سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران بلوچستان ۾ مسافرن جي بيهيمانا قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران بلوچستان ۾ مسافرن جي بيهيمانا قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت
Posted on: 12 Jul 2025 Tags:ڪراچي (11 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان ۾ بس مان مسافرن کي لاھي بي دردي سان قتل ڪرڻ واري وحشياڻي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سندس بيان ۾ وڏي وزير چيو ته بيگناهه شهرين جو اغوا ۽ قتل ناقابل برداشت ۽ انسانيت خلاف عمل آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي اهڙين بزدلاڻي ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. وڏي وزير چيو ته دشمن جي اهڙين سازشن جو مقصد ملڪ جي يڪجهتي ۽ امن کي تباهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته بس مان ماڻهن کي لاھي قتل ڪرڻ بدترين بربريت آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته قوم گڏ ٿي "فتنهءِ هند" جي ناپاڪ ايجنڊا کي ناڪام بڻائيندي. پاڪستان جا دشمن معصومن جو رت وھائي سندن ناپاڪ مقصدن حاصل نه ڪري سگھندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شهيدن جي قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ رياست جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سندن ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.
Back