ڪراچي ايجوڪيشن سٽي ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ۽ 100 ملين يورو جي پرڏيهي سيڙپڪاري سان صاف توانائي واريون وڏيون رٿائون

ڪراچي ايجوڪيشن سٽي ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ۽ 100 ملين يورو جي پرڏيهي سيڙپڪاري سان صاف توانائي واريون وڏيون رٿائون

Posted on: 22 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (21 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايجوڪيشن سٽي لاءِ تاريخي معاهدن تي صحيح ٿيڻ صوبو ۽ پاڪستان لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو اسپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ٿيندو ۽ قابل تجديد توانائي ۽ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن ۾ وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري به متوقع آهي۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ وزير توانائي سيد ناصر شاهه، چيئرمين ايجوڪيشن سٽي بورڊ ڊاڪٽر عاصم حسين، وزيراعليٰ جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي (STZA) اظفر منظور، سيڪريٽري سيڙپڪاري خرم شهزاد، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سٽي ابرار احمد، ميڪو AG/ميڪو هولڊنگ جي چيئرمين بورڊ جوهانس ڊيٽر ٽروٽشلر، ميڪو AG/ميڪو هولڊنگ جا ايڪسل ڪيزر ۽ ٻيون شخصيتون شريڪ ٿيون۔ وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪراچي جي ايجوڪيشن سٽي ۾ 435 ايڪڙ تي پکڙيل اسپيشل ٽيڪنالاجي زون پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو هوندو جيڪو سنڌ حڪومت قائم ڪري رهي آهي۔ هي زون جدت، ڪاروباري صلاحيت ۽ علم تي ٻڌل معاشي ترقي جو مرڪز بڻجندو۔ پهريون معاهدو ايجوڪيشن سٽي پروجيڪٽ ۽ وفاقي حڪومت جي ڪابينا ڊويزن هيٺ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي (STZA) جي وچ ۾ ٿيو، جنهن تحت زون ڊولپمينٽ ايگريمينٽ تي صحيح ڪئي وئي۔ ان معاهدي مطابق منصوبو شفاف فريم ورڪ ذريعي اڳتي وڌندو، جنهن ۾ ماسٽر پلاننگ، مالي سهائتا، تعمير، آپريشن ۽ گورننس شامل هوندا۔ ان سان گڏ ايجوڪيشن سٽي کي STZA جي مرڪزي اي-پورٹل سان ڊجيٽل ڳنڍيو ويندو ته جيئن لائسنسنگ، ريگيوليٽري منظوريون ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف ٿئي۔ معاهدن جي ٻئي مرحلي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي عالمي شهرت يافته صاف توانائي ڪمپني ميڪو AG کي اسٽريٽجڪ ڀائيوار طور شامل ڪيو ويو۔ ميڪو ايجوڪيشن سٽي ۾ قابل تجديد توانائي جو پلانٽ قائم ڪندي، جنهن ۾ هوا، شمسي توانائي ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيون شامل هونديون ته جيئن ايجوڪيشن سٽي کي بجلي فراهم ٿي سگهي۔ پهرين ڏهه سالن تائين بجلي 0.11 آمريڪي ڊالر في ڪلو واٽ آور جي حساب سان ڏني ويندي جيڪا موجوده فراهم ڪندڙن جي شرح برابر آهي جڏهن ته ايجوڪيشن سٽي لاءِ چار سيڪڙو رائلٽي به مختص ڪئي ويندي۔ ڏهه سالن کان پوءِ ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي جنهن سان منصوبو وڌيڪ پائيدار ۽ سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش بڻجي ويندو۔ ان کان سواءِ ميڪو سان هڪ مفاهمتي يادداشت (MoU) تي به صحيح ٿي، جنهن تحت ايجوڪيشن سٽي اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ۾ جديد ترين مينوفيڪچرنگ سهولت قائم ڪئي ويندي ته جيئن توانائي ذخيرو ڪرڻ جا جديد حل تيار ڪري سگهجن۔ لڳ ڀڳ 100 ملين يورو جي سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري (FDI) سان قائم ٿيندڙ هي فيڪٽري مقامي ضرورت لاءِ توانائي اسٽوريج ماڊيول تيار ڪندي ۽ انهن کي عالمي مارڪيٽن ۾ به برآمد ڪندي۔ منصوبي سان هڪ هزار کان وڌيڪ سڌي ۽ اڻ سڌي روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ملندي ۽ پاڪستان جي حيثيت عالمي صاف توانائي سپلائي چين ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه ايجوڪيشن سٽي کي پاڪستان جي مستقبل جو ويزن قرار ڏيندي چيو ته تعليم، ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۽ جديد صنعتن جو امتزاج هڪ اهڙو ماحولياتي نظام ٺاهيندو جيڪو پائيدار ترقي ۽ عالمي مقابلي جو ضمانت ڏيندو۔ هن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن جي اڳواڻيءَ سبب جدت ۽ شموليت سنڌ جي ترقياتي ايجنڊا جو مرڪزي نقطو بڻيا آهن۔

Back