وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صوبائي محتسب سنڌ سهيل راجپوت جي ملاقات
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صوبائي محتسب سنڌ سهيل راجپوت جي ملاقات
Posted on: 04 Jul 2025 Tags:ڪراچي (2 جولاءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت ملاقات ڪئي ۽ سال 2024 جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ اداراجاتي سڌارن بابت نمايان اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب سال دوران مجموعي طور 9151 نيون شڪايتون وصول ٿيون جن مان 5299 شڪايتن کي جاچ لاءِ منظور ڪيو ويو. انهن مان 4602 شڪايتون حل ڪيون ويون جڏهن ته 2348 ڪيسن ۾ متاثر ماڻهن کي عملي رليف فراهم ڪيو ويو جنهن سان مجموعي حل جي شرح 51 سيڪڙو رهي. اهم اڳڀرائي ۾ موبائل ايپ جو جاري ٿيڻ، سرڪاري ويب سائيٽ جي اپ گريڊ، ۽ شڪايتن جي انتظام جو نئون نظام شامل آهن جنهن جو مقصد عوامي پهچ ۽ ڪم جي رفتار ۾ بهتري آڻڻ آهي. رپورٽ ۾ “برانڊ ايمبيسيڊر پروگرام” جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو اعليٰ يونيورسٽين جي تعاون سان تيار ڪيو ويو ۽ نوجوانن ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ پينشنرن جا مسئلا، معذور ٻارن لاءِ جامع تعليمي قدم ۽ تعليم، پوليس، ۽ ماحولياتي تحفظ جهڙن اهم شعبي جو پڻ جائزو ورتو ويو آهي. ازخود نوٽيس قدمن ۾ خاص طور تي ايل پي جي سلنڊرن جي حفاظت لاءِ ضابطن جي تشڪيل ادارتي انصاف ۽ عوامي فلاح جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي. رپورٽ ۾ عالمي محتسب ادارن سان لاڳاپن ۽ بين الاقوامي تعاون سميت عوامي راءِ کي به شامل ڪيو ويو آهي جيڪو اداري جي وڌندڙ اثر ۽ شفافيت کي ظاهر ڪري ٿو. رپورٽ جي آخر ۾ مختلف ٻولين ۾ عام سوالن جا جواب ۽ معلوماتي مقالا به شامل آهن جيڪي سنڌ ۾ محتسب جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪن ٿا. هي جامع رپورٽ نه رڳو اداري جي سالياني ڪارڪردگي کي دستاويزي صورت ۾ پيش ڪري ٿي پر مستقبل لاءِ عوامي اعتماد ۽ انتظامي احتساب کي هٿي ڏيڻ جو رستو پڻ ڏيکاري ٿي. وڏي وزير خاص طور تي ڪمزور طبقن جي شڪايتن جي ازالي ۾ محتسب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