وڏي وزير مراد علي شاهه 78 هين جشنِ آزادي خاص ٻارن سان گڏ شاندار انداز ۾ ملھائي
وڏي وزير مراد علي شاهه 78 هين جشنِ آزادي خاص ٻارن سان گڏ شاندار انداز ۾ ملھائي
Posted on: 11 Aug 2025 Tags:ڪراچي (8 آگسٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 78 هين جشنِ آزادي خاص ٻارن سان گڏ ٻه خوشگوار تقريبون ملهايون جيڪي قائداعظم هائوس ميوزيم ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي منعقد ٿيون. ٻئي تقريبون "معرڪو حق" جي عنوان هيٺ شموليت، اتحاد ۽ قومي فخر جو پيغام ڏينديون رهيون۔ ڏينهن جو آغاز قائداعظم هائوس ميوزيم ۾ ٿيو جتي ثقافت کاتي هڪ رونق ڀري پروگرام جو اهتمام ڪيو. اسڪينوسا، سي آرٽس، دارالسڪون ۽ نئين اميدِ جهڙن ادارن مان سئو کان وڌيڪ ٻارن شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ جهنڊو چاڙهڻ، ملي نغما ۽ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين ۾ ثقافتي پروگرام شامل هئا۔ وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزيرِ ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، معذور ماڻهن جي بااختياري واري کاتي (DEPD) جي سيڪريٽري طٰحه فاروقي ۽ نامور فنڪار جاويد شيخ ۽ ايوب کوسو ٻارن سان گرمجوشي سان مليا۔ وزيراعليٰ ٻارن سان ملي نغما ڳايا، اسٽيج تي شامل ٿيا ۽ ڪيڪ ڪاٽي تقريب کي يادگار بڻايو۔ هن ٻارن جي حوصلي ۽ صلاحيت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي خاص ٻار هن جشن جي جان آهن جيڪي خوشي، توانائي ۽ اميد کڻي اچن ٿا۔ سيد مراد علي شاهه پنهنجي حڪومت جي خاص ماڻهن لاءِ شموليت، برابري ۽ مدد جي پختي عزم کي ورجائيندي چيو ته هر شهري کي عزت، وقار ۽ موقعا ملڻ گهرجن، ڀلي سندس جسماني يا ذهني صلاحيت جيڪا به هجي۔ هن اعلان ڪيو ته خاص تعليم ۽ بحالي جا مرڪز هر ضلعي ۾ وڌايا ويندا، جڏهن ته خاص ٻارن لاءِ فني ۽ تخليقي تربيت جا پروگرام وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا۔
مزارِ قائد تي حاضري
ان کانپوءِ وزيراعليٰ سنڌ، ڪابينا جي ميمبرن ۽ خاص ٻارن سان گڏ مزارِ قائد پهتا۔ DEPD جي اهتمام هيٺ مزار تي هڪ خاص تقريب ٿي، جنهن جو آغاز ٻارن جي پيش ڪيل ملي نغمي سان ٿيو۔ وزيراعليٰ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري ۽ باني پاڪستان کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔ هڪ جذباتي لمحي ۾ وزيراعليٰ سنڌ هڪ خاص نينگريءَ کي اسٽيج تي پاڻ سان بيهاريو جيئن هوءَ سندن تقرير دوران گڏ رهي۔ هن چيو ته اڄ اسين شڪرگذاري سان پنهنجي آزادي جو جشن ملهائيون ٿا ۽ پنهنجي عوام جي خدمت جي عزم کي تازي ڪريون ٿا۔ تازي تڪرار جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته مئي ۾ ڀارت حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو اسان جي هٿياربند فوجن ڀرپور ۽ مؤثر جواب ڏنو۔ پاڪستان شاندار فتح حاصل ڪئي۔ سيد مراد علي شاهه قوم کي اپيل ڪئي ته ڏکئي وقت ۾ متحد رهن ۽ هٿياربند فوج جي بهادري کي خراجِ تحسين پيش ڪن۔ هن چيو ته اتحاد، طاقت ۽ انصاف اسان جي گڏيل ارادي مان جنم وٺن ٿا۔ هن معذور ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي لاءِ پنهنجي حڪومت جي مستقل حمايت جو عزم ٻيهر ظاهر ڪيو۔ وڏي وزير اعلان ڪيو ته 13 آگسٽ جي رات نيشل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جشنِ آزادي جي شاندار تقريب ٿيندي جنهن ۾ خاص ٻارن لاءِ سهولت ۽ خوشگوار ماحول جا خاص انتظام ڪيا ويندا۔ تقريبن جي پڄاڻي تاڙين، خوشيءَ جي نعري ۽ ملي نغمن جي گونج سان ٿي۔ صوبائي وزيرِ ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه خاص ٻارن جي جذبي ۽ ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهي ملڪ سان محبت جو سچو عڪس آهن۔ انهن بامعنيٰ تقريبن وسيلي سنڌ هڪ وڌيڪ جامع، همدرد ۽ متحد پاڪستان جي ويزن کي ٻيهر اجاگر ڪيو۔
Back