وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي خيرپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، 12 مغوي بازياب

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي خيرپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، 12 مغوي بازياب

Posted on: 14 May 2025   Tags:

ڪراچي (14 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي سکر ۽ خيرپور جي پوليس ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف وڏو آپريشن ڪيو، آپريشن ۾ 12 اغوا ڪيلن کي آزاد ڪرايو ويو. هي آپريشن 12 مئي تي سکر جي باگڙجي ڪچي واري علائقي ۾ شروع ٿيو ۽ 13 مئي تائين جاري رهيو. ڪارروائي جي دوران پوليس کي سخت مقابلو ڪرڻو پيو، ڌاڙيلن وڏي هتيارن سان فائرنگ ڪئي جن ۾ 12.7 ايم ايم مشين گن، جي ٿري رائفل، ايس ايم جيز، هٿيار بم، ۽ راڪٽ لانچر شامل هئا. ان باوجود پوليس اهلڪارن پنهنجي پروفيشنل مهارت ڏيکاري ۽ ڪيترن ئي ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ۽ ڪيترن اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو. آپريشن جي علائقي جغرافيائي پڻ هڪ وڏو چيلنج هو. ڌاڙيلن بڪتربند گاڏين (اي پي سيز) جي چرپر کي روڪڻ لاءِ کڏا کوٽيل هئا جڏهن ته گهاٽو جنگل پوليس جي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو هو، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏي قوت سان ڪارروائي جاري رکي ٿي.ان آپريشن ۾ جديد سازوسامان استعمال ڪيو ويو آهي. پنج بڪتربند گاڏيون (اي پي سيز) شامل هيون جن مان ٻه آءِ جي پول، ٻه گهوٽڪي ۽ هڪ سکر مان مهيا ڪيون ويون. فضائي نگراني لاءِ ڊرونز جو به استعمال ڪيو ويو جيئن زميني ڪارروائي جي هر لمحي جي نگراني ٿي سگهي. هي ڪارروائي ايس ايس پي سکر اظہر خان ۽ ايس ايس پي خيرپور حسن سردار جي قيادت ۾ ٿي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن حصو ورتو جن ۾ ڇهه ايس ايچ اوز ۽ ٻه ڊي ايس پيز شامل هئا. ڪارروائي دوران بدنام زمانه ڌاڙيل رجب جتوئي جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا البته هو فرار ٿي ويو، پر ان جو مرڪزي اڏو مڪمل طور تي تباه ٿي چڪو آهي. ڪارروائي ۾ ڇهه ڌاڙيل زخمي ٿيا جن ۾ ڪشمير جتوئي جو ڪزن سلامو جتوئي، تيگاڻي گينگ جو هڪ ميمبر (شناخت تصديق هيٺ) ۽ رحيمو ڦلپوٽو گينگ ۽ جتوئي گينگ جا چار نامعلوم ميمبر شامل آهن. ان آپريشن ۾ 12 مغوي آزاد ڪرايا ويا جن مان نون جو تعلق خيرپور ۽ ٽي جو سکر سان هو. وڏي وزير چيو ته شهريں جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به غفلت کي برداشت نٿو ڪري سگھجي. هن قانون جي بالادستي لاءِ حڪومت جو عزم ورجايو ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جي فوراً اطلاع لاڳاپيل اختيارن کي ڏين. هيءَ مربوط آپريشن ڪچي جي انهن علائقن ۾ جتي گهڻي عرصي تائين ڌاڙيلن جا محفوظ ٺڪاڻا هئا، رياستي رٽ جي بحالي لاءِ اهم قدم آهن. پوليس موجب علائقي مان ڏوهارين جي نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي لاءِ وڌيڪ مرحلن جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.

Back