پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجھوتو نه ڪندو: مراد علي شاهه، افغان سرزمين تان جارحيت ناقابلِ برداشت قرار
پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجھوتو نه ڪندو: مراد علي شاهه، افغان سرزمين تان جارحيت ناقابلِ برداشت قرار
Posted on: 17 Oct 2025 Tags:ڪراچي (12 آڪٽوبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه افغانستان جي جارحيت واري عمل تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي وقار تي ڪنهن به صورت ۾ سمجھوتو نه ڪندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته افغان ڌرتيءَ تان پاڪستان خلاف استعمال ناقابل برداشت ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ افغان حڪومت کي فوري ۽ عملي اپاءَ وٺڻ جي گھرج آھي. وڏي وزير چيو ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار سدائين تعميري ۽ مخلص رهيو آهي، پر افغان سرزمين جو پاڪستان خلاف استعمال بين الاقوامي اصولن ۽ ڀائراڻي احترام جي ڀڃڪڙي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي، جنهن خلاف سڄي دنيا کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. افغانستان جي اشتعال انگيزي علائقي ۾ تڪرار ۽ بي اعتمادي کي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته افغان حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي سرزمين کي دهشتگرد عنصرن جي استعمال کان فوري طور روڪي. پاڪستان سدائين افغان عوام سان ڀائراڻي، خيرسگالي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي، پر افغان قيادت پاڪستان جي صبر ۽ تحمل کي ڪمزوري نه سمجهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پر پنهنجي خودمختياري جي دفاع کان هڪ قدم به پٺتي نه هٽندو. هن وڌيڪ چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام صرف باهمي احترام ۽ ذميوار روين سان ئي ممڪن آهي.
Back