وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جون عالمي بئنڪ وفد سان ملاقاتون: مالي سڌارن، ٽيڪس اوڳاڙي ۽ خدمتن جي معيار ۾ بهتري تي اتفاق

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جون عالمي بئنڪ وفد سان ملاقاتون: مالي سڌارن، ٽيڪس اوڳاڙي ۽ خدمتن جي معيار ۾ بهتري تي اتفاق

Posted on: 27 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (26 آگسٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمي بئنڪ جي وفد سان ٻه الڳ الڳ تفصيلي ملاقاتون ڪيون. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار ڪئي. پهرين ملاقات ۾ اهم مالي سڌارن تي غور ڪيو ويو جن جو مقصد ٽيڪس ۾ واڌارو ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ هو جيڪو ڊگهي مدي واري معاشي ترقي لاءِ لازمي آهي. ٻي ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي جاري منصوبن تي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو. ڳالهين دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته مالي معاهدي تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد لاءِ هڪ مؤثر نظام قائم ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذره فضل پيجوهو، ناصر شاهه، سردار شاهه، جام خان شورو، محمد علي ملڪاڻي، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا. عالمي بئنڪ جي وفد ۾ آپريشنز مينيجر ڊراوگيلس، آپريشنز آفيسر حنا سليم، ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر ۽ ٻيا به شامل هئا. پهريائين ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انساني ترقي جي شعبي ۾ سست رفتاري کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ گڏيل ڪوششن سان حل ڳوليا ويندا. ملاقات ۾ جيڪي حڪمت عمليون زير غور آيون تن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، صوبائي آمدني ۾ اضافي لاءِ زرعي آمدني ٽيڪس، خدمتن تي سيلز ٽيڪس ۽ جائداد ٽيڪس کي مضبوط ڪرڻ شامل هو. خرچن جي معيار ۾ بهتري: اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته معياري تعليم ۽ صحت تي خرچن کي خاص اهميت ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ پينشن سڌارا، جيڪي صوبائي حڪومت اڳ ئي متعارف ڪرايا آهن ۽ سرڪاري ادائگين جي عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ تي به ڪم ڪيو ويندو. ڊيٽا جي نظام کي بهتر بڻائڻ: ادارو شماريات سنڌ ۾ سڌارن تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن مالي ۽ خدمتن جي فراهمي جي نتيجن کي وڌيڪ مؤثر نموني پرکيو وڃي. ان سلسلي ۾ انتظامي ۽ سروي ڊيٽا جي انضمام ۽ ٽيڪس جي اڳڪٿي جا طريقا بهتر بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو. وڏي وزير ٻڌايو ته هن سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلوٽو ڊولپمينٽ (PRID) جو ڍانچو قائم ڪيو آهي جنهن جو مقصد صوبائي وسيلن ۾ واڌارو ڪرڻ، جامع پينشن سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ اسڪولن لاءِ وقت سر بجيٽ رکڻ آهي. هي قدم هڪ اهڙو مضبوط انگن اکرن جو نظام جوڙڻ جي ڪوشش آهي جيڪو شواهد تي ٻڌل پاليسي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن قدمن تحت زرعي آمدني ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ سڌارو ۽ سنڌ سيلز ٽيڪس جي سال بہ سال وڌندڙ وصولي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سرڪاري وينڊرن کي ادائيگيون مرحليوار ڊجيٽل نظام وسيلي ڪيون وينديون ته جيئن مالي نظام وڌيڪ مؤثر بڻجي سگهي، وڏي وزير چيو سنڌ حڪومت خدمتن جي فراهمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ شفافيت ۽ جوابدهي جي ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ انهن اهم سڌارن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.

Back