سنڌ حڪومت سپر فلڊ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، نو لک ڪيوسڪ پاڻي وھڪري لاءِ انتظام مڪمل آهن: مراد علي شاهه

سنڌ حڪومت سپر فلڊ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، نو لک ڪيوسڪ پاڻي وھڪري لاءِ انتظام مڪمل آهن: مراد علي شاهه

Posted on: 04 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (پھرئين سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سپر فلڊ جي امڪاني صورتحال لاءِ مڪمل تياري ڪري چڪي آهي ۽ نَو لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ جا سڀ انتظام مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڀارت پاران اَٺ کان ڏهه لک ۽ اڃا ته ٻارهن کان ارڙهن لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج تائين پهچڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن پر سنڌ حڪومت هر امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي جامع حڪمتِ عملي تي عمل ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته درياهه چناب ۽ جهلم جو سڀ کان وڏو وهڪرو ٽريمون بئراج تي گهٽتائي کان پوءِ اچي چڪو آهي ۽ اهو پاڻي پنجند تائين پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳندا. پنجند تي صورتحال واضح ٿيندي ۽ اتي کان خبر پوندي ته ڪيترو وڏو ريلو گڊو بئراج تائين پهچندو. اهو پاڻي وڌيڪ ٻه ڏينهن بعد گڊو بئراج پهچندو يعني 6 سيپٽمبر تي سڀ کان وڏو ريلو اچڻ جي اميد آهي. وڏي وزير چيو ته 24 آگسٽ تي 5.5 لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج مان ڪڍيو ويو هو جيڪو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج مان به بحفاظت گذري ويو. هن موجب هر هڪ لک ڪيوسڪ جي واڌ سان درياهه ۾ لڳ ڀڳ هڪ فُٽ پاڻي وڌي ٿو پر سنڌ جا بئراج ڏهه لک ڪيوسڪ جي وهڪري کي برداشت ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ڀروسو آهي ته وڏو ريلو به بحفاظت گذري ويندو. سڀ کان وڏي ڪوشش اها آهي ته ڪنهن به صورت ۾ جاني يا مال جو نقصان نه ٿئي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته درياهن ۾ امڪاني سپر فلڊ جي اڳواٽ تياري طور متاثر ضلعن جي ڳوٺاڻن علائقن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ مقامي آبادي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جا انتظام مڪمل ٿي ويا آهن. جيتوڻيڪ وڏي پيماني تي ماڻهن کي اڃا منتقل نه ڪيو ويو آهي پر ضلعي انتظاميه ۽ آبپاشي کاتي جي عملي هيٺاهين علائقن جي رهاڪن کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو ڪنهن به وقت لڏپلاڻ لاءِ تيار رهن. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن جو وقت هوندو جنهن ۾ لڏپلاڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته لڏپلاڻ لاءِ ٻيڙين ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪري ڇڏيو ويو آهي. اسان وٽ پنهنجون ٻيڙيون موجود آهن، نيوي مدد فراهم ڪئي آهي، آرمي پنهنجا وسيلا ڏنا آهن ۽ مقامي پرائيويٽ ٻيڙيون به هائر ڪيون پيون وڃن ته جيئن بروقت انخلا ممڪن بڻجي سگهي. سيد مراد علي شاهه پڪ ڏياري ته حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته ڪنهن به وڏي سيلاب جي صورت ۾ عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائي سگهجي.

Back