سنڌ حڪومت اين آءِ سي ايڇ ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ نئون ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪري رھي آھي: مراد علي شاهه
سنڌ حڪومت اين آءِ سي ايڇ ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ نئون ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪري رھي آھي: مراد علي شاهه
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (5 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته فيصل ايڌھي جي سهڪار سان سندن حڪومت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH) ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪندي. هن رقم مان 10 ملين ڊالر اڳ ۾ ئي حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي 7 ملين ڊالر حڪومت فراهم ڪندي۔ هن اهو اعلان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزز (NICVD) جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جي افتتاح دوران ڪيو۔ چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري افتتاحي تختي جي نقاب ڪُشائي ڪئي۔ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، NICVD جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغیر، پيشنٽ ايڊ جا مشتاق ڇاپرا، سائبر نائف جا پروفيسر طارق محمود، شبير ديوان ۽ ٻيا پڻ تقريب ۾ موجود هئا۔ NICH جو نئون ميڊيڪل ٽاور: تقريب دوران ڳالهائيندي مراد علي شاهه ٻڌايو ته فيصل ايڌهي کيس آگاهه ڪيو آهي ته NICH ۾ 17 ملين ڊالر جي لاڳت سان هڪ ميڊيڪل ٽاور تعمير ڪيو ويندو جنهن مان 10 ملين ڊالر اڳ ئي حاصل ٿي چڪا آهن۔ وڏي وزير فوري طور اعلان ڪيو ته هو اها تجويز ڪابينا ۾ پيش ڪندو ته جيئن باقي 7 ملين ڊالر جي منظوري ملي سگهي۔ هن چيو هي ظاهر ڪري ٿو ته مخير حضرات ۽ هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز سان اسان جي ڀائيواري ڪيئن اڳتي وڌي رهي آهي۔ ارڙھين ترميم کانپوءِ صحت جي شعبي جو سفر: وڏي وزير شاهه پسمنظر بيان ڪندي ٻڌايو ته ارڙھين آئيني ترميم کان پوءِ اسپتال صوبائي اختيار ۾ اچي ويا۔ هن هڪ اهم مرحلو ياد ڪرايو جڏهن بنا ڪنهن اڳواٽ صلاح مشوري جي وفاقي حڪومت اوچتو NICH، JPMC ۽ NICVD جي فنڊنگ بند ڪري ڇڏي۔ هن ٻڌايو ته ان وقت جڏهن هو ناڻي وارو وزير هو پاڻ ۽ فنانس سيڪريٽري وڏي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ 7 جولاءِ تي سنڌ حڪومت فيصلو ڪن قدم کڻي انهن ٽنهي ادارن لاءِ نئون بجيٽ منظور ڪيو۔ اهو هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو۔ ادارن جي منتقل ٿيڻ وقت انهن جو گڏيل ساليانو بجيٽ رڳو 1.9 ارب رپيا هو۔ اڄ وڏي وزير شاهه فخر سان ٻڌايو ته اهو بجيٽ وڌي 40 ارب رپيا ٿي ويو آهي جيڪو ٽرشري هيلٿ ڪيئر لاءِ صوبائي عزم کي ظاهر ڪري ٿو۔ فلاح ــ ترقي جو بنيادي محرڪ: وڏي وزير پنهنجي تقرير جو وڏو حصو فلاح ۽ خيراتي ادارن جي ڪردار جي ساراهه لاءِ رکيو۔ هن ٽنهي ادارن جي موجوده ۽ اڳوڻن چيف ايگزيڪيوٽوز کي بهتر طريقي سان ترقي سنڀالڻ تي ساراهيو ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ هن 2017 ۾ جناح اسپتال جي دوري جو ذڪر ڪيو جتي مسٽر ڇاپرا حڪومت کان سهڪار گهريو۔ وڏي وزير ان وقت پڪو واعدو ڪيو ته سنڌ حڪومت فائونڊيشن جي گڏ ڪيل هر هڪ رپئي جي بدلي هڪ رپيو ڏيندي۔ هن خوشي جو اظهار ڪيو ته هاڻي مخير حضرات حڪومت جي ميچنگ کان وڌيڪ پئسا گڏ ڪري رهيا آهن ۽ گهڻو ڪري پنهنجو حق دار پورو حصو به نٿا وٺن۔ هڪ تازو مثال ڏيندي هن ٻڌايو ته فائونڊيشن جناح اسپتال جي ايمرجنسي ٽاور لاءِ 20 ملين ڊالر گڏ ڪيا پر حڪومت کان صرف 15 ملين ڊالر جي ميچنگ رقم طلب ڪئي۔ عالمي معيار جي بسترن جي ظرفيت: وڏي وزير مراد شاهه اسپتالن جي ظرفيت ۾ غير معمولي واڌ جو احوال ٻڌايو۔ صرف 12 سال اڳ JPMC، NICVD ۽ NICH ۾ گڏيل بسترن جو انگ 2000 هو جيڪو هاڻي وڌي 4000 ٿي ويو آهي ۽ 2028 تائين 5000 تائين پهچڻ جو امڪان آهي۔ هن ٻڌايو ته آمريڪا جي سڀ کان وڏي اسپتال ۾ 2800 بستر آهن ۽ برطانيا جي وڏي ۾ وڏي اسپتال ۾ 2200 بستر آهن ان حساب سان سنڌ جا اسپتال دنيا جي وڏين هيلٿ سسٽمز ۾ شمار ٿيندا۔ هن سڀني خيرخواهن جو خاص شڪريو ادا ڪيو خاص طور سردار ياسين جو ۽ شاهد عبدالله بابت هڪ مزاحيه جملو به چيو ته اهي مون کي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندا رهن ٿا۔ خطاب جي پڄاڻي تي وڏي وزير اسلام آباد ۾ هڪ تازي اجلاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ سڀني صوبن جا نمائندا موجود هئا۔ هن ٻڌايو ته هڪ ٻي صوبي جي نمائندي پنهنجي علائقي جي ڪمزور انفراسٽرڪچر کي ماڻهن جي ڪراچي لڏپلاڻ جو سبب قرار ڏنو۔ وڏي وزير شاهه اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ مسئلا ضرور آهن پر ان وٽ انفراسٽرڪچر به آهي ۽ موقعا به۔ هن يقين ڏياريو ته حڪومت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل پرعزم آهي ۽ اهو وعدو پورو ڪيو ويندو۔
Back