ڪراچي ۾ 150 سال پراڻي بڙ جو وڻ بچايو ويو: وڏي وزير بحالي کي ماحولياتي تحفظ ۽ تاريخي ورثي جي علامت قرار ڏنو
ڪراچي ۾ 150 سال پراڻي بڙ جو وڻ بچايو ويو: وڏي وزير بحالي کي ماحولياتي تحفظ ۽ تاريخي ورثي جي علامت قرار ڏنو
Posted on: 27 Aug 2025 Tags:ڪراچي (26 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 150 سال پراڻي بڙ جي وڻ جي بحالي کي ’’ماحولياتي تحفظ ۾ اهم قدم‘‘ ۽ ’’ماضي ۽ حال جي رشتي جي علامت‘‘ قرار ڏنو آهي. هي تاريخي وڻ قصرِ ناز ڪلب روڊ تي واقع آهي جيڪو تازي مون سون برساتن دوران تيز هوائن سبب ڪري پيو هو. سنڌ فاريسٽ کاتي جي سربراهي ۾ ٻه ڏينهن جاري رهندڙ ريسڪيو آپريشن دوران هن وڻ کي بچائي نئين جاءِ تي منتقل ڪيو ويو جنهن سان ان کي نئين حياتي ملي. چيف ڪنزرويٽر جاويد مهر جي جمع ڪرايل ٽيڪنيڪل رپورٽ موجب بڙ جي وڻ جون پاڙون پاڻي جي کوٽ سبب فنگس ۽ اڏوھي جي حملي سان متاثر ٿي ويون هيون. ڳري ڪرينن جي مدد سان وڏو وڻ ويجهو ئي مناسب جاءِ تي احتياط سان منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو آپريشن دوران گڏ موجود نم ۽ ڪمني جا وڻ به محفوظ نموني سان بهتر جڳهن تي منتقل ڪيا ويا. وڏي وزير سنڌ فاريسٽ کاتي جي ريسڪيو ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي نوجوانن تي زور ڏنو ته هو تاريخي وڻن جي تحفظ جي اهميت کي سمجهن جن کي هن ’’ورثو ۽ ماحولياتي استقامت جون زنده علامتون‘‘ قرار ڏنو. وڏي وزير چيو ته هي بحالي رڳو هڪ وڻ کي بچائڻ جو عمل ناهي پر تاريخ جي تحفظ ۽ وڌيڪ سائو ۽ صحتمند مستقبل ڏانهن قدم آهي.
Back