سنڌ حڪومت پرائمري ھيلٿ ڪئير کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌ حڪومت پرائمري ھيلٿ ڪئير کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

Posted on: 15 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (15 اپريل 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج (UHC) حاصل ڪرڻ لاءِ پرائمري ھيلٿ ڪئير کي اهم بنياد قرار ڏيندي ان کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو آهي. ھن اھا ڳالھھ آغا خان يونيورسٽي پاران رٿيل قومي سمپوزيم "پرائمري ھيلٿ ڪيئر: پاڪستان ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي بنياد" کي خطاب دوران ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آغا خان يونيورسٽي جي هن اهم ۽ بروقت ڪوشش جي تعريف ڪئي، جيڪا عالمي صحت جي ترجيحن ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ صحتمند سماج جي ويزن سان مطابقت رکي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت وارو شعبو سدائين سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ منصوبابندي جو اھم مرڪز رھيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ-19 جي وبا هڪ مضبوط ۽ پائيدار صحت نظام جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو، جيڪو بنيادي صحت جي سهولتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن سنڌ حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي سڌارن ۽ سيڙپڪاري جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ ٽئين درجي جي صحت جي سهولتن ۾ بهتري ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي توسيع شامل آهي.  هن 1990 جي ڏهاڪي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران شروع ڪيل ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام جهڙن قدمن کي اجاگر ڪيو، جيڪي غير متعدي بيمارين کي منهن ڏيڻ ۽ ڪميونٽي سطح تي صحت جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ هئا. هن صحت جي سهولتن جي فراهمي خاص طور تي شهري علائقن ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. پيپلز پرائمري هيلٿ انيشيئيٽو ۽ ضلعي اسپتالن کي خاص اين جي اوز حوالي ڪرڻ جهڙن ڪامياب ماڊلن جو حوالو ڏيندي چيو تھ انھن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو تھ ارڙھين ترميم کان پوءِ جڏهن صحت وارو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿيو، تڏهن کان سنڌ حڪومت صحت جي بجيٽ خاص طور تي روڪٿام ۽ بنيادي صحت ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. سيد مراد شاهه تسليم ڪيو ته ڪجھھ علائقا اڃا به وڏن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ۽ آغا خان يونيورسٽي جي "پرائمري هيلٿ ڪيئر لرننگ ايجنڊا" جهڙن سکيا واريون گڏيل پليٽفارمز جي اهميت تي به زور ڏنو. هن چيو ته حقيقي صحت جي بهتري لاءِ حڪومت ۽ سموري سماج جي گڏيل ڪوشش ضروري آهي. ھن وڌيڪ چيو ته صحت کي ٽرانسپورٽ جي رٿابندي کان ويندي موسمي تبديلي جي منصوبن تائين هر شعبي ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي. آخر ۾ وڏي وزير پڪ ڏياري تھ سنڌ حڪومت سمپوزيم جون سفارشون سنجيدگي سان غور هيٺ آڻيندي ۽ هڪ صحتمند سنڌ ۽ صحتمند پاڪستان جي راهه ۾ پنھنجو سفر جاري رکندي.

Back