سنڌ کي ٻوڏ جو خطرو: انساني جانن، بئراجن ۽ دريائي بندن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي: سيد مراد علي شاهه
سنڌ کي ٻوڏ جو خطرو: انساني جانن، بئراجن ۽ دريائي بندن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي: سيد مراد علي شاهه
Posted on: 04 Sep 2025 Tags:ڪراچي (03 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ھڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته هن سال پنجاب جي مختلف دريائن ۾ آيل ٻوڏ غيرمعمولي نوعيت جي آهي جنهن جي شدت صوبي لاءِ خطرا وڌائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته هن سال راوي، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ اوچتو ۽ شديد ٻوڏ آئي آهي جنهن جو سبب ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سان گڏ تيز برساتون به آهن. وڏي وزير چيو ته هي پاڻي هن وقت پنجاب مان گذري سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ان جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پنجند جي هنڌ تي پنجاب جا سڀ دريا گڏ ٿين ٿا ۽ اتي کان پاڻي سڌو گڊو بئراج ڏانهن اچي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سٺو پاسو اهو آهي ته ٽنهي دريائن جو پاڻي هڪ ئي وقت سنڌ ۾ داخل نه ٿيندو پر مرحليوار پهچندو. هن وضاحت ڪئي ته پهريان چناب جو پاڻي، پوءِ راوي ۽ آخر ۾ ستلج جو پاڻي ايندو جنهن سان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن اهو پيٽرن جاري رهيو ته سنڌ دريائي پاڻي کي محفوظ نموني سان سمنڊ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. وڏي وزير عوام کي يقين ڏياريو ته حڪومت سڀ وسيلا استعمال ڪندي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائيندي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ممڪن ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مڪمل تياري رکي آهي ۽ خاص طور تي ڪچي جي علائقن لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) اڳواٽ خبردار ڪيو هو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 11 کان 12 لک ڪيوسڪ تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن بعد صوبائي حڪومت هاءِ فلو کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کنيا آهن. وڏي وزير چيو ته اسان جون ٽي بنيادي ترجيحات آهن: سڀ کان پهرين انساني جانن ۽ مال مويشي کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ، ٻي مرحلي ۾ سکر، ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج کي محفوظ رکڻ، ۽ ٽيون سڀ کان اهم مقصد اهو آهي ته دريائي بند نه ٽٽڻ گهرجن ته جيئن پاڻي صرف دريائن اندر رهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جو علائقو پاڻي ۾ ٻڏي ويندو پر ڪيترائي ڳوٺ مٿانھون جڳهن تي آهن. هن ٻڌايو ته حڪومت ڊيٽابيس تيار ڪيو آهي جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته 5-7 لک ڪيوسڪ، 7-9 لک ڪيوسڪ ۽ 9 لک کان وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ڪهڙا ڳوٺ متاثر ٿيندا ۽ ڪيترا ماڻهو ۽ چوپايو مال رهندا. هن چيو ته پهرين سطح تي انخلا جو عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي چوپايو مال سميت محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن جو وقت هوندو آهي جنهن دوران پاڻي جي سطح وڌڻ جي اڳڪٿي مطابق وڌيڪ انخلا ڪيو ويندو. وڏي وزير اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن اوچتو تيز برساتون ٿيون ته صورتحال وڌيڪ مشڪل ٿي سگهي ٿي پر حڪومت سنڌ فوري ردعمل ۽ نگراني جي نظام ذريعي عوام جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ آيل تازي ٻوڏ انهن علائقن جي حڪومتن ۽ ماڻهن لاءِ وڏا چيلنج آندا آهن ۽ اسان هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماضي ۾ به وڏين ٻوڏن کي منهن ڏنو آهي ۽ انهيءَ تجربي جي بنياد تي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وئي آهي. 2010ع ۾ سنڌ 11.5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذاريو هو ۽ تڏهن به حڪومت ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي. وڏي وزير چيو ته صوبائي وزيرن کي گڊو ۽ سکر بئراج جي علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي ڪنارن تي نگراني لاءِ خاص ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن. صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي به پنهنجي حلقن ۾ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته آبپاشي کاتي ٻه لک خيما ۽ ٻيو رليف سامان تيار ڪيو آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ متاثرن کي فوري سهولت ملي سگهي. ڪالاباغ ڊيم بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا ان جي مخالفت ۾ قراردادون پاس ڪيون آهن تنهن ڪري اهو منصوبي سنڌ جي عوام لاءِ قبول نه آهي. هن چيو ته موجوده وقت ۾ ڌيان صرف ۽ صرف ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ رليف تي هجڻ گهرجي، نه ڪي متنازع منصوبا بحث هيٺ آڻڻ گهرجن. مراد علي شاهه چيو ته تازي ڪائونسل آف ڪامڻ انٽرسٽ (CCI) جي اجلاس ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت ڪا ڳالهه نه ٿي هئي ۽ ان حوالي سان سامهون آيل بيان درست نه آهن. وڏي وزير زور ڏنو ته هن وقت سڄي قوم کي اتحاد جي ضرورت آهي ڇو ته ملڪ وڏين آزمائشن مان گذري رهيو آهي. هن عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجن ماڻهن سان گڏ ٻين صوبن جي متاثرن جي مدد ۾ به ڀرپور تعاون ڪندي ۽ گڏجي ئي اسان هن آزمائش مان ڪاميابي سان نڪري سگهنداسين.
Back