءِ شمٽ هيمر ذريعي نان ڊسٽرڪٽو ٽيسٽ پڻ شامل هو۔ ان کان علاوه گرڊرز ۽ ٽرانسم جي سائيز ماپي وئي ته جيئن ڊيزائن جي وضاحتن تي عملدرآمد جي تصديق ٿي سگهي۔ چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي نجم شاهه ۽ ڊائريڪٽر جنرل رٿابندي ۽ ترقي الطاف ساريو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منصوبي جي اڳڀرائي 65 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي جڏهن ته مالي خرچ 61.6 سيڪڙو آهن۔ وڏي وزير رٿابندي ۽ ترقي کاتي کي هدايت ڪئي ته منصوبو جون 2026 کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي۔ موجوده مرحلي تي مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن سيل جي ٽيم ڪم جي رفتار کي تسلي بخش قرار ڏنو۔ وڏي وزير ترقياتي ڪمن جي معيار تي ڪنهن به قسم جي سمجهوتي کي رد ڪندي هدايت ڪئي ته سمورن تعميراتي معيارن جي سختي سان پابندي ڪئي وڃي۔ هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پل جو منصوبو مئي 2026 تائين مڪمل ڪيو وڃي ۽ عوامي مفاد ۾ بروقت تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي۔ پنهنجن مشاهدي ۾ مانيٽرنگ اينڊ ايوليئيشن سيل جي ٽيم عملدرآمد ڪندڙ اداري کي ڪجهه معاملن کي فوري طور حل ڪرڻ جي صلاح ڏني ته جيئن باقي رهيل ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهي۔ انهن معاملن ۾ ڪي-اليڪٽرڪ کي يوٽيليٽي منتقلي ۾ دير بابت خط لکڻ شامل آهي ڇاڪاڻ ته هن دير سبب منصوبي جي تڪميل جو شيڊول متاثر ٿي رهيو آهي۔ ان کان علاوه ريمپ اي ۽ بي لاءِ بجري ۽ ايگريگيٽ بيس جو فوري ذخيرو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي ڇوته موقعي تي گهربل مواد موجود نه هو۔ ٽيم نشاندهي ڪئي ته اڳواٽ ذخيرو ڪرڻ سان ڪم جي مدت ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي۔ رٿابندي ۽ ترقي ٽيم وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته مجموعي طور منصوبي تي ڪم جي رفتار تسلي بخش آهي۔ وڏي وزير جي هدايتن تي ڪي-اليڪٽرڪ کي پڻ يوٽيليٽي منتقلي جي عمل ۾ تيزي آڻڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ريمپس لاءِ بجري ۽ ايگريگيٽ بيس جو مناسب ذخيرو بغير دير جي يقيني بڻايو وڃي ڇوته تعميراتي مواد جي بروقت دستيابي پل جي منصوبي جي جلد تڪميل لاءِ انتهائي ضروري آهي۔ نيشنل هاءِ وي فائيو (مرغي خانو) تي ملير ندي جو هي پل ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني لاءِ هڪ اهم رابطو منصوبو سمجهيو وڃي ٿو ۽ صوبائي حڪومت مسافرن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ علائقائي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هن منصوبي جي تڪميل تي ويجهي نظر رکي ٿي۔