پاڪستان پرامن ايٽمي طاقت ۽ عالمي امن لاءِ پرعزم آهي، وڏو وزير

پاڪستان پرامن ايٽمي طاقت ۽ عالمي امن لاءِ پرعزم آهي، وڏو وزير

Posted on: 06 May 2025   Tags:

پاڪستان پرامن ايٽمي طاقت ۽ عالمي امن لاءِ پرعزم آهي، وڏو وزير

 

مودي جو جنگ وارو بيانيو انتهائي خطري وارو ۽ غير ذميوار آهي، مراد علي شاهه

 

ڀارت پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي، سندس پروپيگنڊا مڪمل ناڪام ٿيو، وڏو وزير

 

ڪراچي (4 مئي) سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ايٽمي طاقت آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي۔

 

وزيراعليٰ هائوس مان ڳالهائيندي مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان انهن جي ڪوششن سان ايٽمي طاقت بڻيو. هن چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ باوجود هميشه امن جو علمبردار رهيو آهي۔

 

مراد علي شاهه ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران تازو پهلگام واقعي تي پاڪستان تي لڳايل بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام سخت لفظن ۾ رد ڪندي تنقيد ڪئي. هن چيو ته ڪو به ذميوار ملڪ ايٽمي جنگ جهڙي سوچ به نٿو رکي ۽ اهڙو بيانيو انتهائي خطري وارو ۽ غير ذميوار آهي۔

 

هن وڌيڪ چيو ته پهلگام ڊرامي کان پوءِ پاڪستان شفاف جاچ جي پيشڪش ڪئي، هاڻ ڀارت پاڻ ئي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسي ويو آهي. ڀارت وٽ هاڻ ڪو به رستو نه بچيو آهي ۽ هو منهن بچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. سندس پروپيگنڊا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي۔

 

وڏي وزير پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڊپٽي وزيراعظم عالمي برادري آڏو پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪيو. هن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به ساراهه ڪئي جنهن ڀارت کي واضح ۽ مضبوط جواب ڏنو. مراد علي شاهه چيو ته ڀارت اڳ به اهڙيون حرڪتون ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري سندس رٿا ناڪام رهي آهي۔

 

سند طاس معاهدي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه زور ڀريو ته ڀارت اهو معاهدو ھڪ طرفو طور معطل نٿو ڪري سگهي. هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي جنگي ڪارروائي سمجهيو ويندو۔

 

وڏي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو جيڪو بين الصوبائي پاڻي جي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چيو ته بلاول جي ڪوششن سان هاڻ صوبن وچ ۾ پاڻي بابت مسئلا حل ٿي چڪا آهن۔

 

پاڪستان جي موقف کي ٻيهر ورجائيندي وڏي وزير چيو ته اسين هڪ پرامن قوم آهيون، پر پنهنجي ڌرتي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. پاڪستاني قوم هميشه پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺي رهي آهي. جڏهن به ملڪ کي بحران پيش آيو عوام هميشه ثابت قدمي ڏيکاري۔

 

آخر ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي جتي سڀني سياسي پارٽين کان قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي۔

Back