سنڌ حڪومت جو ڪارڪردگيءَ بھتر بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم، وڏي وزير اي-ڪيبنٽ ايپ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
سنڌ حڪومت جو ڪارڪردگيءَ بھتر بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم، وڏي وزير اي-ڪيبنٽ ايپ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
Posted on: 07 Jul 2025 Tags:ڪراچي (4 جولاءِ): سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ هڪ انقلابي قدم طور سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اي-ڪابينا ايپ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هي جديد پليٽفارم مڪمل طور پيپرليس نظام کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو نه رڳو سيڪيورٽي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائيندو پر ماحولياتي استحڪام کي پڻ هٿي ڏيندو. هن ايپ ذريعي اجلاس جي تياريءَ جو وقت اڌ کان به گهٽ ٿي ويندو جڏهن ته حڪومت جا ڪروڙين رپيا بچائي سگهبا. وڏي وزير اڳ ئي صوبائي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي هئي ته هڪ صارف دوست اي-ڪابينا ايپ تيار ڪئي وڃي ته جيئن ڪابينا جي ڪارروائي ۽ سمريز کي پيپرليس بڻائي سگهجي. ايپ جي تياري کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ان جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سعيد غني، مڪيش چاولا، جام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري آئي ٽي نور سمون، وڏي وزير جو سيڪريٽري زمان ناريجو، سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ٻڌايو ته رڳو ڪاغذن تي سالانه 1 ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ٿين ٿا جڏهن ته فائل ڪورز، بورڊز، تيل ۽ اسٽاف جا ٻيا خرچ ان کان علاوه آهن. اي-ڪابينا ايپ نه رڳو خرچ گهٽ ڪندي پر حساس معلومات جي حفاظت، وقت جي موثر استعمال ۽ اي-گورننس کي به فروغ ڏيندي. ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل صوبي طور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ماحول تي مثبت اثر پوندو. اي-ڪابينا ايپ جي خاصيتن ۾ ڪابينا جي سمرين ۽ اجلاس جي مڪمل ڪارروائي جو انتظام، ڪارڪردگيءَ جي اهم اشارن (KPIs) جي نگراني لاءِ ڊيش بورڊ ، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ الڳ ڊيش بورڊ جيڪي سڀني کاتن جي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ، جديد سرچ آپشنز: تاريخ، ايجنڊا يا موضوع جي لحاظ سان ڳولا جي سهولت، آف لائن موڊ: انٽرنيٽ کانسواءِ به سمرين ۽ ايجنڊا ڏسڻ جي سهولت، حسب ضرورت منظوري وارو نظام ۽ مختلف فائيل فارميٽس جي سهولت ۽ ڪابينا ڪاميٽي براءِ فنانس (CCF) جي ڪارروائي ۽ اجلاس جا منٽس به سنڀالڻ جي صلاحيت شامل آھن. اڳتي جا قدم: وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته رولز آف بزنس ۾ ضروري ترميمن لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن اي-ڪابينا ايپ کي باقاعدي طور فعال ڪري سگهجي. هي ايپ سنڌ ۾ جديد طرز حڪمراني ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.
Back