سکر ۾ اٺ تي ظلم، ٽن مان ٻه جوابدار گرفتار، وڏي وزير جو نوٽيس، سخت ڪارروائي جو حڪم
سکر ۾ اٺ تي ظلم، ٽن مان ٻه جوابدار گرفتار، وڏي وزير جو نوٽيس، سخت ڪارروائي جو حڪم
Posted on: 24 Sep 2025 Tags:ڪراچي/سکر (20 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر جي علائقي روهڙي ۾ پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جتي ٽن جوابدارن هڪ اٺ تي ظلم ڪندي ان جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي ھئي۔ وڏي وزير هن عمل کي ناقابلِ برداشت قرار ڏيندي سکر پوليس کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي۔ وڏي وزير جي هدايت تي سکر پوليس تيز ڪارروائي ڪندي ٽن مان ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن۔ پهريون جوابدار قربان بروهي اڄ صبح سوير پڪڙيو ويو جڏهنته ٻيو جوابدار رسول بخش شيخ کي ايس ايڇ او ڪندرا هڪ ڇاپي دوران ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو۔ ٽئين جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ ٻئي پاسي زخمي اٺ کي روهڙي ۾ ويٽرنري علاج مهيا ڪيو پيو وڃي جنهن جي نگراني ضلعي ڪائونسل چيئرمين سيد ڪامل شاهه ڪري رهيا آهن جيڪي وڏي وزير کي تفصيلي رپورٽ پڻ جمع ڪرائي چڪا آهن۔ سنڌ حڪومت يقين ڏياريو آهي ته اٺ کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ ضرورت پوڻ تي خاص علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويندو۔ اٺ جي مالڪ محمد امين سنڌ حڪومت، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيئرمين ڪميل شاهه جو فوري سهڪار ۽ جانور جي جان بچائڻ جي ڪوششن تي شڪريو ادا ڪيو۔ وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ جانورن تي ظلم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون مطابق سخت سزا ڏني ويندي۔
Back