ڪراچي ۾ 35هين نيشنل گيمز 2025 لاءِ تياريون تيز، ايونٽ کي تاريخي ۽ يادگار بڻايو وڃي،وڏي وزير مراد علي شاهه جون هدايتون

ڪراچي ۾ 35هين نيشنل گيمز 2025 لاءِ تياريون تيز، ايونٽ کي تاريخي ۽ يادگار بڻايو وڃي،وڏي وزير مراد علي شاهه جون هدايتون

Posted on: 23 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (03 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ 35هين نيشنل گيمز 2025 جي پهرئين اسٽيرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايندڙ راندين کي تاريخي ۽ يادگار بڻايو وڃي جيئن 18 ورهين کان پوءِ ميزبان بڻجندڙ ڪراچي جو وقار ڀرپور نموني سان اجاگر ٿئي. وڏي وزير چيو ڪراچي کي لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان پوءِ نيشنل گيمز جي ميزباني جو اعزاز مليو آهي تنهنڪري ان کي شايانِ شان ۽ يادگار نموني سان منظم ڪيو وڃي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، راندين وارو وزير محمد بخش خان مهر (ويڊيو لنڪ ذريعي)، رٿابندي ۽ ترقي وارو وزير جام خان شورو، ثقافت وارو وزير ذوالفقار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز، ڊائريڪٽر راندين منور مهيسر، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو صدر ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. 35هين نيشنل گيمز 6 ڊسمبر کان 13 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي. تقريبن ٻه ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ملٽي اسپورٽس تقريب ڪراچي ۾ واپس اچي رهي آهي. ڪراچي پهريون ڀيرو 1948 ۾ نيشنل گيمز جي ميزباني ڪئي هئي، اهوئي سال هو جڏهن پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو بنياد پيو. ان کان پوءِ لاهور ڏهه ڀيرا، ڪراچي اٺ ڀيرا، پشاور ست ڀيرا، ڊاڪا ۽ ڪوئيٽا چار چار ڀيرا، جڏهن ⁠ت⁠ه ساهيوال ۽ فيصل آباد هڪ هڪ ڀيرو ميزبان رهيا. هن سال جا نيشنل گيمز پاڪستان جي تاريخ جا سڀ کان وڏا هوندا جن ۾ چارئي صوبا، آزاد جمو ڪشمير، اسلام آباد، ٽن سروسز ٽيمن ۽ چار کاتن جا نمائندا حصو وٺندا. مجموعي طور تي 6000 ائٿليٽس، 2800 ٽيم آفيسر ۽ 1100 ٽيڪنيڪل آفيسر شرڪت ڪندا جنهن سان شرڪت ڪندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 10 ھزار تائين پهچي ويندو. گيمز ۾ مردن جا 32 ۽ عورتن جا 29 مقابلا شامل هوندا جن مان 25 اولمپڪ ۽ 7 غير اولمپڪ رانديون شامل آهن. مردن جي رانديگرن لاءِ تيراندازي، ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، بيس بال، باسڪيٽ بال، باڪسنگ، فٽبال، جمناسٽڪس، هاڪي، جوڊو، ڪراٽي، رگبي، تيراڪي ۽ اسڪواش شامل آهن جڏهن ⁠ت⁠ه عورتن جي مقابلي ۾ فينسنگ، ٽيبل ٽينس، والي بال، تائڪوانڊو ۽ ويٽ لفٽنگ جهڙيون رانديون شامل آهن. ڪراچي ۾ 24 جڳهن تي مقابلا ٿيندا جن ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪمپليڪس (ناظم آباد)، اين اي ڊي يونيورسٽي، ڪي پي ٽي اسپورٽس ڪمپليڪس، ڪي ايم سي فٽبال اسٽيڊيم، ڊي اي سي سي ۽ گولف ڪلب، حبيب پبلڪ اسڪول، نيشنل اسپورٽس ٽريننگ اينڊ ڪوچنگ سينٽر ۽ ڪراچي بوٽ ڪلب شامل آهن۔ افتتاحي ۽ اختتامي تقريبون نئشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿينديون جن مان افتتاح 6 ڊسمبر ۽ اختتام 13 ڊسمبر تي ٿيندو۔ راندين کاتي طرفان گيمز لاءِ انڊس ڪوئن کي سرڪاري ميسڪوٽ طور تجويز ڪيو ويو آهي جيڪا سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي سڃاڻپ ۽ درياءِ سنڌ جي اتحاد جي علامت آهي۔ شهر کي سينگارڻ ۽ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ ٽي تلوار، نمائش چورنگي، ميٽروپول، ايڪسپو سينٽر، فريئر هال، نيشنل اسٽيڊيم رائونڊ اباؤٽ ۽ سي ويو سميت اهم هنڌن کي روشن ڪيو ويندو ۽ انهن کي وڏين اسڪرينن، ميسڪوٽن ۽ گيمز سان لاڳاپيل ٿيمز سان سينگاريو ويندو۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته 14 نومبر کان ٽارچ ريلِي مزارِ قائد تان شروع ڪئي وڃي جيڪا صوبي جي هيڊڪوارٽرن، يونيورسٽين ۽ وفاقي گاديءَ تائين پهچي ۽ علامتي طور خيبر پختونخوا تائين جاري رهي۔ وڏي وزير هڪ اعليٰ سطحي رابطا ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، تعليم وارو وزير سردار شاهه، راندين وارو وزير محمد بخش خان مهر ۽ ڪراچي جو ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب شامل آهن جيڪي هر هفتي تيارين جو جائزو وٺندا۔ شهر ڀر ۾ هڪ وڏي پيماني تي اشتهاري مهم به هلائي ويندي جنهن ۾ چوراهن کي نيشنل گيمز جي تصويرن، وڊيوز ۽ ٿيمز سان سينگاريو ويندو جڏهن ⁠ت⁠ه ڪيترن مشهور شخصيتن کي برانڊ ايمبيسڊر طور شامل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي۔ افتتاحي تقريب جي ثقافتي ٿيم درياءِ سنڌ سان گڏ راندين جو ارتقا، زندگيءَ جو درياءُ هوندي جيڪا سنڌ جي قديم تهذيب، صوفي روايت، ڪلاسيڪي ناچ، بصري منظرنامن ۽ شاگردن جي ثقافتي پيشڪشن ذريعي سنڌ جي روح کي اجاگر ڪندي۔ وڏي وزير چيو درياءِ سنڌ رڳو وهي نٿو، اهو ڳنڍي ٿو۔ جبلن کان سمنڊ تائين اهو اسان جون روايتون، ڪهاڻيون ۽ روح پنهنجي وهڪري سان گڏ کڻي اچي ٿو۔ جڏهن اهو سنڌ ۾ پهچي ٿو ته توانائي بڻجي وڃي ٿو، حياتي سان ڀرپور ۽ متحرڪ۔ ڪراچي، سنڌ جو دل، انهن سڀني کي گڏ رکي ٿو۔ سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري افتتاحي تقريب جا خاص مهمان هوندا جڏهن ⁠ت⁠ه وزيراعظم شهباز شريف اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪندا جنهن سان هن ايونٽ جي قومي اهميت نمايان ٿئي ٿي۔ راندين، ثقافت ۽ اتحاد جي سنگم سان 35هين نيشنل گيمز 2025 ڪراچي جي تاريخ ۾ نئون باب کولينديون، جتي شهر جي توانائي ۽ درياءِ سنڌ جو ازلي وهڪرو پاڪستان جي راندين جي جذبي سان گڏ هڪ عظيم جشن ۾ تبديل ٿي ويندو۔

Back