سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي نائب صدر(وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ) عثمان ديون جي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي نائب صدر(وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ) عثمان ديون جي ملاقات

Posted on: 26 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (25 جولائي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ عالمي بينڪ جي نائب صدر عثمان ديون جي قيادت هيٺ آيل وفد سان وڏي سطح جي اجلاس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير عالمي بينڪ سان شراڪتداريءَ، خاص طور تي 2022ع جي تباه ڪن ٻوڏ دوران ۽ ان کانپوءِ ڏنل ڀرپور مدد تي گهري ساراهه جو اظهار ڪيو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر حسين شاهه، سردار شاهه، سعيد غني، جام خان شورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو خاص صلاحڪار سليم بلوچ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، منصوبابندي ۽ ترقيات جو چيئرمين نجم شاهه، بلديات سيڪريٽري وسيم شمشاد سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. عالمي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازر، نائب صدر جي خاص معاون لبنيٰ حاجي، علائقائي شعبن جي ڊائريڪٽر فائده ايم سعادا ۽ المود ويٽز سميت ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير حڪومت سنڌ ۽ عالمي بينڪ جي وچ ۾ ترقياتي شعبن ۾ مضبوط شراڪتداري کي اجاڳر ڪيو ۽ ٻڌايو ته هن وقت صوبي ۾ بينڪ جي فعال ترقياتي منصوبا بندي جو مجموعي حجم 4.012 ارب آمريڪي ڊالر آهي. هن چيو ته عالمي بينڪ سنڌ جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڀائيوار رهيو آهي. ٻوڏ کانپوءِ جي بحالي ۾ سندن وقت سر مدد ۽ اهم شعبن ۾ لاڳيتي شموليت اسان جي هدفن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي.

گڻ شعبن ۾ سھڪار:

عالمي بينڪ هن وقت سنڌ ۾ جن شعبن ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي انهن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير، تعليم، صحت، زراعت، ڳوٺاڻن علائقن ۾ پاڻي، صفائي ۽ واٽر، ڪراچي جي شهري ڍانچي، توانائي، سماجي تحفظ ۽ ٻوڏ کانپوءِ جي بحالي شامل آهن. وڏي وزير حڪومت سنڌ جي ترقياتي ترجيحن تي زور ڏنو جن ۾ پاڻي، صفائي، صحت، تعليم، توانائي ۽ انساني سرمايي ۾ سيڙپڪاري کي اوليت حاصل آهي. اجلاس دوران وڏي وزير ڪجهه اهم مسئلن جي به نشاندهي ڪئي جن تي ترت ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، عالمي بينڪ جي خريداري ماهر عظميٰ صدف جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ خريداري ماهر جي مستقل بنيادن تي غير موجودگيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن چيو ته عظميٰ صدف منصوبن جي جائزي دوران اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ هن جي غير موجودگي سبب خريداري ۽ جائزي جي عمل ۾ دير ۽ خلل پيدا ٿيو آهي. وڏي وزير عالمي بينڪ کان مطالبو ڪيو ته منصوبا مؤثر نموني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ترت ڪراچيءَ ۾ هڪ تجربيڪار خريداري ماهر مقرر ڪيو وڃي.

ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ هائوسنگ منصوبو:

سال 2022ع ۾ سنڌ، پاڪستان کي تباهه ڪن ٻوڏ جو منهن ڏيڻو پيو جنهن سبب هڪ ڪروڙ 23 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 21 لک گهر تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا ۽ 1100 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. ان سان گڏوگڏ اسڪول، رستا، زراعت ۽ مال متاع کي به سخت نقصان رسيو. ان جي جواب طور، عالمي بينڪ ۽ ٻين بين الاقوامي ڀائيوارن بحالي جي ڪوششن جي شروعات ڪئي. اهي متاثر ٿيل خاندانن لاءِ پائيدار گهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن، جن مان 21 لک گهرن مان 20 لک جي تصديق مڪمل ٿي چڪي آهي. ھيستائين 13 لک کان وڌيڪ بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن جڏهن ته 6 لک کان وڌيڪ گهر تعمير ٿي چڪا آهن. هي منصوبو صنفي شموليت کي به فروغ ڏئي ٿو، جنهن تحت 3 لک عورتن کي زمين جو مالڪي حق ڏنو ويو آهي، گڏوگڏ 10 لک کان وڌيڪ متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. هن بحالي جي عمل ۾ حڪومت ۽ عالمي ڀائيوارن جو گڏيل سهڪار، برادري جي ٻيهر آبادڪاري ۽ معاشي بحالي لاءِ انتهائي اهم آهي.

موسمي حالتن مطابق پائيدار ترقي لاءِ زون بيسڊ واش حڪمت عملي:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صفائي ۽ صحت (WASH) جي منصوبن بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت، ڳوٺاڻن علائقن لاءِ مقامي پاڻي جي دستيابي ۽ موسمي حالتن مطابق، ٽيڪنالاجي بنياد تي هڪ ٽارگيٽڊ واش حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. هن چيو ته هر ڳوٺ پنهنجي جاگرافيائي حيثيت جي بنياد تي هڪ مخصوص حل جو حقدار آهي. هي حڪمت عملي پائيداري، برابري ۽ مضبوطيءَ کي يقيني بڻائي ٿي.

