سنڌ جي وڏي وزير ۽ زمبابوي جي سفير جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون تي ڳالهه ٻول

سنڌ جي وڏي وزير ۽ زمبابوي جي سفير جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون تي ڳالهه ٻول

Posted on: 27 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (26 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پاڪستان ۾ زمبابوي جي سفير جناب ٽائٽس ايم جي ابو باسوتو وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن جي واڌاري، گڏيل تعاون جي موقعن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وڏي وزير جي سيڪريٽري عبد الرحيم شيخ، ڪراچي ۾ زمبابوي جي اعزازي قونصل جنرل سيد مظهر ناصر، ڊپٽي هيڊ آف مشن جناب ويب اسٽَر ۽ پاڪستان-زمبابوي بزنس ڪائونسل جي نمائندي سيد اظهر علي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن خاص طور تي واپار، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ صنعتي ترقي ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. زمبابوي جي سفير زمبابوي جي فضائيه جي اهلڪارن جي تربيت ۾ پاڪستاني فضائيه جي ڪردار کي ساراهيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۽ زمبابوي جي وچ ۾ سڌي ريت هوائي رابطي سان نه رڳو واپاري سرگرميون وڌنديون پر ماڻهن جي سطح تي لاڳاپا به وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ٻڌايو ته هن وقت پاڪستان مان زمبابوي ڏانهن ٽيڪسٽائيل ۽ دواسازي جون شيون برآمد ٿي رهيون آهن پر انهن شعبن ۾ وڌيڪ واڌاري جي گنجائش موجود آهي. وڏي وزير چيو ته 1995 کان پوءِ پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ڪا خاص واپاري سرگرمي سامهون نه آئي آهي ۽ تعليم، آئي ٽي، ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائيل، ۽ خوراڪ جي برآمد جهڙن شعبن ۾ سهڪار وڌائي معاشي لاڳاپن کي ٻيهر سرگرم ڪري سگهجي ٿو. هن سياحت ۽ زرعي ترقي ۾ تعاون جا امڪان به بيان ڪيا ۽ چيو ته سنڌ ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون گڏيل آهن جن مان گڏجي فائدو وٺي سگهجي ٿو. وڏي وزير پاڪستان-زمبابوي انويسٽمينٽ ڪانفرنس ڪرائڻ جي تجويز ڏني جيڪا وڊيو لنڪ ذريعي به ٿي سگهي ٿي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن، واپاري ماڻهن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ آڻي واپار، سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا جا موقعا ڳولي سگهجن. هن سنڌ جي سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت کاتن کي هدايت ڪئي ته زمبابوي جي سفارتخاني سان باضابطه رابطو ڪن ۽ ڪانفرنس لاءِ ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪن. سفير ابو باسوتو سنڌ سان زراعت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ تعليم ۽ آئي ٽي ۾ به سهڪار وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته زمبابوي جي چانهه پاڪستاني مارڪيٽ لاءِ هڪ پرڪشش برآمد ٿي سگهي ٿي. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي ڌريون گڏجي اهڙن شعبن جي نشاندهي ڪنديون، جتي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون ممڪن هجي. ايندڙ ورچوئل ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير ۽ زمبابوي جي سفارتخاني جا عملدار پنهنجون سفارشون پيش ڪندا.

Back