وزير مراد علي شاهه سِي ويُو تي ٻارن جي عالمي ڏينهن جي آگاهي واڪ جي اڳواڻي ڪئي

وزير مراد علي شاهه سِي ويُو تي ٻارن جي عالمي ڏينهن جي آگاهي واڪ جي اڳواڻي ڪئي

Posted on: 23 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (22 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن سِي ويو تي ٻارن جي عالمي ڏھاڙي تي آگاهي واڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کي ٻيهر ورجايو۔ سِي ويُو تي آمد وقت وڏي وزير جو استقبال سماجي بهبود بابت صوبائي وزير مير طارق علي ٽالپر، سماجي بهبود کاتي جي سيڪريٽري آغا سهيل ۽ ٻين عملدارن ڪيو۔ هي تقريب سماجي بهبود واري کاتي جي طرفان منعقد ڪئي وئي جنهن جو مقصد ٻارن جي حقن، انهن جي تحفظ، تعليم ۽ ڀلائي بابت مسئلن کي اُجاڳر ڪرڻ هو۔ واڪ ۾ شرڪت ڪندڙ شهرين سنڌ ۾ ٻارن جي حفاظت لاءِ جاري حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو۔ واڪ دوران وڏي وزير مراد علي شاهه، ٻارن سان پيار ڀري انداز ۾ ڳالهائيندي چيو ته ٻارَ قوم جو قيمتي سرمايو آهن۔ هن چيو ته ٻارَ اسان جو مستقبل آهن ۽ انهن جي حقن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ اسان اهڙو سماج چاهيون ٿا جتي هر ٻار پاڻ کي محفوظ، بااعتماد ۽ بااختيار محسوس ڪري۔ دنيا ٻارن سبب خوبصورت آهي ۽ سندن محبت ۽ سٺي تربيت سان وڌيڪ خوبصورت ٿي وڃي ٿي۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ٻڌايو ته هن تازو ئي صوبي ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي پريشان ڪندڙ تعداد جيڪا رڳو سنڌ ۾ 70 هزار آهي، بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي۔ هن اعلان ڪيو ته انهن ٻارن کي ٻيهر تعليمي نظام ۾ آڻڻ لاءِ هڪ خاص پروگرام شروع ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته اسان جو هدف آهي ته ايندڙ ٽي سالن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعداد کي اڌ تائين گهٽايو وڃي ۽ هن خيرخواهن کي اپيل ڪئي ته نون متعارف ڪرايل ڊجيٽل لرننگ اسڪولن جي سهائتا ڪن۔ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هن مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪ ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي مجموعي تعداد 50 ملين تائين پهچي سگهي ٿي۔ هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت ٻارن جي جبري مزدوري کي روڪڻ ۽ ٻارن جي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خاص قانون سازي ڪئي آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته قومي اسيمبلي تازو ئي ننڍي ڄمار ۾ شادين تي پابندي وارو بل منظور ڪيو آهي جڏهن ته سنڌ پنهنجي چائلڊ ميج ريسٽرينٽ ايڪٽ کي سختي سان لاڳو ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته ڪجهه صوبن ۾ اڃا به اهڙا سقم موجود آهن جن جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ ۾ جڏهن به هن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته فوري ڪارروائي ڪئي ويندي آهي۔ وڏي وزير ٻارن جي اسڪول ڇڏڻ جون بنيادي وجهون غربت ۽ سهولتن جي کوٽ قرار ڏنيون ۽ چيو ته ڊجيٽل لرننگ جا قدم کنيو پيا وڃن ته جيئن اهي مسئلا حل ٿي سگهن۔ هن پڻ تسليم ڪيو ته هڪ ڏينهن اڳ ٿيندڙ اجلاس ۾ سخت قانونن جو مطالبو به ڪيو ويو پر زور ڏنو ته غربت سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي۔ تعليم جي شعبه ۾ سڌارن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ نون استادن کي مقابلي جي امتحانن ذريعي ڀرتي ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته ان باوجود ڪيترائي سرڪاري استاد روز بروز روڊن تي احتجاج ڪن ٿا جڏهن ته انهن جي پهرين ذميواري ٻارن کي تعليم ڏيڻ آهي۔ ٻارن جي تحفظ بابت مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت ٻارن سان زيادتي جي مقدمن کي انتهائي سنجيدگي سان ڏسي ٿي۔ هن چيو ته جيستائين سخت سزائون يقيني نه ٿينديون تيستائين اهڙن واقعن جو خاتمو ممڪن نه آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي باقاعدگي سان ٻارن کي ”گڊ ٽچ ۽ بيڊ ٽچ“ بابت آگاهي ڏني وڃي ٿي جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ان تي تنقيد به ڪئي ويندي آهي۔ سماجي بهبود واري کاتي ٻارن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ صوبي ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون۔ سِي ويُو تي ٿيندڙ واڪ ۾ ٻارن خاص ٽي شرٽون ۽ ڪيپ پاتل هيون جڏهن ته سول سوسائٽي جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي۔

Back