وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پاران 91 ارب رپين جي تعليمي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پاران 91 ارب رپين جي تعليمي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت

Posted on: 15 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (12 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي 91 ارب رپين جي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) جو جائزو وٺندي هدايت ڪئي ته جاري اسڪيمون خاص طور تي اسڪول اپ گريڊيشن منصوبا تيزيءَ سان مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهن. جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي مراد علي شاهه کي صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ نجم شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن بريفنگ ڏني. وڏي وزير ٻڌايو ته مالي سال 26-2025 لاءِ اي ڊي پي جو بجيٽ 17.82 ارب رپيا رکيو ويو آهي جڏهن ته 9.33 ارب رپيا پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام (PSDP) تحت رکيا ويا آهن. گذريل سال 11.37 ارب رپين جي 156 اسڪيمون مڪمل ٿيون جڏهن ته هن سال 91.03 ارب رپين جي 451 اسڪيمون (433 جاري ۽ 8 نيون) تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ڄاڻايو ويو ته پي ايس ڊي پي جون اسڪيمون 30 ضلعن ۾ جاري آهن جن جي ڪل لاڳت 12.33 ارب رپيا آهي (وفاقي حصو 5.44 ارب ۽ سنڌ حصو 6.89 ارب) ۽ انهن جي تڪميل جون 2026 تائين امڪان آهي. 481 اسڪولن مان 463 اسڪولن جا ٺيڪا 45 پيڪيجز ۾ ڏنا ويا آهن. انهن مان 12 اسڪول مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، 13 پلاسٽرنگ جي مرحلي ۾، 50 اسڪولن ۾ ڇت وجهي وئي آهي، 141 ڇتين واري سطح تي ۽ 67 لينٽر واري مرحلي ۾ آهن. سڀئي 481 اسڪول جون 2026 تائين مڪمل ٿي ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 55.24 ارب رپين جا غير ملڪي معاونت يافته منصوبا به جاري آهن جن ۾ JICA ۽ ايشين ڊويلپمينٽ بينڪ (ADB) جا منصوبا شامل آهن. انهن ۾ شامل آهن: پرائمري نياڻين جي اسڪولن کي ايليمينٽري سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ: خيرپور، نوشهروفيروز، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ملير ۾ 2.53 ارب رپين جي لاڳت سان 20 اسڪولن تي ڪم جاري آهي، لوٽ-1 جو 84 سيڪڙو ۽ لوٽ-2 جو 47 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. هدف 2026-27 تائين آهي۔ سيلاب متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير وارا منصوبا: ڇهن ضلعن ۾ 1.56 ارب رپين جي لاڳت سان. 9 اسڪول تعمير هيٺ آهن ۽ 32 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي۔ سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپرومينٽ پروجيڪٽ (ADB معاونت): 13.1 ارب رپين جي لاڳت سان 117 سيڪنڊري اسڪول ۽ استاد تربيت جو منصوبو آھي. پيڪيج-1 جو 77 سيڪڙو، پيڪيج-2 جو 38 سيڪڙو ۽ پيڪيج-3 جو 28 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. استادن جي تربيت ۽ امتحاني سڌارن وارا حصا تقريباً مڪمل ٿي ويا آهن۔ SSEIP (سيلاب فنڊنگ سان): 302.5 ملين ڊالر جو منصوبو جنهن تحت 5 سيلاب متاثر ضلعن ۾ 722 موسمياتي تبديلي وارا اسڪول ٻيهر تعمير ٿيندا. فيبروري 2025 ۾ 248 اسڪولن جا ٺيڪا ڏنا ويا آهن، وڌيڪ پيڪيجز عمل هيٺ آهن۔ ايرلي لرننگ انھاسمنٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن: 21500 استادن جي تربيت، 214000 تعليمي مواد جي ورڇ، ۽ 295 پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪرڻ شامل آهي. 12 ضلعن ۾ 286 اسڪولن تي تعميراتي ڪم جاري آهي جن مان 15 اسڪول ڊسمبر 2025 تائين ۽ 200 اپريل 2026 تائين مڪمل ٿي ويندا۔ وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ اپ گريڊيشن وارن منصوبن کي اوليت ڏني وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 15 اسڪول ڊسمبر تائين ۽ 200 اسڪول اپريل 2026 تائين مڪمل ڪيا وڃن۔ هن زور ڀريو ته تعليم اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي.

Back