سنڌ جي وڏي وزير جو خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ وڏي وزير سان رابطو، تباهي ڪندڙ ٻوڏ ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار، مدد جي آڇ
سنڌ جي وڏي وزير جو خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ وڏي وزير سان رابطو، تباهي ڪندڙ ٻوڏ ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار، مدد جي آڇ
Posted on: 16 Aug 2025 Tags:ڪراچي (15 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازي تباهه ڪن ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٽيليفون تي ڳالھائيندي متاثرن سان سنڌ حڪومت جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن سنگين صورتحال ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي۔ وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي وطن واسين جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهي۔ هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ زخمين جي علاج لاءِ سموريون طبي سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن جيڪي متاثر علائقن جي ڀائرن لاءِ سنڌ جي خدمتي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون۔ وڏي وزير چينگي بانڊه ويجهو هيليڪاپٽر حادثي ۾ پنج اهلڪارن جي شهادت تي به ڏک جو اظهار ڪيو۔ هن انهن اهلڪارن کي عوامي خدمت جا هيرو قرار ڏيندي سندن خاندانن سان تعزيت ڪئي ۽ هن ڏک جي گهڙي ۾ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي۔
وڏي وزير مراد علي شاهه گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازو ڪڪر ڦاٽڻ ۽ اوچتي ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو۔ هن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ گڏيل قومي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سنڌ جي عوام متاثر علائقن سان مڪمل گڏ بيٺل آهي۔
Back