ٻھراڙين ۾ صحت جي سهولتن تائين ماڻھن جي پھچ ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششن کي واکاڻ جوڳيون آھن؛ ورلڊ بينڪ
ٻھراڙين ۾ صحت جي سهولتن تائين ماڻھن جي پھچ ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششن کي واکاڻ جوڳيون آھن؛ ورلڊ بينڪ
Posted on: 24 May 2025 Tags:شھيد بينظير آباد (23 مئي)؛ ورلڊ بينڪ پاران صوبي جي ٻھراڙين ۾ صحت جي سهولتن تائين پھچ ۽ صحت جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششن کي ساراهيو ويو. اهو اظهار ورلڊ بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد پاران شھيد بينظير آباد ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ (بي ايڇ يو) جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو. ورلڊ بينڪ جي آپريشنز مينيجنگ ڊائريڪٽر انا بيجيردي ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهسين جي سربراهي ۾ هڪ وفد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ جام صاحب بي ايڇ يو جو دورو ڪيو جتي هنن طبي عملي ۽ مريضن سان ملاقات ڪئي ۽ موجود صحت جي سهولتن جو جائزو ورتو.دوري ۾ وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي وفد بي ايڇ يو جام صاحب جو معائنو ڪيو ۽ اسٽاف ۽ مريضن سان سڌي ريت ڳالهائيندي سهولتن جو مشاهدو ڪيو. صوبائي وزير صحت ۽ پي پي ايڇ آءِ جي سي اي او جاويد جاگيراڻي مختلف شعبن جي ڪارڪردگي ۽ مهيا ڪيل خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بي ايڇ يو جام صاحب هر مهيني لڳ ڀڳ 20310 مريضن کي خدمتون مهيا ڪري ٿو جن مان او پي ڊي ۾ سراسري طور هر مهيني 5471 مريض اچن ٿا جيڪو مقرر هدف کان 162 سيڪڙو وڌيڪ آهي. خانداني رٿابندي جون خدمتون مقرر هدف کان 125 سيڪڙو وڌيڪ رهيون جڏهن ته مانع حمل جون خدمتون 71 سيڪڙو هدف حاصل ڪري سگهيون. ڄم/ويم جون خدمتون 95 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو ۽ ڳورهارين جي ابتدائي مرحلي ۾ جانچ (پهريون ٽماهي) سميت قبل از پيدائش سنڀال 101 سيڪڙو هدف سان اميدن کان وڌيل هئي. بي ايڇ يو ۾ حمل سان لاڳاپيل اهم ٽيسٽون، غذائي مشورا، آئرن جي کوٽ جو علاج، حفاظتي ٽيڪا ۽ پيچيدگين جي سڃاڻپ به ڪئي ويندي آهي. حمل جي ٻيهر جانچ جي ڪارڪردگي 123 سيڪڙو رهي، جيڪا قابلِ تعريف آهي. يو ايف آءِ او طرفان غذائيت جي اسڪريننگ تحت 1140 ماڻهن کي ڏٺو ويو ته جيئن غذائي کوٽ کان بچاءُ ۽ وقت سر علاج کي يقيني بڻائي سگهجي. ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته 29 ٻار سخت غذائي کوٽ جو شڪار ٿيا جيڪو توقع کان وڌيڪ آهي پر تنهن هوندي بي ايڇ يو پاران شديد غذائي کوٽ سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ مقرر هدف کان هڪ سيڪڙو وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري وئي. وڏي وزير مهيا ڪيل مختلف شعبن جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ورلڊ بينڪ جي وفد بي ايڇ يو جي انفرااسٽرڪچر جو تفصيلي جائزو ورتو جنهن ۾ اٺن ڪمرن تي مشتمل عمارت شامل آهي ۽ ان کي مجموعي طور تسلي بخش قرار ڏنو. هنن بيروني ڀتين ۽ ڇت جي سٺي حالت، صاف پاڻي جي فراھمي ۽ بجلي جي نظام کي ساراهيو جيڪو صحت جي سهولتن جي تسلسل لاءِ انتهائي اهم آهي. ان کان علاوه سولر پاور سسٽم، سي سي ٽي وي نگراني، ۽ بايوميٽرڪ حاضري جو نظام مڪمل طور تي فعال مليو. اسٽاف ۽ عوام لاءِ باقاعده بيت الخلا، ۽ موبائيل و انٽرنيٽ ڪنيڪٽيوٽي جي موجودگي کي به دور جديد جي اهم ضرورت قرار ڏنو ويو. ورلڊ بينڪ جي وفد کي انساني وسيلن جي معيار ۽ بنيادي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن کي هنن سٺي معيار جي حامل قرار ڏنو. شھيد بينظير آباد جي بي ايڇ يو جي مختلف شعبن کي فعال ۽ استعمال لائق ڄاڻايو ويو، جيڪو مقامي برادري لاءِ هڪ قابل اعتماد طبي مرڪز طور ڪم ڪري رهيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بي ايڇ يو جي ساراهه ڪندي انکي هڪ شاندار طبي ادارو قرار ڏنو جيڪو شھيد بينظير آباد جي ماڻهن کي معياري صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيو آهي. هن جديد طبي سامان جي موجودگي ۽ تجربيڪار ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي دستيابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بي ايڇ يو شھيد بينظير آباد هڪ مؤثر ۽ قابل اعتماد صحت جو ادارو آهي جيڪو ڪميونٽي جي ضرورتن کي ڀرپور طريقي سان پورو ڪري رهيو آهي.
#SindhCMHouse
Back