سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ٽريفڪ رواني کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ٽريفڪ رواني کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم

Posted on: 11 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (10 جون 2025ع) ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. آءِ آءِ چندريگر روڊ تي شاهين ڪمپليڪس کان ٽاور تائين پارڪنگ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اھڙيءَ ريت محمد بن قاسم روڊ کان ڊاڪٽر ضياءُ الدين روڊ تائين، ايس ايم لا ڪاليج وٽ به هر قسم جي گاڏي بيهارڻ تي پابندي آهي. روڊن ۽ فٽ پاٿن تي پارڪنگ ڪرڻ تي پڻ سختي سان پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن جي باري ۾ وڏي وزير  کي باضابطه طور آگاهي ڏني وئي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. غير قانوني پارڪنگ ڪندڙن تي به فوري قانوني قدم کنيا ويندا. گاڏيون ريلوي گرائونڊ ۾ پارڪ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. فينسي ۽ غير معياري نمبر پليٽ واريون گاڏيون ضبط ڪيون وڃن، جڏهن ته غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. وڏي زير واضح ڪيو آهي ته صرف سرڪاري سائيز جي نمبر پليٽون قابلِ قبول هونديون. ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب وڏي وزير جي هدايتن تي ٽريفڪ پوليس مڪمل ايڪشن ۾ آهي.

Back