سنڌ حڪومت غيرقانوني قبضي ۽ ڀتي خوري برداشت نه ڪندي، آباد سان گڏجي مسئلا حل ڪيا ويندا: وڏو وزير
سنڌ حڪومت غيرقانوني قبضي ۽ ڀتي خوري برداشت نه ڪندي، آباد سان گڏجي مسئلا حل ڪيا ويندا: وڏو وزير
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (18 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (ABAD) جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي حسن بخشي ڪري رهيو هو ۽ واضح ڪيو ته صوبائي حڪومت زمينن تي قبضي ۽ ڀتي خوري کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي۔ آباد جي وفد ۾ افضل حميد، حنيف گوهر ۽ ٻيا عهديدار شامل هئا۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير گھرو ضياءُالحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا۔ وڏي وزير چيو ته هن هڪ ڏينهن اڳ آباد جي پريس ڪانفرنس ٻڌي هئي ۽ سندس خيال ۾ اهو معاملو ميڊيا ۾ آڻڻ بدران سڌو سنئون هن سان شيئر ٿيڻ گهرجي ها۔ هن زور ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به زمينن تي غيرقانوني قبضو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو۔ وڏي وزير چيو ڪنهن به صورت ۾ زمينن تي قبضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميه کي اڳ ۾ ئي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته غيرقانوني قبضي جي ڪنهن به صورت کي برداشت نه ڪندس۔ آباد جي نمائندن وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته ڪجهه مهينا اڳ سندس هدايتن تي زمينن تي قبضي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ سندن زمينن تي ڪوبه نئون قبضو نه ٿيو۔ هنن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي پراڻا قبضا موجود آهن ته حڪومت سان گڏجي انهن جي خاتمي لاءِ پڻ تيار آهن جنهن تي گڏيل طور اڳتي وڌڻ تي اتفاق ٿيو۔ اجلاس دوران آباد جي وفد وڏي وزير کي ڀتي خوري جون پرچيون ۽ مبينا طور ٻاهرين ملڪن مان فون ڪالون ڪندڙ ماڻهن جا ٽيليفون نمبر به ڏنا ۽ ميمبرن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي آگاهي ڏني۔ وڏي وزير چيو ته اهڙين حالتن ۾ آباد کي فوري طور لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها۔ هن چيو جيڪڏهن ڪنهن ڀتي جي پرچي ڏني يا ڪا رقم ادا ڪئي وئي ته فوري طور گهرو وزير کي درخواست ڏيڻ گهرجي ها۔ آباد جي قيادت ٻڌايو ته گذريل هڪ سال دوران ڀتي خوري جا لڳ ڀڳ 10 ڪيس سامهون آيا آهن۔ پوليس انهن 10 ڪيسن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت وفد کي بريفنگ ڏني۔ گهرو وزير ٻڌايو ته پوليس وڏن آپريشن دوران 50 ڀتي خور گرفتار ڪري جيل موڪليا جڏهن ته ڇهه ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا۔ مراد علي شاهه پوليس کي هدايت ڪئي ته آباد طرفان ايندڙ هر شڪايت تي ترت ڪارروائي ڪئي وڃي۔ هن چيو ته پوليس کي صاف لفظن ۾ حڪم ڏنا ويا آهن ته آباد جي شڪايتن تي بنا دير ايڪشن ورتو وڃي جڏهن ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ٻاهرين ملڪن مان ڀتي خوري ڪرائڻ وارن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي۔ وڏي وزير چيو اسان وفاقي حڪومت جي مدد سان ٻاهر ويهي ڀتي خوري ڪرائڻ وارن خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ ماضي ۾ اسان هن شهر مان ڀتي خور ختم ڪيا هئا ۽ هاڻي ٻيهر انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين۔ انسپيڪٽر جنرل پوليس اجلاس کي ٻڌايو ته هو اڳ ۾ ئي آباد جي نمائندن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي جن کان پوءِ عملي قدم کنيا ويا۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته آباد جي شڪايت تي ٻاهرين ملڪ مان سرگرم هڪ ڀتي خور سان لاڳاپيل ٽي ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آباد طرفان داخل ٿيندڙ هر شڪايت تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ وڏي وزير هر ڪيس لاءِ الڳ الڳ هدايتون جاري ڪندي پوليس ۽ سول انتظاميه کي مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ وڏي وزير چيو مان وفاقي حڪومت سان به ڳالهائيندس ته جيئن ٻاهر ويٺل ڀتي خور گرفتار ٿي سگهن۔ اسان اڳ به هن شهر مان ڀتي خوري جو خاتمو ڪيو هو ۽ ٻيهر به يقيني بڻائينداسين ته اهي قانون جي پڪڙ ۾ اچن۔ اجلاس جي پڄاڻي ۾ آباد جي وفد مسئلن جي حل ۾ ذاتي دلچسپي وٺڻ تي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي قدمن سان ڪراچي جي تعميراتي شعبي ۾ بلڊرن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو۔ وڏي وزير آباد جي وفد کي يقين ڏياريو ته هو جلد آباد جي آفيس جو دورو ڪندو ۽ سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪري رابطا مضبوط ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي رابطن جي کوٽ ختم ڪندو۔
Back