سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي مضافاتي سفري نظام ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ريلوي پارٽنرشپ تي متفق
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي مضافاتي سفري نظام ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ريلوي پارٽنرشپ تي متفق
Posted on: 15 Feb 2026 Tags:ڪراچي (8 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي وچ ۾ ٿيل هڪ فيصلائتي اجلاس ۾ صوبي جي ريلوي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اربين رپين جي منصوبي تي اتفاق ڪيو ويو. هن منصوبي جي شروعات ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪراچي کان ٿرپارڪر رستن کان ڪئي ويندي جنهن جو مقصد لکين شهرين کي جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔ وڏي وزير اجلاس دوران چيو ته صوبي ۾ موجود 308 مان 100 مينڊ ريلوي ڪراسنگن جي تبديلي، ريلوي نظام جي بحالي ۽ پهرين مرحلي ۾ پنهنجي وسيلن سان ڇهه ٽرينون جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ڇهه ٽرينون هلائڻ لاءِ 6.6 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار آهي. هن فوري طور فنڊ جاري ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير جي وفد ۾ سيڪريٽري ريلوي مظهر علي شاهه، جنرل مئنيجر ريلوي عامر بلوچ ۽ ٻيا سينيئر عملدار شامل هئا۔ اجلاس جو مرڪزي نڪتو ريل تي ٻڌل مضافاتي ٽرانسپورٽيشن پلان هو جنهن جو مقصد “سٽي سينٽر کان سٽي سينٽر” سڌو رابطو فراهم ڪرڻ آهي. هي منصوبو لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 70 لک ماڻهن کي سهولت فراهم ڪندو جيڪي سنڌ جي ڪل آبادي جو 67 سيڪڙو آهن۔ منصوبي تحت ڇهن اهم رستن تي 858 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي ٽريڪ جي بحالي جي تجويز ڏني وئي آهي جن ۾ ڪوٽڙي–دادو (181 ڪلوميٽر)، دادو–لاڙڪاڻو–حبيب ڪوٽ (166 ڪلوميٽر)، حيدرآباد–ميرپورخاص–ماروي (200 ڪلوميٽر)، روهڙي–جيڪب آباد (87 ڪلوميٽر)، جيڪب آباد–ڪشمور ڪالوني (124 ڪلوميٽر) ۽ حيدرآباد–بدين (100 ڪلوميٽر) شامل آهن۔ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته هن سيڙپڪاري کان پوءِ ڪوٽڙي کان دادو تائين سفر جو وقت لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ گهٽجي ويندو۔ منصوبي جي مجموعي لاڳت 63.26 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 33 ارب رپيا بنيادي انفراسٽرڪچر (سول ورڪس، ٽريڪ ۽ سگنلنگ)، 27.6 ارب رپيا ڇهن جديد ڊي ايم يو (DMU) ٽرين سيٽن جي خريداري ۽ 2.66 ارب رپيا سار سنڀال جي سهولتن لاءِ شامل آهن۔ تجويز ڪيل بزنس ماڊل تحت انفراسٽرڪچر جا 100 سيڪڙو خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي جڏهن ته پاڪستان ريلوي رائيٽ آف وي (RoW) ۽ ضروري منظوريون فراهم ڪندي۔ اجلاس ۾ 308 غير محفوظ (ان مينڊ) ريلوي ڪراسنگن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ انهن کي مينڊ ڪراسنگن ۾ تبديل ڪرڻ جي 6 ارب رپين واري منصوبي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، جنهن جو مقصد حادثن کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته حڪومت جو مقصد سنڌ جي ڏورانهن علائقن کي جديد، سستي ۽ محفوظ سفري سهولتن سان ڳنڍڻ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان سڙڪن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ شهرين کي محفوظ “سٽي سينٽر کان سٽي سينٽر” سفري سهولت فراهم ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته 858 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي نيٽ ورڪ جي بحالي لاءِ فنڊنگ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ انساني تحفظ ۽ مسافرن جي آرام کي اوليت ڏني ويندي۔ وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تعاون پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات هوندي. هن چيو ته وزارتِ ريلوي سنڌ کي اهڙو ريلوي نظام فراهم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو ماحول دوست هجڻ سان گڏ معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ريلوي منصوبي لاءِ مڪمل فني سهڪار ۽ رائيٽ آف وي فراهم ڪندي۔ روهڙي ريلوي اسٽيشن: اجلاس ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپگريڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو ويو جنهن تي 999.97 ملين رپين جي لاڳت ايندي. منصوبي ۾ پليٽ فارمن جي خوبصورتي، ڇهه اسڪيليٽر لڳائڻ، اسٽيشن عمارتن جي مرمت ۽ شمسي توانائي تي هلندڙ واٽر فلٽريشن پلانٽ جي تعمير شامل آهي. فيصلو ڪيو ويو ته روهڙي ريلوي اسٽيشن کي ڇهن مهينن اندر اپگريڊ ڪيو ويندو۔ عوامي تحفظ: اجلاس ۾ ريلوي ليول ڪراسنگن تي ٿيندڙ حادثن جي سنگين مسئلي تي پڻ غور ڪيو ويو. پاڪستان ريلوي موجب ريلوي حادثن مان 37 سيڪڙو واقعا غير محفوظ ڪراسنگن تي ٿين ٿا تنهنڪري سنڌ حڪومت کان 100 هاءِ رسڪ ڪراسنگن کي مينڊ بڻائڻ لاءِ 6 ارب رپين جي مدد جي درخواست ڪئي وئي آهي۔ هي مضافاتي ريلوي نظام نه رڳو سڙڪن تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۽ مرمت جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻيندو پر شاگردن، ملازمن ۽ واپاري برادري لاءِ هڪ ماحول دوست ۽ باوقار سفري ذريعو پڻ فراهم ڪندو۔ اجلاس جي پڄاڻي پاڪستان ريلوي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ 25 سالن جي فريم ورڪ پارٽنرشپ معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي عزم سان ٿي جيئن ريلوي ترقياتي منصوبن ۾ ڊگهي مدي واري سهڪار کي باضابطه بڻائي سگهجي۔