مراد علي شاهه ٻڌايو ته نتيجن موجب 48 سيڪڙو ڳوٺن کي زميني پاڻي جي رسائي حاصل آهي، 38 سيڪڙو ڳوٺن کي واهن يا دريائن جي پاڻي تائين 2000 فٽ اندر رسائي حاصل آهي، 23 سيڪڙو ڳوٺ Left Bank Outfall Drain (LBOD) ۽ Right Bank Outfall Drain (RBOD) جي ويجهو واقع آهن، جڏهن ته 14 سيڪڙو ڳوٺ اڃا تائين قابل عمل پاڻي جي فراهمي لاءِ حل جا منتظر آهن.

وڏي وزير ٻڌايو ته صفائي ۽ حفظان صحت واري منصوبي ۾ موجود کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ڇهن زونز ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾ سامونڊي، بنجر، زرعي ۽ ٻوڏ متاثر علائقا شامل آهن. هر علائقي لاءِ حل جي تياري ۾ ڊرون سروي، مصنوعي ذهانت (AI) بنياد تي نقشه سازي ۽ جيو ٽيگنگ جو استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شراڪتدار ادارا سهڪار ڪري رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ مؤثر نگراني، آپريشن ۽ سار سنڀال (Operation & Maintenance) جو نظام تيار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صاف ٿيل فضلي واري پاڻي کي ٻيهر استعمال ڪندي ننڍا ٻيلن (مني جنگلن) ۽ روزگار سان لاڳاپيل منصوبن جي به شروعات ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته "هي رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو ناهي، پر سنڌ جي هر گهراڻي لاءِ موسمياتي طور محفوظ، باعزت ۽ پائيدار زندگي جي تعمير آهي."

ڪراچي اربن موبيلٽي منصوبو:

وڏي وزير شهري آمد و رفت لاءِ جديد ٽرانسپورٽ نظام جي اهميت تي زور ڏيندي عالمي بينڪ کان “ڪراچي اربن موبيلٽي” منصوبو لاءِ وڌيڪ 17 ڪروڙ ڊالرن جي اضافي فنڊنگ جي ٻيهر درخواست ڪئي. هن ٻڌايو ته عالمي بينڪ هن وقت تائين رڳو 8 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جي منظوري ڏئي سگهيو آهي، جيڪو منصوبي جي مڪمل دائري کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج خدمتن جي بهتري جو منصوبو (ٻيو مرحلو):

وڏي وزير عالمي بينڪ کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ – فیز 2 لاءِ پروجيڪٽ آپريشنز مينوئل جي منظوري جو عمل تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته قرض جي مؤثر عملداري لاءِ هيءَ واحد باقي رهيل شرط آهي. مراد علي شاهه عالمي بينڪ ۽ منصوبي جي انتظاميا ٻنهي تي زور ڀريو ته اهي 21 آگسٽ 2025ع جي آخري تاريخ کان اڳ منظوري وارو عمل مڪمل ڪن ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به توسيع کان پاسو ڪن.

سِليڪٽ منصوبو:

سندھ ارلي لرننگ انہانسمنٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (سِليڪٽ) منصوبي تحت سڀني اسڪولن جي تعمير بابت معاهدا مڪمل طور تي صحيح ٿي چڪا آهن، پر عملدرآمد ۾ دير سبب اهي منصوبا مقرر مدي، يعني 30 اپريل 2026ع تائين مڪمل نه ٿي سگهندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جي ڪامياب تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ قرض جي مدت ۾ هڪ سال واڌ، يعني اپريل 2027ع تائين، جي درخواست ڪئي. عالمي بينڪ جي وفد ضروري قانوني ڪاررواين کان پوءِ توسيع تي آمادگي ظاهر ڪئي.

سماجي تحفظ يونٽ:

سنڌ ۾ سماجي تحفظ جي فراهمي واري نظام کي مضبوط ڪرڻ واري منصوبي ۾ اڳڀرائي جاري آهي ۽ هاڻ ان ۾ وڌيڪ ست ضلعا شامل ڪيا ويا آهن. هي منصوبو في الحال ڊسمبر 2027ع ۾ مڪمل ٿيڻ لاءِ مقرر آهي. منصوبي جي دائري ۽ موجوده رفتار کي نظر ۾ رکندي، وڏي وزير هڪ سال جي واڌ لاءِ درخواست پيش ڪئي ته جيئن هدف مڪمل طور حاصل ڪري سگهجن. وڏي وزير زور ڀريو ته سنڌ حڪومت منصورن جي نفاذ ۾ اداراجاتي صلاحيت ۽ شفافيت کي بهتر بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن عالمي بينڪ جي لاڳيتي مدد تي شڪريو ادا ڪيو ۽ صوبي ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ لاءِ عالمي ڀائيواري، تيزيءَ وارا فيصلا ۽ مستقل تعاون تي زور ڏنو.

Back