سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي فتنہ خوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي واڌايون
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي فتنہ خوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي واڌايون
Posted on: 24 Sep 2025 Tags:ڪراچي (21 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏينهن ڊيره اسماعيل خان ۾ خوارج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي بهادري ۽ بروقت ڪارروائي کي ساراهيو۔
وڏي وزيرٰ فورسز کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو جن ڀارتي نيٽ ورڪ جي دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو۔ هن چيو ته مارجي ويلن ۾ ٽي افغان دهشتگرد ۽ ٻه خودڪش بمبار به شامل هئا، جيڪي وڏي پيماني تي تباهي جي منصوبي ۾ هئا۔
مراد علي شاهه چيو ته فورسز جي بروقت ڪارروائي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو۔ هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز مؤثر آپريشن ڪيو آهي ۽ اهڙا قدم تيسين جاري رهندا جيستائين آخري دهشتگرد ختم نه ڪيو وڃي۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مقدس ڌرتيءَ کي خوارجن جي فتنن کان پاڪ ڪرڻ پوري قوم جو مشن آهي۔ اسان جا بهادر جوان عوام جي غير متزلزل سهڪار سان دهشتگردن کي شڪست ڏئي رهيا آهن۔ وزيراعليٰ چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي۔
Back