سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جو مالي سھڪار 3.96 ارب ڊالرز تائين پھچي ويو آھي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جو مالي سھڪار 3.96 ارب ڊالرز تائين پھچي ويو آھي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

Posted on: 19 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (17 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ورلڊ بينڪ جي پاڪستان ۾ رخصت ٿيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهاسين جي اعزاز ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ شاندار الوداعي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. بينهاسين سنڌ ۾ پنهنجي پنجن سالن جي اثرائتي دور جي مڪمل ٿيڻ تي رخصت ٿي رهيو آهي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ نامور صنعتڪارن شرڪت ڪئي. ناجي بينهاسين روايتي پاڪستاني لباس شلوار قميص ۽ ڪاري ويسٽ ڪوٽ ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سندن مثالي اڳواڻي، خاص طور تي 2022 جي سنڌ ۾ آيل تباهه ڪندڙ ٻوڏ جي وقت ڏنل خدمتن تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب دوران ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جاري رٿائن تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان موقعي کي خوشيءَ ۽ يادگار لمحو قرار ڏيندي چيو ته هي الوداعي تقريب نه رڳو هڪ معزز شخصيت جي مان ۾ آهي پر ناجي بينهاسين جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ نتيجا خيز ڀائيواري جو جشن پڻ آهي. هن ورلڊ بينڪ سان تعاون ذريعي سنڌ ۾ ٿيندڙ ترقيءَ کي اجاگر ڪيو جنهن مان لکين ماڻهو مستفيد ٿيا. وڏي وزير خاص طور 2022 جي ٻوڏ دوران ناجي بينهاسين جي وقت سر ۽ مؤثر حڪمتِ عملي جي ساراهه ڪئي جنهن متاثر ٿيل برادرين کي تڪڙي مدد فراهم ڪئي. هن اعتراف ڪيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص توجهه ۽ رهنمائي سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ سان سنڌ جو مجموعي مالي سهڪار 3.96 ارب ڊالر تائين وڌي ويو آهي جنهن هيٺ موسمياتي تحفظ، سماجي تحفظ، انفراسٽرڪچر جي بحالي، ۽ ڊجيٽل جدت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ريڪن اسٽرڪشن پروجيڪٽ جي پڻ واکاڻ ڪئي جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو آهي جنهن هيٺ 2.1 ملين گهر ٺاهي 1.5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو پهچايو ويو آهي. ٻيا اهم منصوبا جن جو ذڪر ڪيو ويو انهن ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن اسٽرٽيجي، ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيويوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ ۽ ڪراچي موبليٽي پروجيڪٽ شامل آهن، جن جو مقصد ملڪ جي معاشي حب ۾ شهري زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ آهي. وڏي وزير ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ 2026-2035 جي منظوري جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن تحت پاڪستان لاءِ 20 ارب ڊالر جي امڪاني مدد ڏني ويندي. ان جو مقصد غذائي کوٽ کي گهٽائڻ، تعليم، ماحولياتي بهتري ۽ سنڌ جي ترجيحن موجب جامع سيڙپڪاري آهي. مراد علي شاهه ناجي بينهاسين جي خدمتن تي دلي ٿورائتو ظاهر ڪندي چيو ته هو سنڌ ۾ مضبوط نظام، بااختيار برادريون ۽ اميد جو اهڙو نقش ڇڏي پيا وڃن جيڪو سالن تائين ترقي جي سفر ۾ گونجندو. پنهنجي الوداعي تقرير ۾ ناجي بينهاسين سنڌ حڪومت جي عزم ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي ذاتي دلچسپي جي واکاڻ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ورلڊ بينڪ جا منصوبا ڪامياب ٿيا. هن ٻوڏ کان پوءِ بحاليءَ جي دور ۾ وڏي وزير جي لڳاتار ڪوششن جي به تعريف ڪئي جن بحاليءَ جي عمل کي تيز ڪيو. ناجي بينهاسين سنڌ حڪومت جي ٽيم جي سهڪار ۽ ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ڀائيواري ايندڙ وقت ۾ به ترقي ڪندي رهندي ۽ سنڌ جي پائيدار ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هي تقريب ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جاري تعاون جو هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي جنهن موجوده ڪاميابين کي مڃيندي مستقبل جي ترقيءَ لاءِ رستو هموار ڪيو.

Back