ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار سان درآمد ٿيل ڀاڻ تي انحصار گهٽجي ويندو، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا: وڏو وزير

ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار سان درآمد ٿيل ڀاڻ تي انحصار گهٽجي ويندو، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا: وڏو وزير

Posted on: 20 Feb 2026   Tags:

ڪراچي (20 فيبروري 2026ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي فليگ شپ ڪول ٽو فرٽيلائزر (C2F) رٿا سان ٿر جي ڪوئلي تي ٻڌل يوريا پراجيڪٽ جنهن کي فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) عمل ۾ آڻي رهي آهي، جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ ان جي اسٽرٽيجڪ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏيندي چيو ته هيءَ رٿا درآمدي ڀاڻ تي ڀاڙڻ گهٽائيندو، روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، برآمدات وڌائيندو ۽ ملڪ جي مقامي ڪوئلي جي وسيلن ۾ قدر جو اضافو ڪندو. ايف ايف سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جهانگير پراچا جي اڳواڻي ۾ آيل وفد وڏي وزير کي 1.12 ارب ڊالر ماليت واري هن رٿا جي فني، مالي ۽ ماحولياتي پهلوئن بابت بريفنگ ڏني، هن رٿا جو مقصد ٿر جي مقامي ڪوئلي جي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان جي ڀاڻ ۾ خودڪفالت کي مضبوط ڪرڻ ۽ درآمدن تي ڀاڙڻ گهٽائڻ آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري، مينيجنگ ڊائريڪٽر ٿر ڪول طارق شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي. ايف ايف سي جي ٽيم ۾ چيف ٽيڪنيڪل آفيسر سيد عامر عباس، هيڊ آف گورنمينٽ اينڊ پبلڪ ريليشنز شهباز اي خان ۽ سعد لوڌي شامل هئا. ايف ايف سي ٽيم وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته رٿا نومبر 2025ع ۾ بينڪ ايبل فيزيبلٽي اسٽڊي (BFS) جي مڪمل ٿيڻ سان اهم سنگ ميل حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪا عالمي شهرت ماڻيل صلاحڪارن تيار ڪئي. بي ايف ايس کان پوءِ رٿا هاڻي فرنٽ اينڊ انجنيئرنگ ڊيزائن (FEED) ۽ پراجيڪٽ معاهدن جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. موجوده ٽائيم لائين موجب مالي بندش (فنانشل ڪلوز) 2026ع جي آخر کان 2027ع جي وچ ۾ متوقع آهي، جڏهن ته ڪمرشل آپريشنز ڊيٽ (COD) جنوري 2031ع لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
معاشي ۽ روزگار تي اثر: ايف ايف سي هن رٿا کي ”گيم چينجر“ قرار ڏيندي ٻڌايو ته سي ٽو ايف رٿا ساليانو 7 لک 17 هزار ٽن يوريا تيار ڪندو، جنهن جي پيداوار ملڪي استعمال ۽ برآمدات ۾ برابر ورهائي ويندي. سالياني يوريا برآمدات مان 26 ڪروڙ ڊالر تائين آمدني جي اميد آهي. رٿا سان 3,500 کان وڌيڪ سڌا ۽ لڳ ڀڳ 7,000 اڻ سڌا روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته سالياني تقريبن 21 لک ٽن ڪوئلي جي کوٽائي ذريعي سنڌ حڪومت کي لڳ ڀڳ 55 لک ڊالر سالياني رائلٽي حاصل ٿيندي.
ماحولياتي گهرجن مطابق ڊيزائن: هي مربوط پلانٽ ٿر جي ڪوئلي کي گيسيفڪيشن ذريعي سنتھيسز گيس ۾ تبديل ڪندو، جنهن کان پوءِ ڊي سلفرائيزيشن ۽ شفٽ ڪنورزن جي عمل سان امونيا ۽ يوريا جي تياري لاءِ هائيڊروجن حاصل ڪئي ويندي. فيز ون ۾ بلڪ ۽ يوريا جي پيداوار، ساليانو 10.4 هزار ٽن سلفر، ۽ ساليانو 7 لک 17 هزار ٽن اضافي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂) جي پيداوار شامل آهي، جنهن کي صنعتي استعمال ۾ آندو ويندو۔ فيز ٽو ۾ يوريا جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ۽ گرين امونيا جي شروعات شامل آهي، جيڪا عالمي پائيداري معيارن مطابق پائلٽ سطح تي تيار ڪئي ويندي. ايف ايف سي موجب ماحولياتي تحفظ لاءِ 5 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ NOx ۽ SOx ڪنٽرول سسٽم، PM2.5 ذرڙن جو ڪنٽرول، ريورس اوسموسس ذريعي زيرو ليڪوئڊ ڊسچارج، سيوريج ٽريٽمينٽ، برساتي پاڻي جو ذخيرو ۽ ويسٽ ٽو ويليو حڪمت عملي تحت صنعتي معيار جو جپسم، سلفر، سليگ ۽ فلائي ايش جي تياري شامل آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رٿا جي عملداري يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اهم شعبن ۾ سهڪار جاري رھندو، جنهن ۾ مکي فراش مان 12 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي، پلانٽ سائيٽ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني جي زمين جي الاٽمينٽ شامل آهي. هن رٿا کي پاڪستان جي غذائي سلامتي، صنعتي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان ڀاڻ جي پيداوار رٿا نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. اھا رٿا درآمدي ڀاڻ تي ڀاڙڻ گهٽائيندي، روزگار جي موقعا پيدا ٿيندا، برآمدات وڌائيندو ۽ مقامي ڪوئلي جي وسيلن ۾ قدر ۾ اضافو ڪندو. رٿا فعال ٿيڻ بعد سي ٽو ايف پروجيڪٽ پاڪستان جي ڀاڻ سپلائي چين کي مضبوط ڪرڻ، هارين جي مدد ڪرڻ ۽ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ ٿر جي ڪوئلي جي صاف ۽ ويليو ايڊڊ صنعتي استعمال کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

Back