وڌيڪ ترقياتي منصوبن، ڪي فور ۽ انفراسٽرڪچر اپ گريڊيشن بابت وڏا فيصلا: وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
وڌيڪ ترقياتي منصوبن، ڪي فور ۽ انفراسٽرڪچر اپ گريڊيشن بابت وڏا فيصلا: وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
Posted on: 08 Mar 2025 Tags:ڪراچي (7 مارچ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ آبپاشي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري اهم ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته ڄامشورو ڦاٽڪ (ريلوي ڪراسنگ) کان ڪوٽڙي بئراج ذريعي حيدرآباد تائين ٻن لين واري روڊ جو منصوبو تيار ڪيو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شورو، علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ورڪس محمد علي کوسو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو، پي اينڊ ڊي جو زبير چنا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪئي. ڪي فور: ڪي فور واٽر سپلاءِ منصوبي جو جائزو وٺندي وڏي وزير ڪي بي فيڊر ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي بحالي تي غور ويچار ڪيو. هي 39.9 ارب رپين جو منصوبو آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت جو حصو 19.4 ارب رپيا آهي ۽ منصوبي تي هيستائين 4 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. وڏي وزير اختيارين تي زور ڏنو ته ڪم کي تيز ڪيو وڃي. سنڌ جي ترقي لاءِ بنيادي اسٽرڪچر ۽ پاڻي جي منصوبن جي اهميت تي زور ڏيندي مراد علي شاهه سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي اثرائتي ۽ وقت سر مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير کي ورڪس اينڊ سروسز کاتي تحت هلندڙ 799 ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي جن جي ٽوٽل لاڳت 166 ارب رپيا آهي. مراد علي شاهه اعليٰ معيار ۽ وقت سر عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ سڀني جاري منصوبن کي آخري شڪل ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته حڪومت مالي سال 25-2024 لاءِ ڪا به نئين اسڪيم متعارف نه ڪرائي آهي تنهن هوندي به موجوده منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن سال 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن. 37 ارب رپيا اڳ ۾ ئي استعمال ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٿرو فارورڊ لائيبلٽي 111 ارب رپيا آهي. مکيه انفراسٽرڪچر ۽ پاڻي جا منصوبا: مراد علي شاهه ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) سسٽم جو به جائزو ورتو. فيڊرل پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) تحت هن منصوبي جي شروعاتي لاڳت جو ڪاٿو 115.4 ارب رپيا هو پر جائزي جي رپورٽ کانپوءِ هاڻي ان کي وڌائي 172 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. وڏي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) کان منصوبي جي منظوري حاصل ڪن. هن منصوبي تي اڃا تائين ڪو به پئسو خرچ نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن سال هن منصوبي لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير ڪوٽڙي بئراج تائين ڄامشورو ڦاٽڪ روڊ کي ڊبل لين بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان کي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جو هڪ ضروري حصو قرار ڏنو. مراد علي شاه چيو ته هن روڊ جي تعمير سان حيدرآباد شهر ۾ ٽرئفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي.ڪوسٽل هاءِ وي: اجلاس ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي بحث ڪندي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪوسٽل هاءِ وي جي 36 ڪلوميٽر ويڪرو ڪرڻ جي قيمت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. منصوبي جو شروعاتي ڪاٿو 16.2 ارب رپيا هو پر نظرثاني کانپوءِ قيمت وڌي 29.9 ارب رپيا ٿي وئي آهي. هن سال منصوبي لاءِ ٽي ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته هڪ ارب رپيا اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته منصوبي جي نگراني ڪندڙ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ بولي جي عمل ۾ مسئلن بابت خدشا ظاهر ڪيا. سنڌ حڪومت 6.85 ارب رپين جي وڌندڙ قيمت ادا ڪندي ۽ ان مان 6.5 ملين رپيا اڳ ۾ ئي ميچنگ گرانٽ جي صورت ۾ موجود آهن. اسٽيئرنگ ڪميٽي ورڪس کاتي کي درخواست ڪئي آهي ته هو بولي جي عمل کي حل ڪري. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته رَهتن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ڪم ٻيهر شروع ڪيو وڃي.
Back