ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي فیز ٻئي جي منظوري: مراد علي شاهه پاران تيز عملدرآمد، جديد AI نگراني ۽ شهري تحفظ کي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ تي زور
ڪراچي سيف سٽي منصوبي جي فیز ٻئي جي منظوري: مراد علي شاهه پاران تيز عملدرآمد، جديد AI نگراني ۽ شهري تحفظ کي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ تي زور
Posted on: 23 Oct 2025 Tags:ڪراچي (20 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي سيف سٽي منصوبي (فیز-پھريون) بابت تفصيلي جائزي واري اجلاس ۾ فیز-ٻئي جي تجويز ڪيل دائريڪار (Scope) جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن خاص طور پوليس ۽ سيف سٽي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي تيزيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هي عوامي تحفظ جو اهم منصوبو وقت سر مڪمل ٿي سگهي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ گھرو وزير ضياالحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمن، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، ڊي جي سيف سٽي اٿارٽي آصف اعجاز شيخ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا۔ فیز- پھريون: وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته وڊيو نگراني جو پهريون مرحلو جيڪو 31 مئي 2024ع تي شروع ڪيو ويو هو، پنهنجي طئي ڪيل شيڊول موجب 30 نومبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان مرحلي ۾ جديد مصنوعي ذهانت (AI) سان ليس ڪئميرا نيٽ ورڪ، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو قيام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڊيٽابيسز کي ضم ڪرڻ شامل آهي ته جيئن ڏوهن جي روڪٿام، ٽرئفڪ مينيجمينٽ ۽ هنگامي جواب کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. ھيستائين اڳڀرائي ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائن، پولز، پوائنٽس آف پريزنس (POP) سائيٽس، سرورز ۽ ڊيٽا اسٽوريج اسٽرڪچر لڳائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا ويا آهن ۽ چهري جي سڃاڻپ، گاڏين جي ٽريڪنگ ۽ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ لاءِ تجزياتي نظام جي انضمام جو ڪم جاري آهي۔ گھرو وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن وقت 12 ايمرجنسي ريسپانس گاڏيون (ERVs) ميدان ۾ متحرڪ آهن جيڪي ڪمانڊ سينٽر سان ڳنڍيل آهن ته جيئن زميني سطح تي تيز ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ وڏي وزير سيف سٽي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته نيٽ ورڪ ڪنيڪشن بهتر ڪيو وڃي، ڊيٽا جي منتقلي ۾ رڪاوٽ نه هجي، ۽ مختلف ادارن جا ڊيٽابيس جهڙوڪ ڏوھارين جو رڪارڊ، گاڏين جي رجسٽريشن ۽ نادرا ڊيٽا کي ضم ڪيو وڃي ته جيئن اسمارٽ پوليسنگ ممڪن ٿئي۔ هن زور ڏنو ته فیز- پھرين ۾ معيار يا وقت جي پابندي تي ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ فیز-ٻيو: وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته فیز-ٻئي ۾ نگراني جي دائري کي ڪراچي جي وڌيڪ علائقن تائين وڌايو ويندو جن ۾ حساس، تجارتي ۽ رهاشي علائقا شامل آهن۔ فیز-ٻئي جي اهم خاصيتن ۾ 4750 نوان ڪيمرا لڳائڻ، 1750 موجوده ڪئميرائن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ 3000 نوان ڪئميرا لڳائڻ شامل آهن جن ۾ انٽيليجنٽ ٽرئفڪ سسٽم (ITS) به هوندو جيڪو اي-چالان (TRACS) نظام کي مضبوط ڪندو۔ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار وڏي وزير کي ٻڌايو ته فیز-ٻئي ۾ ضلع ڏکڻ (جنهن ۾ ڊي ايڇ اي جا اهم علائقا شامل آهن)، ضلع اوڀر ۽ ضلع ملير تائين نگراني جو ڍانچو وڌايو ويندو۔ سسٽم انٽيگريشن: ايس 4 سسٽم کي سيف سٽي پليٽفارم سان ڳنڍيو ويندو ۽ ان جو ڍانچو سيف سٽي جي معيار مطابق اپ گريڊ ڪيو ويندو۔ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر، سي پي او ڪراچي ۾، کي 6000 ڪئميرائن تائين مينيج ڪرڻ جي گنجائش تائين وڌايو ويندو جڏهن ته ڊيٽا سينٽر کي به جديد معيار مطابق اپ گريڊ ڪيو ويندو۔ ٻه علائقائي ڪمانڊ سينٽر قائم ڪيا ويندا جن ۾ هڪ ڊي آءِ جي ڏکڻ جي آفيس ۽ ٻيو سِوِڪ سينٽر ۾ موجود ڪنٽرول روم کي اپ گريڊ ڪري ضلع ڏکڻ ۽ اوڀر لاءِ مخصوص ڪيو ويندو۔ سسٽم ۾ جديد ڪمپيوٽر ايڊڊ ڊسپاچ (CAD)، اپ گريڊ ڪال سينٽر، 3D ڊيش بورڊ، AcuSeek ۽ ٻيا جديد تجزياتي اوزار شامل هوندا۔ وڏي وزير فیز-ٻئي لاءِ بجيٽ، عملي، ٽرانسپورٽ ۽ آپريشنل ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو جڏھن تھ ناڻي ۽ داخلا کاتي کي هدايت ڪئي ته مالي ماڊل کي حتمي شڪل ڏئي بنا ڪنهن دير جي منصوبي کي اڳتي وڌايو وڃي۔ وڏي وزير چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي دل آهي، ان جي شهرين، ڪاروبار ۽ ڍانچي جي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيف سٽي منصوبو صرف نگراني جو نظام نه پر هڪ جامع شهري تحفظ ۽ انتظامي نظام آهي جيڪو پوليسنگ ۽ هنگامي جواب جي نظام کي نئين دور ۾ داخل ڪندو. سيد مراد علي شاهه اجلاس جي پڄاڻي تي سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته فیز-پھرين کان فیز-ٻئي تائين منتقلي لاءِ باقاعده رپورٽون ۽ پاليسي تجويزون پيش ڪيون وڃن ۽ سيف سٽي اٿارٽي کي وڌيڪ بااختيار بڻايو وڃي جنهن لاءِ واضح آپريشنل پروٽوڪول پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي تيار ڪيا وڃن۔
Back