پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر جي لاڏاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو افسوس، جنازي ۾ شرڪت
پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر جي لاڏاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو افسوس، جنازي ۾ شرڪت
Posted on: 10 Apr 2025 Tags:ڪراچي (9 اپريل 2025ع) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ، مدبر سياستدان ۽ دانشور سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وڏي وزير چيو ته، "مرحوم تاج حيدر جي وفات سان مون سميت سمورن ڪارڪنن کي دلي صدمو رسيو آهي. ھن جو لاڏاڻو اهڙو ناقابلِ تلافي نقصان آھي. تاج حيدر ھڪ زيرڪ، مدبر ۽ سلجهيل سياسي اڳواڻ ھو، سندس ھميشه جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي."
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، "تاج حيدر نظرياتي سياست جا علمبردار ھو، ھن چونڊن جي شفافيت، سماجي انصاف ۽ آئين جي بالادستي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. سندس خدمتون پارٽي جي هر ڪارڪن لاءِ مشعلِ راهه بڻجي رهيون آهن."
گذريل رات وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊي ڪيئر اسپتال پهتو، جتي ھن پاڻ سينيٽر تاج حيدر جو جسدِ خاڪي مسجد يثرب منتقل ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب ۽ وقار مهدي پڻ ساڻس گڏ هئا.
سينيٽر تاج حيدر جي جنازي نماز اڄ منجھند 1:30 وڳي مسجد يثرب ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سميت پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن، سول سوسائٽي، واپاري برادري ۽ مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته، "تاج حيدر ھميشه ھڪ مدبر سياستدان، ليکڪ ۽ فڪر سان ڀرپور شخصيت طور ياد رکيا ويندا. ھن پارٽي جي تنظيم کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تاج حيدر جو لاڏاڻو ملڪ جي سياست جي ھڪ سنجيده باب جي پڄاڻي آھي."
آخر ۾ وڏي وزير دعا ڪئي ته، "الله تعاليٰ مرحوم تاج حيدر کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندن وارثن کي صبر جميل عطا ڪري."
Back